جمعي جا فضائل سنڌي تحريري بيان - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Friday, August 31, 2018

جمعي جا فضائل سنڌي تحريري بيان

                 جمعي جا فضائل و برڪات


   الحمدلله رب العالمين والصلات والسلام علي اشرف الانبياء والمرسلين 

              اما بعد فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم

                             بسم الله الرحمن الرحيم
                              قال الله تبارک و تعالي
ياايھا الذين امنو اذا نودي للصو من يوم لّّٰ جمعته فاسعو الا ذکر الله و ذرالبيع ذلکم خيرلکم ان کنتم تعلمون
اي ايمان وارؤ جڏھن جمعي جي ڏينهن نماز لاء سڏيو وڃي ته ڊوڙو الله جي ذڪر ڏانھن ۽ خريد ۽ فروخت ڇڏي ڏيو جيڪڏهن ڄاڻو ته توھان لاء بھتر آھي
تفسير جي اندر ھن آيت تي تمام گهڻو بحث ٿيل آهي چند بھترين نڪته ۽ احڪام انشاء الله بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين الله ڪريم ٻڌي ۽ عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين يارب العالمين

1 اي ايمان وارؤ جڏھن جمعي جي نماز لاء سڏيو وڃي ته الله جي ذڪر ڏانھن ڊوڙ
ان مان مراد اھا ھرگز نه آھي ته مسجد ڏانهن ڊوڙي پھچو بلڪه ان مان مراد ھي آھي ته نماز لاء تياري ڪيو ۽ جيترو جلدي ٿي سگھي ته مسجد ۾ پھچو نماز جي خطبي شروع ٿيڻ کان پھريان پھريان
2 ھن ئي آيت ۾ اھو بيان ڪيو ويو ته خريد ۽ فروخت ڇڏي ڏيو ھن ڳالھ ۾ مفسرن جا اختلاف آھن ڪن جي نظر ۾ جمعي جي پھرين اذان ٿيڻ شرط مؤمنن ايمان وارن لاء قرآن جي حڪم موجب خريد فروخت ڪاروبار حرام آھي ته ڪن مفسرن جي راء اھا آھي ته ڇو جو مديني واري سائين جي زماني ۾
جمعي جي نماز لاء ھڪ ئي اذان ڏني ويندي هئي صرف خطبي جي وقت ان ڪري خطبي واري اذان جي اچڻ تائين ڪاروبار ڪري سگھجي پر بھتر اھو آھي ته پھرين اذان ٿيڻ شرط ئي ڪاروبار بند ڪري ۽ نماز جي تياري ڪجي ته افضل آھي

جمعي کي جمعو ڇو چيو ويندو آهي جمعو جمع مان نڪتل آهي
جمعي جي اصل معني آهي جمع ڪرڻ وارو
يعني جمعي جي ڏينهن پوري عالم ۾ مسلمان جمع ٿيندا آھن ۽ رب العالمين جي عبادت ڪندا آهن انڪري ان ڏينھن کي جمعو سڏيو ويندو آهي

اسلام کان پھريان جمعي کي ڇا سڏيو ويندو هو
اسلام کان پھريان جمعي کي يوم العروبہ سڏيو ويندو هو
تمام ڏينھن مان وڌيڪ فضيلت وارو ڏينھن جمعو آھي انڪري ئي قرآن پاڪ جي اندر ان نالي سان ھڪ پوري سورت آھي جنھن کي سوره جمعه سڏيو ويندو آهي
اسلام ۾ سڀ کان پھريون جمعو ڪڏھن ۽ ڪٿي پڙھيو ويو ۽ انجي جماعت ڪنھن ڪرائي
روايت آهي ته جڏهن مديني واري سائين مڪي کان مديني ھجرت فرمائي ۽ مديني جي ويجھو قباء واري مقام تي پھتا ته اھو 12ربيع الاول سومر جو ڏينهن ھو اھو وقت نماز چاشت جو وقت ھو پياري آقا عليه السلام مقام قباء ۾ سومر کان جمعي جي رات تائين ان جاء تي قيام فرمايو ۽ جمعي جي ڏينهن مديني روانه ٿيا رستي ۾ ھڪ وادي آئي جنھن کي بني سالم بن عوف جي وادي جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ان جاء تي مسجد جمعه جو قيام ڪيو ويو۽ صحابن جي سٿ سان گڏ پياري آقا مديني واري مصطفي اسلام جو پهريون جمعو ادا فرمايو ۽ خطبو ارشاد فرمايو ھي اسلام جو پھريون جمعو ھئو

حضرت ابو لبابہ رضه کان روايت آهي ته پياري آقا عليه السلام ارشاد فرمايو ته جمعي جو ڏينھن سڀني ڏينھن کان فضيلت وارو آ عيدالفطر۽ عيد الاضحي کان به انڪري ته ان ۾ پنج خاصيتون آهن
1 حضرت آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو ويو
2 حضرت آدم عليه السلام کي جنت ۾رهايو ويو
3 حضرت آدم عليه السلام کي زمين تي لاٿو ويو
4 ھن ڏينھن ۾ ھڪ ساعت اھڙي آھي جنھن ۾ دعائون قبول ڪيو. وينديون آهن
5 ان ئي ڏينھن تي قيامت قائم ڪئي ويندي
حليتہ الاولياء ۾ ھڪ حديث حضرت جابر رضه کان روايت آهي فرمائن ٿا جيڪو جمعي جي ڏينهن مري ان کي قبر جي عذاب کان محفوظ رکيو ويندو آ ۽ جڏھن انکي قيامت ۾ اٿارين ويندو ته ان تي شھيدن واري مھر ھوندي
جمعي جي نماز پڙھڻ وارن لاء بہ ھن جي اندر ھڪ خوشخبري آھي حضرت ابو هريره رضه کان روايت آهي ته جنھن شخص سھي وضو ڪيو ۽ خاموشيءَ سان خطبو ٻڌو ۽ دعا ۾ شامل رھيو انجا جمعي کان جمعي تائين جا گناھ معاف ڪيا ويندا آهن ۽ ٽي ڏينھن مزيد اگر ھو ڪو لغو نه ڪري يعني ڪو فضول ڪم يا حرڪت

حضرت ابو سعيد رضه کان روايت آهي ته ته جيڪو جمعي جي ڏينهن 5ڪم ڪري الله تبارڪ تعالي انکي جنتي لکي ڇڏيندو آهي
1مريض جي عيادت ڪري
2 جمعي جو روزو رکي
3 غلام آزاد ڪري
4جنازو پڙھي
5 جمعي جي نماز پڙھي

جھڙي طرح جمعي جي پڙھڻ ۾ بيشمار بشارتون۽ ثواب آھي اھڙي طرح جمعي ڇڏڻ جون وعيدون پڻ آھن
حضرت اسامه رضه کان روايت آهي ته جنھن بنا ڪنهن شرعي عذر جي ٽي جمعا ترڪ ڪيا اھو شخص منافق آھي

ڪجھ چند مسئلا
1جمعو فرض عين آھي بنا ڪنھن شرعي عذر جي ترڪ ڪرڻ وارو منافق آھي گمراھ آھي
2 جمعي جي فرضيت جو انڪار ڪرڻ وارو دائره اسلام کان خارج ٿي ويندو آهي
3 جمعي جي جماعت ضروري آهي ان جي تعداد گھٽ ۾گھٽ ٽي بالغ مرد آھن
4 جمعي جو خطبو ٻڌڻ واجب آهي
5 خطبي جي دوران ڳالھائڻ ڪا نقل مڪاني ڪرڻ يا بنا شرعي عذر جي حرڪت ڪرڻ حرام آهي

جمعو ڪنھن تي فرض آهي مسلمان
1 عاقل2 بالغ3 مرد 4مقيم 5آزاد
جمعي جون سنتون ۽ آداب
1غسل ڪرڻ
2خوشبو لڳائڻ
3نوان يا ڌوتل صاف ڪپڙا پائڻ
4ڏندڻ ڏيڻ
5جلدي مسجد ڏانهن اچڻ
6درود ڪثرت سان پڙھڻ
7 مسلمانن کي سلام ڪرڻ
8نماز کان پوءِ سلام ۽ مصافحو ڪرڻ

ھڪ حديث پاڪ ۾ جمعي کي عيد جو ڏينهن به چيو ويو آهي
قال رسول الله صلي الله عليه وسلم
يوم الجمعہ عيدين فجعلہ الله المسلمين
يعني رسول الله صلي الله عليه وسلم فرمايو جمعو مسلمانن لاء عيد جو ڏينهن آهي
جمعي کي تمام ڏينھن جو سردار به سڏيو ويو آهي
حضور عليه السلام ارشاد فرمايو جمعي جي ڏينهن مون تي ڪثرت سان درود پڙھندا ڪيو انڪري ته جمعي جي ڏينهن درود پڙھڻ وارن جا درود مون ڏانهن خاص پھچايا ويندا آهن
پياري آقا عليه السلام ارشاد فرمايو جمعي جي ڏينهن الله رب العالمين فرشتن کي دفتر عطا فرمائيندو آهي۽ ھو مسجد جي دروازي تي بيھي رھندا آھن جيڪي سڀني کان پھريان ايندا آهن ان جي حق ۾ اٺ جيتري صدقي جو ثواب لکندا آهن جيڪي انھن کان پوء ايندا آهن انھن جي حق ۾ ڳئون جيتري صدقي جو ثواب لکندا آهن جيڪي انھن کان پوء ايندا آهن انھن جي حق ۾ دنبي جيتري صدقي جو ثواب لکندا آهن ۽ جيڪي انھن کان پوء ايندا آهن انھن جي حق۾ ڪڪڙ جي صدقي جو ثواب لکندا آهن ۽ جيڪي آخر ۾ايندا آهن انھن جي حق۾ ھڪ بيدي جيتري صدقي جو ثواب لکندا آهن بس جڏھن امام ممبر تي بيھندو آھي ته دفتر ويڙھي ۽ خاموشيءَ سان خطبو ٻڌندا آھن

ھڪ روايت ۾ آھي ته خطبي جي دوران اچڻ وارا ترڪ واجب جا مرتڪب آھن انھن کي جمعي نماز جو ثواب نه ملندو آهي مگر ظھر جي نماز جيترو ثواب ملندو اٿن باقي سندن مٿان جمعي جو بار بيشڪ لھي ويندو آهي يعني ھو جمعي جي ترڪ ڪرڻ واري وعيد کان بچي ويندا آهن
واللہ اعلم و رسولہ
حضرت اوس بن اوس رضہ کان روايت آهي ته جنھن جمعي جي ڏينھن غسل ڪيو ۽ اول وقت ۾ مسجد ڏانهن ويو ۽ خاموشيءَ سان خطبو ٻڌو ۽ امام جي ويجھو رھيو تہ ان کي ھڪ سال جي روزن ۽ ھڪ سال جي عبادت جو ثواب ملندو ۽ الله وٽ اھو آسان آهي

جمعي جا چند نالا به ڪتابن ۾موجود آهن
يوالجمعہ
يعني جمعي جو ڏينهن

يوم الجامعہ
يعني جمع ڪرڻ وارو ڏينھن
يو.العروبہ

يوم النشر
يعني قيامت جي قائم ٿيڻ ۽ صور ڦوڪڻ وارو ڏينھن
يوم الحساب
يعني حساب ڪتاب وارو ئ
يوم الزيارت
يعني زيارت وارو ڏينھن ھن مان مراد ٻن ڳالهين ڏانھن اشارو آھي ھڪ تہ ھن ڏينھن خاص قبرن جي زيارت جو حڪم ڪيو ويو ٻي مراد اھا تہ جمعي جي ڏينهن الله رب العالمين جنتين کي پنهنجي زيارت سان مشرف فرمائيندو
يوم المغفرت
يعني گناھن کان مغفرت ڪرائڻ وارو ڏينھن
يوم الدرود
يعني درود شريف جي ڪثرت ڪرڻ وارو ڏينھن
يوم العيد
مؤمنن لاء عيد جو ڏينهن
يوم المشھود
يعني شاھدي ڏيڻ وارو ڏينهن
وغيره
الله رب العالمين کان دعا آهي ته مالڪ ڪريم اسان جي ھيء ڪوشش قبول فرمائي ۽ ھن معلومات کي گھڻي کان گھڻو مسلمانن تائين پھچائڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين يارب العالمين
از قلم سيد عامرقادري