
بيان جمعه
وجه تخليق حضرت انسان
الحمد للہ رب العالمین ولعاقبۃ للمتقین الصلاۃ والسلام علیٰ حبیب رب الارض و السماء الذی کان نبی و آدم بین الماء و طین نبی الحرمین امام القبلتین وسیلتنا فی الدارین صاحب قاب قوسین جدالحسن والحسین مولانا و مولی الثقلین نبینا و شفیعنا کریمنا و رحیمنا و مولانا و ملجانا و معوانا محمدً عبدہ و رسولہ
قال اللہ تبارک وتعالیٰ فی القرآن المجید الفرقان الحمید بسم اللہ الرحمٰن الرحیم
وما خلقت الجن ولانس الا ليعبدون
۽ اسان جن ۽ انسان فقط پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيا آهن
عبادت جا ٽي قسم فقہاء ڪرام بيان ڪيا آهن
اعتقادي
اعتقادي مان مراد الله ۽ ان جي رسول نبين رسولن قيامت قبر حشر جنت دوزخ تي ايمان رکڻ اعتقادي ايمان آھي ۽ ھي ايمان جو بنياد آھي
زبان سان اقرار ڪرڻ ڪلمو پڙھڻ قرآن پڙھڻ ذڪر ڪرڻ درود پڙھڻ ھي سڀ قولي عبادت ۾ شامل آھن
عملي
نماز روزو حج زڪات جھاد زيارت معاشرت حلال جي روزيءَ جو حصول وغيره ھي عملي عبادتون آھن
حضرت حسن بصري رحمة الله عليہ کان ھڪڙي شخص پڇيو حضرت برائي کان بڇڻ جو آسان طريقو ارشاد فرمايو
پاڻ فرمايائون اي بنده خدا جنھن جاءِ تي گناھ جو انديشو ھجي اھا جاءِ ڇڏي ڏي
الله رب العالمين پنهنجي پاڪ ڪلام جي اندر ارشاد فرمايو
الذي خلق الموت ولحياة ليبلوکم ايکم احسن عملا
بيشڪ اسان زندگيءَ ۽ موت کي انڪري پيدا ڪيو آھي ته توھان جي پرک ڪيون ته توھان مان نيڪ ۽ چڱا ڪم ڪير ٿو ڪري
يا الله جي چڱا عمل ڪنداسين ته نتيجو ڪھڙو نڪرندو الله تعالي ارشاد فرمايو
جن ایمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا اھي ڀلائيءَ کي پھتا انھن جي جزا سندن رب وٽ جنت عدن آھي ان ۾ ھميشه رھڻ وارا ھوندا
اَیَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَنْ یُّتْرَكَ سُدًىؕ
اي انسان ڇا تو اھو سوچيو آ ته توکي ائين ئي ڇڏيو ويندو
اطيعو الله و اطيعو الرسول لعلکم ترحمون
الله جي اطاعت ڪيو ان جي رسول جي اطاعت ڪيو ته توھان تي رحم ڪيو وڃي
افحسبتم واري آيت جي تحت هڪ واقعو درمنثور ۾ آيو آهي
ھن ئي آيت جي تحت هڪ فڪر آخرت تي مبني واقعو درج ڪيو ويو آهي صاحب ڪتاب لکيو آهي ته بغداد جو شھر آ ڪجھ ٻار راند ڪري رھيا ھئا پر ھڪڙو ٻار آ جنھن جي عمر 8سال آ يا ڏھ سال آ ھڪ ڪنڊ ۾ افسردہ ويٺو آ راند نه ٿو ڪري غمگين سوچن ۾گم آ اکين ۾ لڙڪ اٿس جسم تي لرزو تاري ٿس ھڪ بزرگ جو اتان گزر ٿيو آ ھن ڏٺو تہ سڀ راند ٿا کيڏن مگر ھي ھڪ ڪنڊ ۾ افسردہ ويٺو آ ويجھو آيو پڇڻ لڳس ٻچا سڀ راند ۾ مصروف آھن توھان راند ڇو نه ٿا ڪيو ان ننڍڙي ٻار ارشاد فرمايو آ اي الله جا ٻانھا ڇا تو قرآن پاڪ نه پڙھيو آ
الله تعالي فرمايو آ افحسبتم انما خلقنکم عبثا و انکم الينا لاترجعون
ڇا تو اھو خيال ڪيو آ ته توکي راند روند لاءِ پيدا ڪيو آھي
بزرگ عرض ڪن ٿا توھان سھي چيو آ مگر توھان اڃان ننڍڙا آھيو شريعت جا مڪلف نه آھيو احڪام خداوندي ته بالغ ٿيڻ کان پوءِ نافظ ٿيندا آهن اڃا توھان جي عمر ننڍڙي آھي توھان ننڍڙا ٻار آھيو
فرمائن ٿا اي بنده خدا مونکي ان ڳالھ جو ئي ته خوف آھي ته مان ننڍڙو آھيان منھنجي گھر ۾ جڏھن منھنجي امان باھ ٻاريندي آھي ته پھريان ننڍڙيون ڪاٺيو وجھندي آهي جڏھن باھ ٻري تيز ٿيندي آهي ته پوءِ وڏيون ڪاٺيون وجھندي آهي ڪٿي قيامت ۾ به ائين نه ڪيو وڃي
الله اڪبر اي الله جا ٻانھؤ اھو ٻار ڪير ٻيو نه مگر پنھنجي وقت جو امام وارث قرآن يارھون امام
امام حسن عسڪري ھو
ھن آيت افحسبتم انما جي تحت ابن ابي حاتم ھڪ روايت نقل ڪئي آهي ته حضرت عبدالله بن مسعود وٽ ھڪ شخص کي حاضر ڪيو ويو آهي جنهن تي جن سوار ھو جن ورتل ھيو
حضرت عبدالله بن مسعود پڇيو ھن کي ڇا ٿيو آهي عرض ڪيو ويو حضرت ھن تي ھڪ جن سوار آھي جيڪو ھن کي ڏينھن رات تنگ ڪندو آھي ھن کي تڪليف ڏيندو آهي ھن کي اذيت ۾ مبتلا ڪندو آهي حضرت عبدالله بن مسعود ان شخص کي چيو ته ھن جن ورتل کي منھنجي ويجھو ڪيو پاڻ ان جي ڪن ۾ پڙھڻ لڳا افحسبتم انما خلقنکم عبثا و انکم الينا لاترجعون
راوي چون ٿا حضرت عبدالله بن مسعود جو آئين چوڻ ھو سندن اھا آيت پڙھڻ جي دير ھئي ته اھو جن جو ورتل ھشاش بشاش ٿي ويو ان جاءِ تي ڪيترائي صحابي موجود ھئا جن مديني واري سائينءَ کي اچي اھو واقعو ٻڌايو پياري آقا ابن مسعود کان پڇيو ته تو ان تي ڇا پڙھيو پاڻ عرض ڪيائون يارسول الله
افحسبتم انما خلقنکم عبثا و انکم الينا لاترجعون
پياري آقا ارشاد فرمايو اي عبدالله تنھنجي ھن آيت پڙھڻ سان جن سڙي ويو ھو
ان کان بعد پياري آقا مديني واري مصطفيٰ ارشاد فرمايو اگر ھي آيت ڪير ڪامل يقين سان جبل تي پڙھي ته اھو به پنھنجي جاءِ ڇڏي ڏيندو
حضور جو صحابی آ نالو اٿس ابراھيم بن حارث التميمي فرمائن ٿا پياري آقا مديني واري مصطفيٰ اسان کي ھڪ سريي تي لشڪر سان روانو ڪيو ارشاد فرمايائون صبح شام ھن آيت کي پڙھندا رھجو
اسان ھيء آيت افحسبتم انما خلقنکم عبثا و انکم الينا لاترجعون صبح شام پڙھندا رھيا الله تعالي اسان کي ان جي برڪت سان فتح عطا فرمائي ۽ غنيمت جو مال به عطا فرمايو
سبحان الله
الله رب العالمين کان دعا آهي ته اسان جو ھي بيان قبول فرمائي عمل جھڙين ڳالھين تي عمل ڪرڻ جي توفيق ڏئي
اسان کي دنيا ۾ ايمان جي سلامتيءَ سان رھائي مرڻ ويل ڪلمو نصيب ڪري آخرت ۾ پنھنجي عرش جي ڇانوَ پنهنجي حبيب جي لواء حمد جو سايو ۽ شفاعت حساب ڪتاب ۾ آساني جنت ۾ پنھنجي حبيب جو پاڙو عطا فرمائي آمين يارب العالمين بجاہ النبي الڪريم