ماہ صفر ۽ وسوسا عقائد ۽ اسانجو معاشرو - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Sunday, October 14, 2018

ماہ صفر ۽ وسوسا عقائد ۽ اسانجو معاشرو

ماہ صفر ۽ عقائد وهم ۽ وسوسا

الحمد رب العالمين والصلاة والسلام عليٰ اشرف الانبياء والمرسلين
اما بعد فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم بسم الله الرحمن الرحيم
اِنَّ عِدَّةَ الشُّهُوْرِ عِنْدَ اللّٰهِ اثْنَا عَشَرَ شَهْرًا فِیْ كِتٰبِ اللّٰهِ یَوْمَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ مِنْهَاۤ اَرْبَعَةٌ حُرُمٌؕ-ذٰلِكَ الدِّیْنُ الْقَیِّمُ فَلَا تَظْلِمُوْا فِیْهِنَّ اَنْفُسَكُمْ وَ قَاتِلُوا الْمُشْرِكِیْنَ كَآفَّةً كَمَا یُقَاتِلُوْنَكُمْ كَآفَّةًؕ-وَ اعْلَمُوْۤا اَنَّ اللّٰهَ مَعَ الْمُتَّقِیْنَ(۳۶)
بيشڪ الله وٽ مھينن جو تعداد ٻارنھن آھي ڪتاب زمين ۽ آسمان جي تخليق کان ان مان چار مھينا حرمت وارا آھن اھو ئي مضبوط دين آھي( اھو ئي مضبوط عقيدو آهي)
انھن ۾ پاڻ تي ظلم نه ڪيو
سوره توبه آيت 36
واضع ٿيو تہ جڏھن کان ڪائنات پيدا ٿي آ سج ۽ چنڊ وجود ۾ آيا آھن سردي گرميءَ جو سلسلو شروع ٿيو آ ڏينھن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري ٿيو آھي تڏھن کان مھينا ٻارھن آھن
اھي ٻارنھن مھينا ڪھڙا آھن 
1محرم
2 صفر
3 ربيع الاول
4 ربيع الثاني
5جماد الاول
6 جماد الثاني
7رجب 
8شعبان
9 رمضان
10 شوال
11 ذوالقعد
12 ذوالحج

اڄ جو اسان جو بيان انھن ئي مھينن منجھان ھڪ مھيني جي متعلق آھي جيڪو توھان ۽ اسانجي وچ ۾ ھلي رھيو آھي اھو مھينو آھي صفر المظفر جو مھينو 
صفر جي مهيني ۾ اسان جي معاشري ۾ کوڙ ساريون بدشگونيون به پلجنديون رھن ٿيون انھن جي حقيقت کان به توھان کي آگاھ ڪيو ويندو ۽ جيڪي غلط عقيده رائج آھن انھن جي حقيقت کان به توھان کي آگاھ ڪيو ويندو ۽ سھي عقيده ۽ سڌي واٽ جيڪا الله ۽ انجي رسول ڏسي آھي اھا به ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي الله کان دعا آھي مونکي سھي چوڻ ۽ توھان کي سھي ٻڌڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين يارب العالمين
لسان العرب واري لکيو آهي ته اھل مڪہ صفر جي مھيني ۾ سفر ڪندا ھا ايتري تائين جو مڪي ۾ ماڻھن جي تعداد سِفر ٿي ويندي ھئي 
ڪجھ ماڻھن جو خيال ھي آھي ته حرمت وارا مهينا ختم ٿيڻ کان پوءِ ڦر لُٽ مار ڌاڙ جو بازار گرم ٿيندو ھو چور ڌاڙيل ماڻھن جو سمورو مال ٻھاري ويندا ھئا ان ڪري به ھن مھيني کي اھل عرب زمانه جاھليت ۾ منحوس سمجھندا ھئا

زمانہ جاھليت ۾ ماہ صفر جي متعلق عربن ۾ ٻه وڏيون برايون ھيون ھڪ ھي ھن پوري مھيني کي منحوس سمجھندا ھئا ٻيو اھو ته ھي ھي مھينن جو تعداد اڳتي پوئتي ڪندا ھئا ڪڏھن محرم جي جاء تي صفر ڪڏھن صفر جي جاء تي محرم اھڙيءَ طرح حج واري مھيني کي به اڳتي پوئتي ڪرڻ جو جاھلانہ رواج موجود ھو جنھن جي ڪري حج به سمورو سال سفر ھوندو ھو


ياد رھي الله رب العالمين جي ڪا به تخليق ڪا به شيءِ ڪو به ڏينهن ڪو به مھينو ڪا به ساعت ڪو به سال ڪا به صدي منحوس نه آهي بلڪه منحوس اھا گھڙي آھي جنھن ۾ انسان بيعمل آ بي علم آ الله جي ياد کان غافل آ ان جي حبيب جي اطباع کان پري آھي


گھڻا ماڻهو سمجهندا آهن ته صفر ۾ نڪاح نه ڪجي شادي نه ڪجي نه ته بار بار نڪاح ٿيندو

صفر ۾ ڪنھن کان قرض نه وٺجي سڄو سال مٿان  قرض ھوندو

صفر ۾ ڪو سفر نه ڪجي 

صفر گھر جو ٿانءُ نه ڀڄي سڄو سال گھر جا ٿانوَ ڀڄندا 

صفر ڳورھاري عورت کان ڪم نه ڪرايو ويندو آ ته ٻار کي نقصان پھچندو 

انڌي ڪاڻي منڊي بندري يا ڊگھي ماڻهوءَ کي منحوس سمجھيو ويندو آھي 
چٻرو وڻ تي ويھي ته ان کي برو سوڻ سمجھندا آھن
ساڄي اک ڦڙڪي ڪا ڪا مصيبت ايندي 
کاٻي اک ڦڙڪي ته سڀاڳي آ
سج لھڻ کان پوءِ ٻھارو ڏيڻ سان گھر مان برڪت ختم ٿي ويندي 
رات جو آئينو نه ڏسجي نحوست آڻيندو
خالي ڪينچي نه ھلائجي گھر ۾ جھيڙو ٿيندو 
ڪنھن ٻئي جو ڏنل ڪنگو استعمال نه ڪجي پاڻ ۾ جھيڙو ٿيندو 
ڪلھو ٿو ڦرڪي ڪنھن کي ڀاڪر پائبو
ساڄي ھٿ ۾ خارش ٿيندي ته پيسا ملندا 
مرغو ڏينهن جو بانگ ڏئي ته منحوس سمجھيو ويندو آھي 
سج گرھڻ يا چنڊ گرھڻ وقت پيٽ واري عورت کي ڪم ڪار ڪرڻ نه ڏنو ويندو آھي ڇري يا ڪاتيءَ سان ڪا شيءِ ڪپيندي ته ٻار ڪٽيل عضوي وارو پيدا ٿيندو 
نئين ڪنوار گھر ۾ اچڻ کان پوءِ گھر ۾ ڪنھن جو انتقال ٿيو ته ان کي منحوس سمجھيو ويندو آھي
جمعي جي عيد ٿئي ته سال حڪومت لاءِ ڳورو ثابت ٿيندو
سج لھڻ وقت دروازي تي نه ويجھي بيمارين جو گذر ٿيندو آ 
کير پياڪ ٻار کي ڪنگو نه ڏجي نه ته ان جا ڏند ڇِٽا نڪرندا 
ڪنھن ٻار کي سند ڇٽا يا ھيٺ مٿي آيا ته مامن لاء مصيبت آڻيندو 
پيٽ واري عورت کي ميت جي ويجهو اچڻ ناھي ڏنو ويندو ٻار تي اثر ٿيندو 
ننڍي ٻار جي مٿان ڪا شيءِ نه ڏجي ٻار جو قد ننڍو ٿيندو 
ڄاول ٻار جا ڪپڙا نه نپوڙجن ٻار کي پيٽ يا عضون ۾ سور ٿيندو
گھر ۾ ڪٻريون وڙھنديون ته جھيڙو ٿيندو
گھر تي چٻرو ويھي يا ٻولي ته ميت ٿيندي 
صفر مھيني ۾ ڪيترائي ۾ ڪجھ علائقن ۾ ته ھي به پتو پيو آهي ته گھر واريءَ جو بستر به صفر ۾ الڳ ڪيو ويندو آهي ته ڪٿي اولاد ٿي ويو ته اھو منحوس ٿي ويندو نعوذ باللہ


ياد رک اي مسلمان تنھنجا ھي سڀ عقيدا رکڻ حرام آھن جھالت آھن دين کان دوريء جو سبب آهي 
ھي سڀ عقيدا جاھليت واري زماني ۾ ڪافرن جا ھئا 

مسلمانن جا عقيدا ڪھڙا آھن اچ الله جي رسول کان پڇئون
مسلمانن جو عقيدو ڇاھي انھن لاءِ ڪھڙي بشارت آھي اچو ته پياري آقا مديني واري مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي مبارڪ زبان مان ٻڌون
مديني جي تاجدار ارشاد فرمايو ته مونکي ھڪ ڏينھن جبريل ٻڌايو يارسول الله الله تعالي فرمائي ٿو توھانجي امت جا ستر ھزار ماڻھو اھڙا ھوندا جيڪي بنا حساب ڪتاب جي جنت ۾ داخل ڪيا ويندا انھن سان ڪوبه حساب ڪتاب نه ڪيو ويندو حضور فرمائن ٿا مون پڇيو جبريل انھن ماڻھن جي نشاني ڪھڙي ھوندي جبريل عرض ڪيو يارسول الله 
کانو لا يکتؤون ولا يسترقون ولا يتطيرون وعليٰ ربھم يَتوَکَلُون
يارسول الله نه اھي ڪنھن شيءِ کي منحوس سمجھندا نه اھي نه پنھنجن جسم کي زخم ڏيندا نه جادوگرن کان دم ڪرائيندا بلڪه اھي پنهنجي رب تي توڪل ڪندا آھن پنھنجي رب تي يقين رکندا آهن پنھجي رب تي ڀروسو ڪندا آھن

بلڪه ھڪ حديث ۾ حضرت عبدالله بن مسعود نقل ڪن ٿا پياري آقا مديني واري مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو الطيرة شرک  ولطيرة شرک والطيرة شرک 
بدشگوني شرڪ آ بري ڦال وٺڻ شرڪ آ 
ڪنھن کي منحوس سمجھڻ شرڪ آ
برو سونڻ وٺڻ شرڪ آ 
ٻانھي کي گھرجي ته الله تعالي کان سھڻو گمان رکي سٺو گمان رکي 
ھڪ حديث جو مفھوم آهي ته ٻانھو پنھنجي رب کان جھڙو گمان رکندو آهي ان سان ائين ئي ٿيندو آھي

عن ابي ھريرة قال قال رسول الله صلي الله عليه وسلم لا عَدُوِي وَلا صَفَرَ وَلا ھامَةَ
حضرت ابوهريره رضي الله عنه فرمائن ٿا رسول الله صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ڇُوٿ ۾ ڪجھ ناھي صفر ۾ ڪجھ ناھي ۽ چٻري ۾ ڪجھ ناھي (يعني نه ڪنھن جي بيماريءَ ۾ ڪا نحوست آ نه صفر جي مھيني۾ ڪا نحوست آ نه ئي چٻري ۾ ڪا نحوست آ )


‏‏‏‏‏‏أن عبد الله بن عمر رضي الله عنهما، ‏‏‏‏‏‏قَالَ:‏‏‏‏ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ:‏‏‏‏ لَا عَدْوَى وَلَا طِيَرَةَ، ‏‏‏‏‏‏إِنَّمَا الشُّؤْمُ فِي ثَلَاثٍ:‏‏‏‏ فِي الْفَرَسِ، ‏‏‏‏‏‏وَالْمَرْأَةِ، ‏‏‏‏‏‏وَالدَّارِ.  
 عبداللہ بن عمر (رض) نے بیان ڪن ٿا رسول اللہ  ﷺ  جن ارشاد فرمايو 
بيماري جو ڦھلجڻ ڪجھ نه آھي ڪنھن شيءِ ۾ نحوست نه آهي اگر نحوست ھجي ھا ته ٽن شين ۾ ھجي ھا گھوڙي ۾ عورت ۾ يا گھر ۾ 


روايت ۾ آهي ته ھڪ بادشاھ کي ڪنھن دانھن ڏني ته ھڪ شخص آ جيڪو انتھائي درجي جو منحوس آ جيڪو به ان جي منھن پوندو آهي انکي ڪو نقصان پھچندو آھي ان جي ڪنھن ڪم ۾ رڪاوٽ اچي ويندي آهي ان جو ڪم ڊھي ويندو آهي

بادشاهه ان شخص کي طلب ڪيو بادشاهه چيو ھن کي مھمان خاني ۾ ترسايو مان ان جو تجربو ڪرڻ چاھيان ٿو تہ واقعي ھي منحوس آھي يا صرف ڳالھيون آھن
چنانچہ ان شخص کي رھايو ويو صبح جو سوير اٿي علي الفجر بادشاھ جيئن مھمان خاني جو در کوليو ته اھو شخص سامھون ڪجھ ھن کي ڏسي بادشاھ واپس وريو ۽ ٿوري دير کان پوءِ دربار وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳو بادشاھي لباس پائي جڏھن جوتا پائڻ لڳو ته ان جي ھڪ جوتي ۾ وڇونءَ ھيو جنھن بادشاھ کي ڏنگي وڌو بادشاھ وٺي رڙيون ڪيون وزير مشير پھتا حڪيمن کي طلب ڪيو ويو وڏي مشڪل سان بادشاھ جي جان ته بچي وئي مگر ڪيترائي ڏينهن بادشاهه کي بستر تي گزارڻا پيا ان شخص کي قيد ڪيو ويو بادشاھ سھي ٿيو ته کيس ڦاھي جو حڪم ڪيو ويو ان جو ھڪ وزير داناء ھيو جنھن بادشاھ کي چيو بادشاھ سلامت ھن شخص کي منحوس سمجھڻ کان پھريان ڪجھ ڳالھين تي غور ڪرڻ ضروري آهي ھڪ اھو ته ھي شخص توھان جي ئي مھمان خاني ۾ ترسيل ھو جنھن ڏينھن توھان صبح جو ھن جي منھن پيا ھيئو ان ڏينهن ھن به سڀ کان پھريان توھان جو منھن ڏٺو ھو جيڪڏھن توھان کي وڇونءَ ڏنگيو آھي ته ھن کي به ان ڏينهن کان قيد ڪيو ويو آهي توھان جي جان ته وري به بچي وئي ھاڻ ھن لاء ڦاھي جو حڪم ٿا ڏيو ته ھي سر کان ويندو ڏٺو وڃي ته ھن کان وڌيڪ توھان منحوس ٿيؤ بادشاھ داناء وزير جي ڳالھ ٻڌي ته سندس اکين تان جھالت جو پردو ھٽيو ۽ ان شخص کي آزاد ڪيائين ۽ اعلان ڪيائين ته اڄ ان کان پوءِ هن کي ڪير به منحوس نه سمجھي
عَسٰۤى اَنْ تَكْرَهُوْا شَیْــٴًـا وَّ هُوَ خَیْرٌ لَّكُمْۚ-وَ عَسٰۤى اَنْ تُحِبُّوْا شَیْــٴًـا وَّ هُوَ شَرٌّ لَّكُمْؕ-وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ وَ اَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ۠(۲۱۶)
الله رب العالمين ارشاد فرمايو اي مؤمنؤ قريب آ جنھن شيءِ کي توهان بھتر نہ ٿا سمجھو اھا توھان لاءِ بھترھجي
۽ اھو به قريب آ جنهن شيءِ کي توهان بھتر ٿا سمجھو اھا توھان لاءِ بھتر نہ ھجي ان ڳالهه کي 
الله ڄاڻي ٿو توهان نه ٿا ڄاڻو
حضرت صالح کي الله تعالي قوم ثمود ڏانهن مبعوث فرمايو قوم جي ھڪ ٽولي ايمان آندو ۽ ھڪ ٽولي انڪار ڪيو جن انڪار ڪيو انهن حضرت صالح عليہ السلام کي چيلنج ڪيو ته اگر تون الله جو سچو نبي آھين ته الله کي چئه ته اسان کي عذاب ۾ گرفتار ڪري حضرت صالح عليہ السلام فرمايو توهان خير جي بدلي شر جو سوال ٿا ڪيو الله تعالي ان قوم تي برسات روڪي ڇڏي ڏڪار سخت ڏڪار ٿيو ماڻھو ۽ مال مرڻ لڳو 
تڏهن به ظالم نه سمجھيا ابتو حضرت صالح عليہ السلام ۽ سندن ساٿين کي چوڻ لڳا ته ھي سڀ توھان جي نحوست آھي توھان سڀ منحوس آھيو اسان جا بت اسان کان ناراض ٿي پيا آهن تڏهن اسان تي ڏڪار مسلط ڪيو ويو آهي
اھڙي طرح حضرت عيسي عليه السلام جو وقت آ
عيسي روح الله پنھنجي ٻن ساٿين کي تبليغ جي غرض سان انطاڪيہ روانو ڪيو ھڪ جو نالو آ صادق ٻئي جو نالو آ صدوق ھي انطاڪيہ پھتا اتي ھڪ جاءِ تي سندن ملاقات ھڪ شخص سان ٿي آ تاريخ سندس نالو حبيب نجار لکيو آ جيڪو جھنگ ۾ ٻڪريون پيو چاري ھن شخص ھنن کان پڇيو آ توھان ڪير آھيو ڪٿان آيا آهيو ڪيئن آيا آھيو ھنن چيو آ اسان الله جي نبيء جا قاصد آھيون اسان توھان کي اسلام جي دعوت ڏيڻ آھيون الله جي نبي جي تعليم پھچائڻ آيا آھيون حبيب نجار چيو ڪا نشاني آندي اٿؤ ھنن چيو ھا اسان بيمارن کي شفا ڏيندا آھيون ڪوڙھين کي ٺيڪ ڪندا آھيون انڌن کي سڄو ڪندا آھيون حبيب نجار چيو ته منھنجو ٻن سالن جو پٽ بيمار آھي انکي ٺيڪ ڪيو ته مڃيندس چنانچہ ھي حبيب نجار جي جھوپڙي ۾ آيا سندس پٽ کي ھٿ گھمايائون ته تندرست ٿي ويو 
حبيب نجار ايمان آندو حضرت عيسي تي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو ھي ڳالھ باھ وانگر ڦھلجي ويئي چئني پاسن کان ماڻھو اچڻ لڳا ھي خبر وقت جي بادشاهه کي پيئي بادشاھ پنھنجا سپاھي موڪلي ھنن کي طلب ڪيو ھنن بادشاھ کي الله جو ۽ الله جي نبي جو پيغام پھچايو مگر بادشاھ بت پرست ھو ھن کي پيغام ٻڌندي ئي باھ لڳي وئي بادشاھ ھڪدم حڪم ڏنو ته ھنن کي قيد ڪيو 
حضرت عيسي کي خبر پيئي ته ان سندن صحابي جنھن جو نالو شمعون ھو کيس روانو ڪيو جيڪو رات جي پھر ۾ لڪي انطاڪيہ ۾ داخل ٿيو بادشاھ جي ويجھن ساٿين سان واسطو قائم ڪري ۽ بادشاھ تائين پھتو آھستي آھستي بادشاھ جي دل کٽي سندس ويجھو ٿي ويو ھڪ ڏينھن بادشاھ کي چيائين بادشاھ سلامت ھڪ عرض ڪيان اگر توهان اجازت ڏيو بادشاھ اجازت ڏني ھن چيو ڪجھ عرصو پھريان توھان ٻن شخصن کي قيد ڪيو اگر اجازت ڏيو ته انھن کي طلب ڪري ھنن جون ڳالھيون ٻڌجن ھنن جو موقف ٻڌجي بادشاھ اجازت ڏني 
صادق ۽ صدوق کي حاضر ڪيو ويو شمعون کائن پڇيو ته توهان ڇا کڻي آيا آھيو ڪھڙو دليل اٿو ۽ پنھجو عقيدو بيان ڪيو 
ھنن چيو اسان جو عقيدو آھي الله ھڪ آھي عيسي الله جو نبي آھي ۽ الله اھو آھي جنھن توھان کي اسان کي سڄي جھان کي پيدا ڪيو آھي سڀني کي روزي ڏيڻ وارو الله آھي
شمعون چيو الله جي ڪا صفت بيان ڪيو صادق ۽ صدوق جيڪا بادشاھ چئي چنانچہ بادشاھ ھڪ ھاريء جي پٽ کي سڏايو جيڪو انڌو ھيو ھنن ان کي ھٿ گھمايو اھو سڄو ٿي ويو ھاڻي شمعون بادشاھ کي چيو بادشاهه سلامت ھاڻي توھان پنھنجي معبود کي چئو ته ھو ڪو اھڙو ڪم ڪري جو ھي لاجواب ٿي وڃن ان تي بادشاھ شمعون کي چيو توکي ته خبر آھي اسان جا معبود بت آھن نه ڳالھائيندا آھن نه ٻڌندا آهن نه ئي ڪو اھڙو عمل ڪندا آھن ان تي شمعون چيو ته اگر توهان جو الله زنده ڪرڻ وارو ته مئل کي زنده ڪيو ته اسان ايمان آڻينداسين 
ان تي بادشاھ ھڪ شخص جو لاش گھرايو جيڪو ست ڏينهن پھريان مئو ھئو سندس لاش بدبودار ٿي ويو ھو صادق ۽ صدوق دعا گھري الله تعالي ان شخص کي زنده ڪيو جنھن الله جي وحدانيت ۽ حضرت عيسي جي نبوت جي گواھي ڏني ۽ سڀني جي سامھون اقرار ڪيئين ته مان ڪافر مئس مون کي جھنم جي باھ جو مزو چکايو ويو جھنم جي ستن وادين ۾ داخل ڪيو ويو توھان جنهن دين تي آھيو اھيو گمراھي وارو دين آھي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو ۽ ھنن حوارين جي پيروي ڪيو 
بادشاهه سميت چند ماڻهن ايمان آندو ۽ باقي ماڻھو چوڻ لڳا توھان ھتان نڪري وڃو توھان منحوس آھيو جڏھن کان آيا آهيو برسات رڪجي وئي ڏڪار ٿي ويو آهي اگر توهان نه ويندؤ ته توهان کي سنگسار ڪنداسين ان تي ھنن چيو منحوس توهان آھيو توھان جي سوچ آھي توھان جا عقيدا آهن توهان جي گمراھي آھي توھان جو ڪفر آهيالله رب العالمين پنهنجي پاڪ ڪلام جي اندر ارشاد فرمائي ٿو

مَاۤ اَصَابَكَ مِنْ حَسَنَةٍ فَمِنَ اللّٰهِ٘-وَ مَاۤ اَصَابَكَ مِنْ سَیِّئَةٍ فَمِنْ نَّفْسِكَؕ-وَ اَرْسَلْنٰكَ لِلنَّاسِ رَسُوْلًاؕ-وَ كَفٰى بِاللّٰهِ شَهِیْدًا

اي ٻڌڻ وارا توکي جيڪا ڀلائي پھچندي آھي اھا الله جي طرف کان ھوندي آھي
۽ جيڪا توکي برائي پھچندي آھي اھا تنھنجي نفس جي ڪري پھچندي آھي اھا تنھنجي بي عمليءَ جو نتيجو ھوندي آھي اھا تنھنجي گناھن جي نحوست ھوندي آھي اھا تنھنجي دين کان دوريء جو سبب ھوندي آھي اھا تنھنجي الله و رسول جي نافرماني جي ڪري ھوندي آھي
الله رب العالمين کان دعا آهي اھڙن تمام عقائدن ۽ گمراھي گمراھين کان پنھنجي پناھ عطا ڪري پنھنجي رب العالمين تي ڀروسو ڪرڻ جي توفيق مرحمت ڪري پنھنجي حبيب جي سيرت تي ھلڻ جي عنايت عطا فرمائي آمين يارب العالمين
طالب دعا سيد عامر قادري