ڪربلا قدم قدم - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Tuesday, September 18, 2018

ڪربلا قدم قدم

سفر ڪربلا ۽ قيام گاھ قدم قدم


امام عالي مقام حسين عليه السلام جو يزيد جي بيعت کان انڪار کان عاشور جي ڏينهن تائين سفر ۾ جن جاين تي قيام ڪيو انهن جو تاريخ پس منظر ۽ نالا ھن ريت آھن
28رجب تي مديني مان روانگي پنج 5 شعبان سٺ ھجريء ۾ مڪي شريف۾پھتا 4چار مھينا ڏھ 10 ڏينهن مڪي ۾ قيام ٿيو
 مڪي کان ڪربلا تائين 23ڏينھن جو سفر ڪيو ويو
ٻين 2 محرم تي ڪربلا جي پڙ ۾ خيما کوڙيا ويا

مڪي کان ڪربلا جون منزلون


8ذولحج مڪي کان روانا ٿيا 
1پھريون قيام ۽ منزل  بستان بني عامر
2 ٻين منزل ۽ قيام تنعيم 
3منزل ۽ قيام گاھ صفاح امام عالي مقام جي فرزدق ھڪ شاعر سان ملاقات
4 چوٿين منزل ۽ قيام گاھ ذات العرق امام عالي مقام جي بشر بن غالب ۽ عبدالله بن جعفر سان ملاقات
5 پنجون مقام ۽ منزل وادي عقيق
6 مقام غمرہ
7مقام  ام خرمان 
8 مقام سلح
9 مقام افيعيہ
10مقام معدن فزان
11 مقام عمق
12مقام سليليہ
13 مقام مغيثہ ماوان
14مقام  نقرہ
15 مقام حاجز امام ھن مقام تان قيس بن مسھر کي ڪوفي روانو فرمايو ھو 
16 مقام سميراہ
17 مقام توز يا توزہ
18 مقام اجفر ھن مقام تي امام عالي مقام جي ملاقات عبدالله بن مطيع سان ٿي جنهن امام کي واپسيءَ جو مشورو ڏنو
19مقام خزيمہ يا خزيميہ 
20مقام زرود ھتي زھير بن قيس يا زھير بن قين جو قافلو امام عالي مقام سان مليو جنھن مسلم بن عقيل ۽ سندن شھزادن جي شھادت جي خبر کين ڏني 
21  مقام ثعلبيہ 
مقام بطون يا بطان 
22 مقام شقيق يا شقوق
23 مقام زبالہ نافع بن ھلال جي قافلي ۾ شرڪت قيس بن مسھر جي شھادت جي خبر پھتي
24 بطن العقييہ امام جي عمرو بن لوازن سان ملاقات عمرو امام عالي مقام کي واپسيءَ جو مشورو ڏنو
 25 مقام عميہ
26 مقام واقصہ
27مقام شراف
28 مقام تلاب ابو مسڪ
29 مقام جبل ذي حم حر جي لشڪر جو گڏجڻ ۽ امام جو تاريخي خطبو 
30 مقام مسيجد
31 مقام حمام 
32 مقام مغيثيہ
33 مقام ام قرون 
34 عذيب ڪوفي جو رستو جيڪو قادسيہ بحيره جي طرف ھو امام رستو مٽائي ڪربلا جي طرف ڪيو
35 مقام قطاطانہ 
36 مقام طف ڪربلا سان متصل 
37 ميدان ڪربلا ھڪ روايت موجب 4*4ميل ڪربلا جو ميدان امام عالي مقام قيام کان بعد 60ھزار دينارن ۾ خريد ڪيو ۽ انھن کي نصيحت ڪيائون ته شھادت کان پوءِ ھن رستي ۽ مقام ڏانھن ماڻھن جي رھنمائي ڪندا رھندا 
ھي ٻئي محرم الحرام جو ڏينهن ھو امام عالي مقام جو آخري قيام گاھ آخري منزل مقام شھادت بمع آل اولاد و اھلبيت امام عالي مقام کي ان مقام جي خبر ھئي ڪرب معني رنج بلا معني مصيبت تاريخ گواھ آهي ته جھڙو ان ميدان جو نالو ھيو اھڙو ئي رنج قلب مصطفي صلي الله عليه وسلم کي رسايو ويو  بنت زھرہ و علي جي پوري خاندان کي تي تاريخي مصيبتون ٽٽيون شايد ڪنھن جبل تي ٽٽن ھا ته غم مان سياھ ٿي وڃي ھا ياوري ريزہ ريزه ٿي وڃن ھا مگر امام عالي مقام ۽ اھلبيت حرم جي صبر ۽ استقلال جو مثال تاريخ ۾ گواھي جي لاء ڪافي آھي الله ڪريم کان دعا آهي ته سندن صبر ۽ استقامت جو ذرو اسانکي به عطا فرمائي ۽ سندن سيرت تي هلڻ جي توفيق عطا  فرمائي آمين يارب العالمين
طالب دعا سيد عامر قادري عطاري