بسم الله الرحمن الرحيم
![]() |
| بسم الله الرحمن الرحيم |
بسم الله الرحمن الرحيم جي فضيلت جاء لاءِ ھڪ ئي ڳالهه ڪافي آھي ته قرآن جي ھر صورت جو آغاز بسم الله الرحمن الرحيم سان ٿئي ٿو روايت ۾ آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جيڪو به مڪتوب روانو ڪرائيندا هئا ته ان جو آغاز بسم الله سان ڪندا ھئا پوء جيستائين الله رب العالمين چاھيو اھو سلسلو جاري رهيو ابو عبد القاسم بن سلامہ جي ڪتاب فضائل القرآن ۾ آ ته جڏهن آيت بسم الله مجرٖھا نازل ٿي ته بسم الله لکندا رھيا جيسيتائين آيت انہ من سليمان و انہ بسم الله الرحمن الرحيم نازل ٿي ان کان پوءِ پاڻ بسم الله الرحمن الرحيم تحرير ڪرائيندا رهيا
روايت ۾ آهي ته حضرت منصور بن عمار رستي سان وڃي رھيا ھئا ته زمين تي ھڪ ڪاغذ نظر آين جنهن تي بسم الله لکيل ھئي پاڻ ڪاغذ کڻي ۽ رکڻ جو ارادو ڪيئون مگر ڪا جاء مناسب نه لڳن بالآخر پنو ڳِيھي ويا رات جو ستا ته خواب ۾ بشارت ملين ڪو شخص چئي رھيو ھو ته اي منصور تو الله جي اسم جي عزت ڪئي آهي خدا تنھنجي مٿان حڪمت جا دروازا کولي ڇڏيا آھن ان کانپوءِ جڏهن به ڳالھائيندا ھئا ته حڪمت جي ڳالهه ڪندا ھئا
رسول الله صلي عليه وسلم جو ارشاد مبارڪ آھي جنھن ڪاغذ تي الله جو اسم گرامي لکيل ھوندو آھي فرشتا ان کي گھيرو ڪندا آهن جيستائين ڪو الله جو دوست اچي ان کي کڻي جيڪو شخص ان کي بلند ڪندو آ الله رب العالمين ان کي عليين ۾ بلندي عطا فرمائيندو آهي
حضرت بشر الحافي رحمته الله عليه جي توبه جو سبب به اھو ھئو ته ھڪ دفعي رستي سان وڃي رھيا ھئا ته ھڪ ڪاغذ ڏٺائون جنهن تي بسم الله لکيل ھو پاڻ ان کي کڻي ھڪ درھم جو عطر خريد ڪري ان ڪاغذ کي خوشبودار ڪري ديوار جي دراز ۾ بلند ڪري رکيائون جڏهن رات جو ستا ته خواب ۾ کين بشارت ملي ته اي بشر تو اسان جي نالي کي معطر ڪيو آ اسان به توکي قيامت تائين معطر ڪري ڇڏيو آھي
رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي ته پنهنجي تحريرن ۽ خطن ۾ بسم الله لکندا ڪيو ۽ زبان سان به پڙھندا ڪيو
حضرت عثمان غني رضه کان ڪنھن بسم الله جي متعلق پڇيو ته پاڻ فرمايائون ته رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن ارشاد فرمايو ته بسم الله اسم اعظم آ اسم اعظم ۽ ان جي قربت ائين آ جيئن اک جي سفيد ۽ ڪاري پتلي جي الله تعالي جي اسم باطن جو دليل آ ھن جي وسيلي سان جيڪا دعا گھري وڃي اھا قبول ٿي ويندي آهي
روايت ۾ آهي ته بسم الله الرحمن الرحيم جا 19 حرف آھن ۽ دوزخ جا داروغا به 19 آھن جيڪو شخص دل سان بسم الله پڙھندو آھي الله تعالي ان کي دوزخ جي دارغن کان پناھ ڏيندو آهي ھڪ روايت ۾ اھو به آھي ته گناھ چئن قسمن جا آهن رات جا گناھ ڏينهن جا گناھ ظاھري گناھ ۽ باطني گناھ جيڪو شخص بسم الله پڙھندو آھي الله رب العالمين ان جي چئني قسمن جي گناھن کان حفاظت فرمائيندو آهي
![]() |
| بسم الله الرحمن الرحيم |
ھر نيڪ ۽ جائز ڪم کان پھريان بسم الله پڙھڻ مستحب آهي ھڪ بزرگ رحمته الله عليه فرمائن ٿا جيڪو شخص ٻه ھزار ڀيرا بسم الله پڙھي ۽ ھر ھزار کان پوءِ ٻه رڪعت نفل پڙھي ۽ پوء جيڪا سندس نيڪ ۽ جائز حاجت ھجي ان لاءِ دعا گهري ته ان جي حاجت پوري ٿيندي ۽ ان جي دعا قبول ڪئي ويندي
روايت ۾ آهي ته جڏهن عيسي مسيح عليه السلام کي سندن والدہ معلم وٽ ويھاريو ته معلم چَيُن پڙھو بسم الله حضرت عيسي عليه السلام پڇين بسم الله ڇاھي معلم چيو خبر ناهي پاڻ فرمايائون ب معني بھا يعني بلندي س معني سنا يعني نور ۽ روشني ۽ ميم مان مراد مملڪت ۽ بادشاھي آھي ۽ الله معني ھر شيء جو مالڪ رحمٰن معني دنيا ۽ آخرت ۾ رحم ڪرڻ وارو رحيم معني آخرت ۾ رحم ڪرڻ وارو
ھڪ روايت ۾ آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو مون تي ھڪ اھڙي آيت نازل ٿي آهي جيڪا سواء حضرت سليمان عليہ السلام جي ڪنھن ٻئي نبيء تي نه نازل ڪئي وئي اھا آيت بسم الله الرحمن الرحيم آهي حضرت جبار بن عبدالله روايت ڪن ٿا جڏھن بسم الله الرحمن الرحيم نازل ٿي ته ڪڪر مشرق جي طرف لھي ويا ھوائون ساڪن ٿي ويون سمنڊ خاموش ٿي ويو جانور ڪن لڳائي ٻڌڻ لڳا شيطانن تي آسمانن کان باھ جا شعلا وسايا ويا الله رب العالمين پنهنجي قدرت ۽ جلال جو قسم کڻي ارشاد فرمايو ته جيڪو شخص منهنجي نالي جي برڪت سان شروع ڪندو ان کي برڪت عطا ڪئي ويندي
مسند احمد ۾ ابو هريره سعيد بن جبير کان روايت آهي ته جيڪو شخص وضو ڪري ۽ بسم الله نه پڙھي ته ان جو وضو ئي ناھي باز عالمن وضوء کان پھريان واجب لکيو آهي باز ان کي ياد اچڻ تائين موقوف رکيو آهي پر بھتر اھو آھي ته پڙھي
ھڪ روايت موجب ھڪ نيڪ عورت ھئي جيڪا ھر معاملي ۾ ھر وقت بسم الله پڙھندي ھئي ان ڳالھ کان سندس مڙس ڏاڍو چڙندو ھو ھن سوچيو ڪا سٽ سٽي گھر واريءَ کي ذليل ڪيان چنانچہ ھن ھڪ ٿيلھي گھر واريءَ کي ڏني ته سنڀالي رک بعد ۾ ضرورت پوندي ته ڏجانء ان نيڪ عورت اھا ٿيلھي گھر جي ڪنھن ڪنڊ ۾ سنڀالي رکي ھن شخص رات جو موقعو ڏسي اھا ٿيلي کڻي ۽ کوھ ۾ اڇلي ڇڏي صبح تي گھر واريءَ کي چيائين ٿيلھي کڻي اچ ڪم ۾ آھي الله جي قدرت ھوء عورت بسم الله پڙھندي ۽ اچي پھتي ھوڏانھن الله رب العالمين جبرائيل کي حڪم ڪيو ته وڃ يڪدم کوھ مان ٿيلھي ڪڍي ان جاء تي رک جتي موجود ھئي جبريل عليہ السلام کوھ مان ٿيلھي ڪڍي اچي ان ئي جاء تي رکي جڏهن ان نيڪ عورت ھٿ وڌائي اڳتي ڪيو ته سندس ھٿ ۾ ٿيلھي ھئي کڻي اچي مڙس کي ڏنائين مڙس جڏهن ٿيلھي سھي سلامت ڏٺي ته ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ الله رب العالمين جي بارگاهه ۾ توبه تائب ٿيو
ھڪ روايت ۾ آهي ته ھڪ ڪافر چور ھڪ گھر ۾ گھڙيو رات جي پھر ۾ چوريءَ جي نيت سان جڏھن ھن ڏٺو ته گھر ۾ صرف ھڪ ڪراڙو ماڻهو ۽ سندس ڌيءَ آهي ته ھن جي دل ۾ شيطان خيال وڌو تہ ھن کي قتل ڪري سندس ڌيءَ ۽ سندس مال متاع تي قبضو ڪر چنانچہ قتل جي ارادي سان ڪراڙي کي اٿاري ۽ مارڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ناڪام ٿي ويو ڪراڙو ھن جي مٿان غالب ٿي ويو ھن بمشڪل پاڻ ڇڏائي ۽ وري مقابلو ڪيو مگر ڪراڙي مڙس ھن کي ٻيھر دسي وڌو اھڙي طرح ٽي ڀيرا کيس شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو ھن چور ڏٺو ته ڪراڙو مڙس ڪجھ آھستي آھستي پڙھي رھيو ھو چور جي پڇڻ تي ڪراڙو چيو ته مان ڪو پھلوان ناھيان مگر توسان مقابلي مھل بسم الله جو ورد ٿو ڪيان ته الله توتي غالب ٿو ڪري ھي معاملو ڏسي اھو چور توبہ تائب ڪري مسلمان ٿي ويو ۽ ھنن سان گڏ رھڻ لڳو ڪراڙي جي انتقال کانپوءِ سندس ڌيءَ سان نڪاح ڪري سندس سڄي ملڪيت جو وارث بڻجي ويو
ڪتاب حياة الحياوان ۾ آھي ته حضرت ابودرداء رضه الله عنہ جي ھڪ ٻانھي ھئي ھڪ ڏينھن کانئن پڇڻ لڳي ته سائين سچ ڏسيو توھان انسان آھيو يا جن پاڻ فرمايائون الحمدلله مان انسان ئي آھيان ان تي ھوءَ چوڻ لڳي ته گذريل چاليھ ڏينھن کان مان توھان کي مسلسل زھر ڏئي رھي آھيان مگر توھان تي ان جو اثر ئي ڪونه ٿو ٿئي پاڻ فرمايائون تو ائين ڇو ڪيو ان جي وجه ڪھڙي آھي ان تي سندن ٻانھيءَ جواب ڏنو ته مونکي توھان سان بغض ھيو ان ڪري پاڻ فرمايائون مان ھر طعام کان پھريان ھيء دعا پڙھندو آھيان بسم الله الذي لا يضر مع اسمہ شيء في الارض ولا في السماء وھو سميع العليم ان ڪري مونکي ڪا تڪليف ڏيندڙ شيء اثر نه ڪندي آھي پوء پاڻ الله جي رضا لاء ان ٻانھيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيو
تفسير ڪبير جي روايت ۾ آهي ته فرعون جڏھن پنھنجو محل ٺھرايو ته ان جي دروازي تي
بسم الله الرحمن الرحيم لکرايائين مگر جڏھن سرڪشي ۽ دعوائي خداونديء سبب حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته يا الله ھي سرڪش ٿي ويو آهي ظالم ٿي ويو آهي ھن کي سندس محفل سميت غرق ڪر ھن کي نست و نابود ڪر الله تعالي فرمايو اي موسيٰ تنھنجي نظر ھن جي سرڪشيء تي آھي مگر منھنجي نظر ھن جي محل جي دروازي تي لکيل منھنجي نالي تي آھي
![]() |
| بسم الله الرحمن الرحيم |
ڪتاب قليوبي جي اندر روايت آهي ته ھڪ يھودي ھڪ عيسائي عورت تي عاشق ٿي پيو مجنونء جيان ديوانو ٿي ويو نه کائڻ جو ھوش رھيس نه پيئڻ جو ھڪ ڏينھن وقت جي مشھور وليءَ حضرت عطاء اڪبر رحمت الله عليه جي بارگاهه ۾ اچي پنهنجي دل جو حال بيان ڪيائين پاڻ رحمته الله عليه ان کي ھڪ ڪاغذ تي بسم الله لکي ڏني فرمايائونس ته ڪاغذ ڳھي وڃ ھن جي برڪت سان الله رب العالمين توکي اطمينان عطا ڪندو توکي تمام غمن کان نجات عطا ڪندو چنانچہ ان يھوديء ائين ڪيو جيئن ڪاغذ سندس پيٽ ۾ پھتو ته ھن جي دل ۾ اطمينان اچي ويو ھن جي قلب ۾ اسلام جو نور پھچي ويو ھن کان دنيا جا سڀ غم وسري ويا عرض ڪيائين سائين ھاڻ مان ھر غم کان آزاد آھيان دل مطمئن آھي مونکي اسلام بابت ٻڌايو ڪلمو پڙھائي مسلمان ڪيو ٻئي ڏينهن تي جڏھن ان عورت کي ھن يھوديء جي اسلام جي خبر پئي ته حاضر ٿي عرض ڪيائين ته سائين مان ئي اھا عورت آھيان جنھن جي عشق ۾ ھي شخص گرفتار ھيو رات مون ھڪ خواب ڏٺو آهي ته ڪو سڏڻ واور سڏي رھيو آ ۽ ھيئن چئي رھيو آھي ته جيڪڏھن توکي پنھنجو جنت ۾ ٺڪاڻو ڏسڻو آهي ته عطاء الاڪبر وٽ حاضر ٿي پاڻ رحمته الله ان عورت کي فرمايو اگر توکي جنت ۾ پنھنجي جاء ڏسڻي آھي ته پھريان توکي ان جو دروازو کولڻو پوندو عرض ڪيائين ان جو دروازو ڪھڙو آھي پاڻ رحمته الله عليه فرمايو پڙھ بسم الله الرحمن الرحيم جيئن ان عورت بسم الله پڙهي ته سندس دل ۾ نور پيدا ٿيو جنھن سندس دل جي دنيا تبديل ڪري ڇڏي عرض ڪيائين مونکي اسلام جي متعلق خبر ڏيو ڪلمو پڙھائي مسلمان ڪيو پاڻ رحمته الله عليه ان عورت کي ڪلمو پڙھائي مسلمان ڪيو اھا عورت گھر واپس آئي رات جو سُتي ته خواب ۾ پاڻ کي جنت جي اندر ڏٺائين اتي ھڪ محل ھو جنھن جي گنبذ تي لکيل ھو
بسم الله الرحمن الرحيم لااله الا الله محمد رسول الله
ھن عورت اھو پڙھيو ھن ٻڌو ڪو چئي رھيو ھو اي عورت جيڪو تو پڙھيو الله رب العالمين ان جي بدلي توکي ان جو سڀ ڪجھ عطا ڪري ڇڏيو جڏهن ھو سجاڳ ٿي ته پنھنجي گھر ۾ موجود ھئي روئي ۽ دعا ڪرڻ لڳي ته يارب تو مونکي جنت ۾ داخل ڪري وري ڇو واپس ڪيو مونکي جنت ۾ داخل فرماء ۽ مونکي دنيا جي غمن کان نجات عطا فرماءِ ھن جي دعا ختم ٿي ڄڻ قبول ٿي آ گھر جي ڇت ڪري پئي ۽ ان جي ھيٺان اچي ان جي جان نڪري وئي الله رب العالمين ان کي معاف فرمائي جنت ۾ داخل فرمائيو


