واقعہ ڪربلا ڀٽائيءَ جي ڪلام مان
جيئن ئي محرم جو چند نظر ايندو آهي ته ھر ذي شعور ۽ اھل دل کي احساس جاڳي پوندو آهي ته ھي مھينو غم جو مھينو آھي ڏک ۽ سوز جو مھينو آھي شھيدن جو مھينو آھي شھادتن جو مھينو آھي ھر حساس دل رکندڙ انسان شھيدن جي غم کي محسوس ڪندو آهي کين ياد ڪندو آهي کين خراج عقيدت پيش ڪندو آھي اھڙي ريت سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ولي ابن ولي سيد السادات فاني في الله درويش صفت قلندري طريقي وارو ولي شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه به جيئن ئي محرم جو چنڊ ڏسندو ھو ته ڄڻ ڪربلا جو سڄو منظر پنھنجي روحاني ء عرفاني شاعري سان رت جي ڳوڙھن سان ڳائي شھيدن تي عقيدت جا گل نڇاور ڪندو هو
چنڊ ڏسي ارشاد فرمائيندا هئا
ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـيـو؛
ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.
مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ
مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين!
وري جڏهن امام عالي مقام حسين عليه السلام
مديني مان ھجرت جو ارادو ڪري پنھنجي وطن کي ڇڏيو آ شاھ ڀٽائيءَ جو روح جاڳي پيو آ ارشاد فرمائن ٿا
مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛
ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!
مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛
ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!
آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئـِيا
امام عالي مقام جڏھن مديني مان ھجرت ڪئي ۽ وري مڪي ۾ چار مھينا ڏھ ڏينھن قيام کان پوءِ ڪوفي روانه ٿيا جڏھن ڪربلا ۾ پھتا ته اتي پنھنجي لشڪر کي حڪم ڪيائون ته ھي اسان جو آخري قيام واري جاء آھي ھتي خيما لڳايو ان ڳالھ کي ڀٽ ڌڻيءَ ھن ريت بيان ڪيو آهي
ڪربلا ل جي پڙ ۾ خيما کوڙيائون
جھيڙو يزيد سامهون جنبي جوڙيائون
منھن نه موڙيائون پسي تاءُ ترار جو
ٻين محرم الحرام جي ڏينهن حر امام عالي مقام جي لشڪر کي گھيرو ڪيو ۽ ابن زياد ھن کي خط لکي حڪم ڏنو ته حسين ۽ سندس لشڪر تي سختي ڪر ابن زياد جي ظالم سپاھين عمر بن سعد جي سربراهي ۾ امام عالي مقام جي لشڪر جو پاڻي بند ڪيو ان منظر عبدالطيف ڀٽائي ھن طرح بيان ڪيو
ڪوفيِ ڪربلا ۾ پاڻي نه پيارينِ
اُتي عليء شاھ کي شھزادا سارينِ
نڪريو نھارينِ چڙھ مير محمد عربيِ
نڪريو نھارينِ چڙھ مير محمد عربيِ
10محرم الحرام جي رات امام عالي مقام پنھنجي ساٿين کي گھرائي ۽ چيو ته يزيد جي دشمني مونسان آھي ھنن کي منھنجي جان ۽ سر گھرجي توھان منجھان ھر ھڪ کي منھنجي اجازت آهي ڪير وڃڻ چاھي ته وڃي سگھي ٿو پاڻ ڏيئو وسائي ٿوري دير انتظار ڪرڻ لڳا ڪافي دير کان پوءِ جڏھن ڏيئو روشن ڪيو ويو ته ھر ھڪ پنھنجي جاء تي ھشاش بشاش موجود ھئو ڄڻ ھر ھڪ قربانيءَ لاء تيار ھو ۽ زبان حال سان چئي رھيو ھو ته اسان جي جسم جا ٽڪرا ڪيا وڃن ته به پوئتي نه هٽنداسين ان ڳالهه کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن طرح بيان ڪيو آهي
آيا اُجارين تَنڪ تراريون تُئرا
سانگيُون سائُن ھٿَ ۾ ڪُلھئُون نه لاھِين
اُڀائيِ آھيِن مُھائي مرَڻ تي
اُڀائيِ آھيِن مُھائي مرَڻ تي
ھيڏانھن 10محرم جو سج اڀريو ته حر جو روح جاڳي پيو ان جي حقيقي غيرت جاڳي پئي توبھ تائب ڪري اچي امام عالي مقام جي لشڪر۾شامل ٿيو
شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن طرح بيان ڪيو
حر ھلي آئيو مانجھي مردانو
آھيان عاشق اڳ جو پتنگ پروانو
من راضي ٿئي رسول نبي تو نانوھي سر سمانو گھوٽ متان ئي گھورِيان
من راضي ٿئي رسول نبي تو نانوھي سر سمانو گھوٽ متان ئي گھورِيان
ڏھين محرم جي صبح کان جنگ جو آغاز ٿي چڪو ھو ھوڏانھن يزيدي فوج جا انبار ھيڏانھن اڃارا جوان ٽن ڏينهن جا پياسا آمھون سامھون اچي ٿيا ڪافرن جا سر وڍڻ لڳا اھڙي ته جنگ جوڙيائون جو زمين ۽ آسمان اھڙي جنگ اڳ نه ڏٺي هئي
ڪامل ڪربلا ۾ آيا جُنگَ جوان
ڌرتِي ڌُٻيِ لرزيِ ٿرٿليا آسمان َ
ڪرھ ھُئي ڪانہَ ھو نظارو نِينهن جو
امام عالي مقام حسين عليه السلام ڪربلا جي ميدان ۾ پنھنجي ڪنھن بہ شيء کي رب جي ذات تي مقدم نه رکيو پنھنجو مال اولاد دوست عزير اقارب سڀ بارگاھ خداوندي ۾ پيش ڪري ڇڏيا ۽ الله رب العالمين ڄڻ ھر ھڪ جي قرباني پنهنجي بارگاهه ۾ قبول ڪئي
ھن انداز کي ھن آزمائش ۽ قربانيءَ کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن طرح بيان ڪيو
دوستَ ڪُھائي دادلا مُحبَ مارائي
خاص خليلن سين سختيون سھائي الله صمد بي نياز سا ڪري جا چاهي
انھيءَ منجھ آھي ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي
ڏھين محرم الحرام جي عصر ٽيپھريء جي وقت امام عالي مقام پنھنجي مصري عباء پائي ناني جو عمامو سجائي بابي علي جي تلوار کڻي امير حمزه جي زره پائي ذوالجناح گھوڙي تي سوار ٿي ميدان ڪربلا۾ آيو سراپا مظھر مصطفي حوصلي ۾ حيدر ڪرار شجاعت ۽ بھادريء ۾ اسدالله و اسد رسول جي جھلڪ ڏسي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن طرح بيان ڪيو
گھوڙو گھوٽَ پلاڻيو مٿس زِينَ ڌري
عليء شير پُٽن کي اُڀو سڏَ ڪري
قضا ڪيئن ٽَري جيئن اَمُر الٰھِي آئِيو
بظاھر ته امام حسين اڪيلو ھيو تنھا ھيو مگر ساڻس گڏ الله ھيو
ھي منظر ڏسي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن طرح بيان ڪيو
حسن ناھي حسين وٽ ٻيلي نه ٻانھون
ساڻِيھ شھزادن جو آھي آڳاھون
يَزِيدَ جُلاھُون تيلان ڪرِين تَڪڙيُون
ھاڻي وقت عصر آ حسين يزيدين جي فوج پير اکيڙڻ لڳو آ ھڪ ھڪ سپاھي کي جھنم ۾ پھچائي رھيو آ اذان عصر آ اذان جو آواز ٻڌي حسين تلوار آ روڪي آ ڄڻ شھادت قبول ڪئي آ
جيئن سر سجدي ۾ جھڪايو ٿن ته يزيدين تيرن ۽ تلوارون جا وار شروع ڪري ڏنا آھن ھي منظر ڏسي زمين ۽ آسمان روئڻ لڳا آسمان ۾ فرشتا روئڻ لڳا خيمن ۾ اھلبيتن جي آھ بڪا ھئي جھنگ جي جانورن ۾ ڄڻ روڄ پئجي ويو ھو
شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن طرح بيان ڪيو
حسن ميرَ حسين کي رُنو ٽِنِ ٽَولَنِ
گھرَ ماڙُھِين جھنگَ مِروُئين اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ
پکيُن پاڻُ پڇاڙيو ته لڏيو ھوتَ وڃَنِ
الا شھزادن سوڀُون ڏِين سچا ڌڻِي
پکيُن پاڻُ پڇاڙيو ته لڏيو ھوتَ وڃَنِ
الا شھزادن سوڀُون ڏِين سچا ڌڻِي
امام عالي مقام شھيد ٿي چڪو ھو جنت ڏانھن وڃي چڪو ھو پنھنجي ناني جي واعدي کي پاڙي چڪو ھو ڪلمي جي بقا لاءِ پنھنجو سڀ ڪجھ لٽائي چڪو ھو ھي منظر ڏسي شاھ عبداللطيف ڀٽائي ھن طرح بيان ڪيو
جنت سندين جوء فائق ھليا فردوس ڏي
فانِي ٿيا في الله ۾ ھُو سِين ٿيا سي ھوء
رب ڏيکارين روء انھن جي احسان سين
ڪربلا جو ھي قيس ڏسي ڪڪر ڪراٽجي ويا پاڻي رت بڻجي ويو آسمان تي شام غريبان ڇانئجي وئي اھلبيتن جو ڪافلو لٽجي چڪو ھو ھر دور ۾ سندن قربانيءَ کي ساري ايمان وارا کين خراج عقيدت پيش ڪندا رھندا ۽ جيئن چوندا رھندا
شاھ است حسين بادشاھ است حسين
دين است حسين دين پناھ است حسين
سرداد نه داد دردست يزيد حقا که بناء لااله است حسين
