ٻين محرم الحرام کان ڏھين محرم الحرام جا واقعات
ٻين محرم الحرام تي قيام ڪربلا دوران ابن زياد جو قاصد امام عالي مقام وٽ ھڪ خط کڻي آيو جنهن ۾ يزيد جي بيعت جو مطالبو ھيو امام عالي مقام جواب ۾ ارشاد فرمايو ته ان خط جو جواب الله جو سخت عذاب آھي قاصد امام عالي مقام جي گفتگو ابن زياد جي سامھون دھرائي جنھن جي رد عمل ۾ ابن زياد عمرو بن سعد جيڪو ري جو گورنر هو جي اڳواڻي ۾ ھڪ لشڪر روانو ڪيو جنهن جي تعداد 22ھزار ھئي
امام عالي مقام کي ھاڻي يقين ڪامل ٿي چڪو ھو ته وقت شھادت قريب آھي پاڻ جنگ جي پھل ڪرڻ کان گريز ڪندا رھيا ڏينھن گذرندا رھيا يزيدين جي فوج جي بدمعاشي به وڌندي رھي ايسيتائين جو ستين محرم الحرام جو سج طلوع ٿي ويو ھاڻي جڏھن ھنن ڏٺو ته امام عالي مقام جي حوصلن کي پست ڪرڻ ناممڪن آھي کانئن بيعت وٺڻ ناممڪن آهي تاريخ گواھ آهي ته ظلم جي انتھا ٿي وئي حوض ڪوثر جي مالڪن جو پاڻي بند ڪيو ويو فوج جي سپاهين کي سختي سان حڪم ڪيو ويو ته پاڻي جانور پين چرند پين پرند پين مگر حسين ابن علي ۽ سندن مختصر لشڪر کي ھڪ قطرو پاڻي نه ڏنو وڃي درياء فرات جو پاڻي به امام عالي مقام جي لبن لاء اڃارو ھئو ڄڻ پاڻي خد تڙپي رھيو ھو امام عالي مقام جي لبن کي چمڻ لاءِ ايتري ظلم ۽ ستم کان پوءِ به نه امام عالي مقام جو حوصلو گھٽ ٿيو نه ئي سندن جانثارن جو سندن گھوڙا پياسا ٻچا پياسا پاڻ پياسا مگر دل پرسڪون ھئي سندن نظر ڪوثر جي پر پيالن تي ھئي کين يقين ھو ته فرات جو پاڻي سندن لبن لاءِ سڪندو رھندو ھاڻي سندن اڃ ڪوثر جي جامن سان اجھندي ڏھينء جي نماز فجر جو وقت ٿي چڪو ھو امام عالي مقام اذان جو حڪم ڏنو نماز فجر جماعت سان انتھائي خشوع ۽ خضوع سان ادا فرمايائون ڏھينء جو سج اڀريو آهي ھوڏانھن يزيدي فوج جنگ جو نقارو وڄائي ڇڏيو آهي
امام عالي مقام پنھنجي خيمن کان ٻاهر نڪري آيا آھن ھڪ تاريخي خطبو ارشاد فرمايائون
بعد از حمد ثنا ھي ياد رکو ناحق خون وهائڻ حرام آهي ۽ خدا جي غضب کي دعوت آھي مون توھان جو ڪھڙو ڏوھ ڪيو آھي مون توھان مان ڪنهن جو گھر ساڙيو آھي ڪنھنجو ناحق خون وھايو آ جيڪڏهن توهان مونکي خط لکي دعوتون نه موڪليو ھان ته مان ھر گز توھان ڏي نه اچان ها جيڪڏهن توھان جي نيتن ۾ خلل آ ته مونکي واپس وڃڻ ڏيو ڀلا قيامت ۾ منھنجي ناحق خون جو توھان ڪھڙو جواب ڏيندؤ ڇا توهان کي خبر ناھي تہ مان حسين ابن علي آھيان رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جو نواسو آھيان ابن فاطمه آھيان ڇا توھان منھنجي فضيلتن کان انڪاري آھيو انھن ته جواب ڏنائون ته اسان کي توهان جي فضائلن جي خبر آھي گفتگو ختم ڪيو ۽ جنگ لاء ڪنھن کي روانو ڪيو
امام عالي مقام ارشاد فرمايو مان حجت تمام ڪرڻ چاھيان ٿو جيئن جنگ جي شروعات نه ڪرڻ جون تمام تدبيرون پوريون ٿي وڃن
يزيدين جي لشڪر جي طرف کان جنگ جو آغاز ٿي چڪو ھو حسيني قافلي جو ھڪ جوان جنھن جو نالو تاريخ ۾ وھب بن عبدالله ڪلبي لکيو ويو آهي پنهنجي ماء جو اڪيلو ۽ دادلو پٽ ھو سندس شاديءَ کي سترھن ڏينهن مس ٿيا ھئا مگر ديوانا وار سر جان گھورڻ لاء سڀن کان اڳ ۾ ھيو سندس ڪراڙي ماء جيڪا بيواھ ھئي مگر بيواھن جي واھ امام عالي مقام تان پنھنجي ٻچي جو سر قربان ڪرڻ ۾ سڀن کان اڳ ڀري ھئي ھي جوان ميدان ۾ لٿو آ سندن سامھون واري واري يزيدي فوج جا سپاھي ايندا رھيا ۽ پنھنجون ناپاڪ گردنون ڪٽائيندا رھيا يزيدي فوج جو ھڪ متڪبر ۽ ظالم شخص جنھن جو نالو تاريخ دانن حڪم بن طفيل لکيو آهي آيو آ مگر وھب بن عبدالله ڪلبي جي ھٿان سندس تڪبر چڪنا چُور ٿيو ۽ ھڪ ئي وار ۾ کيس نيزي تي کڻي ۽ سندس ڪم تمام ڪيو ويو عمرو بن سعد ڏٺو ته ھن جوان کي اڪيلي شڪست ڏيڻ مشڪل آهي ان ڪري سپاھين کي چيائين ته گڏجي حملو ڪيو چئني طرفن کان ظالمن نيزا تير ۽ تلوارون ھلائڻ شروع ڪيون جيسيتائين وھب بن عبدالله شھيد ٿي ويو سندس شھادت کان پوءِ سندس سر ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو ھي حسيني قافلي جو پھريون شھيد ھو
ھوڏانھن حر بن يزيد ھي منظر ڏسي ڏڪي ۽ لرزي رھيو ھو سندس دل ۾ ايمان ڇوليون ھڻي رھيو ھو بار بار عمرو بن سعد ڏي اچي کيس جنگ کان باز اچڻ جو چئي رھيو ھو
ھوڏانھن جنگ جاري ھئي ھيڏانھن حر بيتاب ھو سندس دل بيقرار ھئي ڄڻ تڙپي رھيو ھو حسيني قافلي ۾ شامل ٿيڻ لاء امام عالي مقام کي ڄڻ غيب جي خبر پئجي وئي حر جي بيوسي پاڻ محسوس ڪري ورتائون آخر امام ھئا غريبنواز ھئا بيواھن جا واھي ھئا درگزر جا صاحب ھئا بيقرارن جو قرار ھئا ھڪ ندا ڪيائون آھي ڪو جيڪو اڄ پنھنجي آخرت ٺاھي حسين کان جنت خريد ڪري اڃ ۽ بک جي بدلي ڪوثر جو جام خريد ڪري جنت جا ميوه ۽ محل خريد ڪري حر کي سندس ڀاء مصعب ڏڪندو ڏسي چوڻ لڳو تو جھڙو بھادر جيڪو جنگ جي ميدان ۾ چنڱن ڀلن پھلوانن کي چت ڪندو آ اڄ چند پيادن پياسن جوانن کان ڏڪي رھيو آ حر چيو اي منھنجا ڀاء مان اڄ جنگ جي ميدان کان يا جنگي جوانن کان نه ڊڄي رھيو آھيان بلڪه پنھنجي آخرت کان ڊڄي رھيو آھيان نواسہ رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي سامھون ويندي لرزي رھيو آھيان ڄڻ مان جنت ۽
جھنم جي وچ تي بيٺو آھيان جنت حسين جي آ ھن لشڪر لاء جھنم نظر اچي رھيو آھي دوران گفتگو امام جي صدا سندس ڪن تي پئي آ ۽ تڙپندي لڇندي ڏڪندي گھوڙو ڊوڙائي اچي امام جي قدمن ۾ ڪِريو آھي ۽ عرض ڪيئن ياامام مان ئي اھو شخص آھيان جيڪو توھان کي ھن مقام تي پهچائڻ جو ذميوار آهي عفو درگزر فرمايو ۽ مونکي پنهنجي غلطين جو ازالو ڪرڻ ڏيو امام عالي مقام حر جي پيشانيءَ تي ھٿ رکيو ۽ کيس سندن لشڪر ۾ مرحبا ڪيو ھي منظر جڏهن سندس ڀاء مصعب بن يزيد ڏٺو ته ھن جو ايمان به جاڳي پيو ۽ گھوڙي جي رقاب موڙي اچي حسيني لشڪر ۾ شامل ٿيو ابن سعد جڏھن ھي لقاء ڏٺو ته سندس ھوش خطا ٿيڻ لڳو
ھڪ شخص کي حر کي سمجھائڻ لاءِ موڪليائين جنهن اچي حر کي يزيد جي انعامن اڪرامن ۽ مال دولت جو ڳالهيون ٻڌائي ورگلائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر حر جي دل ۾ اھلبيت جي محبت کان سواء ان وقت ڪجھ به نه ھيو آخرڪار ان شخص ڏٺو ته حر مڃڻ وارو ناھي ان ھڪ تير حر جي سيني ۾ ھنيو حر جوابي ڪارروائي ڪندي ان کي جھنم رسيد ڪيو ھاڻي حر بن يزيد ۽ سندس ڀاءُ مصعب بن يزيد ابن سعد جي لشڪر ۾ ڪاھي پيا ۽ ھڪ کان پوءِ ٻئي جو سر لاھيندا رھيا اھڙي ته جوان مرديء سان وڙھيا جو ڪيترن ئي يزيدين کي جھنم رسيد ڪيائون وڙھندي وڙھندي نيٺ ٻئي شھيد ٿي ويا
امام عالي مقام حر جي لاش کي پاڻ کڻي آيا سندس چھري تان گرد و گبار پنهنجي مبارڪ ھٿن سان صاف ڪيو ۽ کيس خراج تحسين پيش ڪندي انا لله و انا اليہ راجعون پڙھيو اھلبيتن جي لشڪر جا تقريبن پنجاھ جوان ان وقت تائين شھيد ٿي چڪا ھئا باقي صرف اھلبيتن جي گھر جا چند جوان بچيا ھئا اھي به ھڪ ھڪ ڪري شھادتن جا جام پيئندا رهيا ھاڻي امام عالي مقام جي فرزند عالي شان ھمشڪل مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم علي اڪبر جو وارو ھيو
امام عالي مقام امام حسين عليه السلام پنهنجي ھٿن سان کين جنگ لاءِ تيار ڪيو ۽ ميدان ۾ روانو ڪيو سندن چھري جي چمڪ ۽ نورانيت ڏسي يزيدي فوج جا سپاهي به حيران ء پريشان ھئا مگر ابن زياد ۽ يزيد جي انعامن اڪرامن جو سرمي سندن اکين کي انڌو ڪري ڇڏيو ھو حضرت علي اڪبر ميدان جنگ ۾ اھڙي ته جنگ ڪئي جو ابن سعد تي لرزو طاري ٿي ويو حيران رھجي ويو ھن بدبخت کي لڳو ته ھي جوان سندس لشڪر جا پير اکيڙڻ لاءِ ڪافي ھوندو ابن سعد ھڪ شخص جنھن جو نالو طارق ھيو شھزادي علي اڪبر جي مقابلي لاءِ موڪليو کيس لالچ ڏنائين تہ شھزادي علي اڪبر کي نعوذ باللہ قتل ڪر تہ توکي موصل جي حڪومت وٺي ڏيندس ھي بدبخت ميدان ۾ لٿو آ شھزادي ھن کي ھڪ ئي حملي ۾ جھنم رسيد ڪيو ھن جو موت ڏسي سندس پٽ عمر بن طارق ميدان ۾ آيو شھزادي ان کي به جھنم رسيد ڪيو ان کا پوءِ سندس ڀاء طلحه ميدان ۾ لٿو ۽ شھزادي جي ھٿان جھنم ۾ پھتو جنگ جي ميدان ۾ ابن سعد جي ھڪ ھڪ سپاھيء کي ناڪاميءَ جو منهن ڏسڻو پئجي ويو آخرڪار ابن سعد ھڪ ھزار سپاھين کي چئني طرفن کان حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو شھزادي علي اڪبر اھڙي ته جنگ ڪئي جو سڀني جا پير اکڙڻ لڳا مگر ٽن ڏينهن جي پياس نيٺ کين مجبور ڪيو ياابت العطش العطش جون صدائون بلند ڪرڻ لڳا امام عالي مقام کين پنهنجي قريب ڪيو پنھنجي مبارڪ آڱر سندن دھن مبارڪ ۾ وجھي چوسرائي وري جنگ جي ميدان ۾وڏي دليريءَ سان وڙھندا رھيا نيٺ ظالم يزيدين شھزادي علي اڪبر کي بيدرديء سان شھيد ڪيو
علي اڪبر جي شھادت
الله اڪبر انا لله و انا اليہ راجعون
آ امڙ جو کير خشڪ ٿي چڪو آ پاڻيءَ جو ھڪ قطرو به خيمن ۾ موجود ناھي علي اصغر جي زبان خشڪ ٿي وئي آ اڃ جي تڙپ کان مجبور ٿي ماء ٻچڙي کي والد جي ھنج ۾ ڏنو آ ته وڃي يزيدين کان ھن معصوم جي لاء پاڻيءَ جي طلب ڪيو امام عالي مقام ننڍڙي علي اصغر کي ھٿن تي کڻي يزيدين کان ان لاءِ پاڻيءَ جي گُهر ڪئي آ ظالمن پاڻي جي بدلي ۾ ھڪ تير ھنيو آ جيڪو علي اصغر جي ڳلي مبارڪ مان لھي امام عالي مقام جي ھٿن تائين پھتو آ زمين آسمان ھن کان پھريان اھڙو منظر نه ڏٺو ھو پاڻيءَ جي قطري عيوض معصوم جي ڳلي ۾ تير تاريخ ڪڏھن نه لکيو ھو امام عالي مقام ڪم سن علي اصغر جو مبارڪ جسم کڻي خيمي ۾ پھتا لبن تي شڪر ۽ صبر جا ٻول ھئا الحمدلله علٰي احسانہٖ جي تنوار ھئي انا لله و انا اليہ راجعون جي تسبيح ھئي
امام عالي مقام حسين عليه السلام جي شھادت جو دل کراش منظر
بس ھاڻي وقت رخصت آ امام عالي مقام پنھنجي خيمن ۾ آيا آھن زبان تي قرآن جي تلاوت آ شڪر ۽ صبر جي تلقين آ سڀني کي آخري سلام ڪري ۽ ميدان ڏانهن روانا ٿيا آھن تنھا اڪيلا نه اڪبر آ نه قاسم آ نه عباس علمدار آامام عالي مقام ميدان ۾ پھتو آ پنھنجي عالي نسب جو تعرف ھڪ رجز ۾ ڪري ھڪ خطبو ارشاد فرمايائون جنھن ۾ حمد ۽ ثنا کانپوءِ فرمايائون اي انسانو خدا کان ڊڄو جيڪو روز محشر جو مالڪ آ جان وجھڻ ۽ ڪڍڻ ھن جي وس ۾ آ ھو حشر ۾ ھر شيء جو حساب وٺندو منهنجي خاندان جي ناحق خون جو توھان وٽ ڪھڙو جواب آھي منھنجا والدين توهان کان ان جو حساب ضرور وٺندا منهنجي خاندان آل اولاد اصحابن جي خون جا توھان کي حساب ڏيڻو پوندو ان جو ڪھڙو ڏيندؤ ھاڻي منھنجي قتل تي آماده آھيو
اي انسانو ھي دنيا ناپائيدار آھي دنيا جا عيش عشرت فاني آھن اصل زندگي آخرت جي زندگي آھي جيڪڏھن توھان مونکي رستو ڏيو ته مان عرب مان ھجرت ڪري ويندس اگر ان جي باوجود به توھان نه مڙندوء تہ اسان الله جي حڪم تي راضي آھيون ۽ صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارا آھيون الحڪم لله و رضينا بقضائيَ الله
امامي مقام جو ھي خطبو ٻڌي اڪثر ڪوفي روئڻ لڳا مگر دنيا جو طمع حرص ۽ لالچ سندن دل تي ڇانيل هئا شمر ۽ ابن سعد جڏھن ڏٺو ته ڪوفين تي سندن خطاب جو اثر ٿيو آ ۽ روئڻ لڳا آھن ته چوڻ لڳا اسان جي توھان سان ڪا دشمني نه آهي اگر توھان ابن زياد وٽ ھلو ۽ يزيد جي بيعت ڪيو اگر نه ته جنگ کان سواءِ ڪو به رستو ناهي امام عالي مقام کي خبر ھئي مگر ھي خطبو صرف اقامتِ ھجت کي تمام ڪرڻ لاء ھيو
ٽن ڏينهن جو پياسو امام دل تي آل ۽ اصحاب جي فراق جا داڳ کڻي پنھنجي مصري عباء پائي مصطفي جو عمامو سجائي بابي علي جي تلوار ذولفقار کڻي امير حمزه جي زره پائي ذوالجناح گھوڙي تي سوار ٿي تنھا ميدان ۾ لٿو آخري لمحن ۾ به امام عالي مقام ارشاد فرمايو ته مان جنگ لاء نه مگر ناني جي امت جي اصلاح لاءِ آيو آھيان اگر توهان کي جنگ ڪرڻي آ ته موڪليو پنھنجا سپاھي حسين ابن علي توهان جي سامھون آھي جوان ھڪ کان ھڪ ايندا ويا امام کين جھنم رسيد ڪندو رھيو اھڙي ته جنگ ڪئي ٽن ڏينهن جي اڃاري جو تاريخ ۾ اھڙو ڪو به مثال ناھي وڏا وڏا جنگجو ڪَٽجي ميدان ۾ ڪرندا رھيا جيڪو شخص تڪبر سان اچي رجز پڙھي رھيو ھو سندس تڪبر کي امام مٽيءَ جو مھمان پئي بڻايو يزيدين جي لاشن جا ڍير لڳائيندا ويا ايتري تائين جو ھاڻ ڪنھن کي اڪيلي سر امام جي سامھون اچڻ جي جرئت نه پئي ٿي ابن سعد ۽ سندس مشير حيران ۽ پريشان ھئا ھنن اڄ کان پھريان جنگ جا اھڙا منظر نه ڏٺا ھئا بالآخر ھنن بدبختن صلاح ڪئي ته ھر طرف کان ھڪ ھزار سپاھين جا دستا موڪلي ھڪ ئي وقت حملو ڪجي ۽ امام کي شھيد ڪيو وڃي چئني پاسن کان تيرذندازن کي تير ھلائڻ جو حڪم ڏجي ھنن پنهنجي صلاح تي عمل شروع ڪيو ھر طرف کان ظالمن تير ھلائڻ شروع ڪيا ھزارن جي تعداد ۾ يزيدين امام تي حملو ڪري ڏنو گھوڙو ذوالجناح تيرن لڳڻ جي ڪري ھلڻ کان عاجز ٿي اچانڪ ھڪ تير آيو امام عالي مقام جي پيشانيءَ تي لڳو اھا پيشاني جيڪا مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي بوسه گاھ ھئي امام جو سڄو جسم تير سان زخمي آ زمين تي تشريف کڻي آيا زخمن سان چُور ٿي جذباء شھادت سان ڀرپور ٿي راضي برضاء خداوندي
ظالمن جي ظلم ۽ ستم اڃا ختم نه ٿيو هو سندن سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪرڻ لاء ھڪ شخص اڳتي وڌيو جنھن جو نالو تاريخ ۾ نضر بن خراش لکيو آهي مگر امام جي ھيبت ڏڪڻ لڳو ۽ سندس تلوار ھٿ مان ڪري پئي ان کان ظالم خولي بن يزيد اڳتي وڌيو ۽ امام عالي مقام سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ کين بيدرديءَ سان شهيد ڪيو ويو
انا لله و انا اليہ راجعون
ھن واقعات ۾ حضرت غازي عباس علمدار جو واقعو درج نه آهي انشاء الله اڳئين آرٽيڪل۾ انھن جو واقعو تفصيل سان بيان ڪيو ويندو
جزاڪ الله خير
الله تبارڪ و تعالي اسان سڀني کي اھلبيتن جو سچو پڪو غلام بڻائي ۽ انھن جي قرباني کي مشعل راه بڻائڻ جي توفيق عطا فرمائي امامن ۽ اھلبيتن جي سيرت تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين يارب العالمين
سيد عامر عطاري قادري



