ابن زياد جو انجام - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Thursday, October 4, 2018

ابن زياد جو انجام

ابن زياد جي ھلاڪت 

دارامارت ڪوفا


 عبيدالله ابن زياد جيڪو ڪربلا جي قِيس جو اھم ڪردار ھو ھن بدبخت جو انجام به انتهائي دردناڪ ٿيو 

سن ۶۷ ھجريء ھئي حڪومت جو تخت عاشقانِ صحابه و اھليبيت جي زير دست ھيو ڪوفي جو دارالحڪومت مختار بن ابو عبيد ثقفيء جي سپرد ھيو ھن بھادر جنگجو مرد اعلان ڪيو ته ابن زياد سان جنگ جي تياري ڪئي وڃي چناچہ ويھ ھزار جو لشڪر ابراھيم بن مالڪ اشتر جي اڳواڻيءَ ۾ روانو ڪيو ويو موصل کان پندرنهن ميل جي مفاصلي تي فرات جي ڪناري تي ابن زياد جي ٽيھ ھزار جي لشڪر سان آمھون سامھون ٿيو ھڪ ڀيرو ٻيهر تاريخ جو ورجاءُ ھيو ساڳيو ئي محرم جو مھينو عاشوري جو ڏينهن ھيو ساڳيو ئي فرات جو ڪنارو ھيو مگر ھن ڀيري محبانِ اھليبيت پُرعزم ھيا ته يزيد جي چيلن امام عالي مقام حسين عليه السلام جي قاتلن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪري کين نشان عبرت بڻايو ويندو جنگ جو آغاز ڪيو ويو ابن زياد جي لشڪر مان
جنگ
بدبخت ايندا رھيا ۽ جھنم رسيد ٿيندا رھيا صبح کان شام تائين جنگ جاري رھي مغرب جي وقت ابن زياد جي لشڪر ۾ ڀاڄ پئجي ويو ۽ مسلمانن جي لشڪر کي فتح ملي ابراھيم پنهنجي سپاھين کي حڪم ڏنو ته جيڪو جتي ھٿ اچي ان کي اُتي پورو ڪيو ۽ سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري کيس پھچايو وڃي ھزارين ابن زياد جا سپاھي قتل ڪيا ويا ۽ قيد ڪيا ويا ابن زياد کي ان ئي فرات جي ڪناري تي قتل ڪري سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪري ابراھيم کي پيش ڪيو ويو ابراھيم بن مالڪ اشتر ابن زياد جو ناپاڪ سر ڪوفي جي دارالامارت مختار بن ابو عبيد ثقفيء ڏانهن موڪليو
مختار بن ابو عبيد ثقفيء ڪوفي ۾ اعلان ڪرايو سڄي ڪوفي جا ماڻهو پھتا مختار ثقفيء کين خطبو ڏنو اي ڪوفيو ڏسو حسين جي قاتلن جو انجام ڏسو الله جي عذاب جي جھلڪ ھي ساڳيو ئي مقام آھي ھي ساڳيو ئي دارالحڪومت آھي ساڳيو ئي دارامارت آھي ساڳيو ئي ڏينهن ۽ ساڳيو ئي مھينو آھي مگر سر ناپاڪ ۽ پليد ابن زياد جو ۽ سندن نامراد ساٿين جو آھي حسين اڄ به زنده آهي يزيد جو نالو نشان باقي نه آھي عزت اڄ به اسلام جي آھي ڪفر اڄ به ھميشه جيان ذليل ۽ 
خوار آھي 
اسلام جو پرچم اڄ به بلند آھي ڪفر جا ڪُنگرا اڄ به غلاميءَ ۾ آھن 
روايت ۾ آهي ته جڏهن ابن زياد ناپاڪ جو سر ڪوفي جي دارالامارت تي لٽڪايو ويو ته ھڪ وڏو ازدھا نمودار ٿيو جيڪو سندس ناسُن کان داخل ٿيو ۽ وات مان ٻاھر نڪتو اھڙيءَ طرح ٽي ڀيرا ٿيو ان کانپوءِ اُھو ازدھو غائب ٿي ويو 
ھڪ روايت ۾ اھو به آھي ته ان کانپوءِ مختار بن ابو عبيد ثقفيء ابن زياد ابن سعد خولي بن يزيد شمر بن ذيلجوش قيس بن اشعث ڪَندي سنان بن انس نخعي عبدالله بن قيس مالڪ بن يزيد ۽ باقي تمام ظالمن جي سِرن کي باھ ڏني وئي يا آڙاھ ۾ داخل ڪيو ويو 
ترمذي شريف جي حديث پاڪ ۾ آھي الله رب العالمين جو واعدو ھيو ته امام حسين جي ناحق خون جي بدلي ستر ھزار يزيدي ماريا ويندا بلڪل ائين ٿيو ستر ھزار يزيدي جھنم رسيد ڪيا ويا جن جو تاريخ ۾ ذڪر لعن طعن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه آھي 
الله رب العالمين کان دعا آهي ته رب ڪريم اھليبيت اطھار جو سچو پڪو عشق عطا ڪري سندن سيرت تي ھلڻ جي توفيق عطا فرمائي يزيد جي ڪردارن کان بچڻ جي طاقت عطا فرمائي حسيني ڪردار سان پنھنجي زندگين کي معطر ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي آمين بجاہ النبي الڪريم