*حضرت لقمان حڪيم جون 77 نصيحتون*

- الله سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪر
- صدقو ڪر
- بخل کان بچندو رھ
- مھمان نوازي ڪر
- سوالي کي نه جھنڙڪ
- نماز وقت تي ادا ڪر
- سلام کي عام ڪر
- قبرن جي زيارت ڪر
- موت کي ياد رک
- غفلت کان پاسو ڪر
- خدا کان ڏڄندو رھ
- سنتن کي زندہ رک
- نماز جي پابندي ڪر
- پنھنجي رازن جي حفاظت ڪر
- جيڪا ٻين کي نصيحت ڪرين ان تي پھريان پاڻ عمل ڪر
- ھر ڪم پنھنجي حيثيت جي مطابق ڪر
- پنھنجي ننڍن کي بزرگن واقعا ٻڌاء
- دوستن کي مشڪل ۾ آزماء
- بيوقوفن کان پاسو ڪر
- عقلمندن سان دوستي رک
- سٺا ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪر
- برن ڪمن کان بچڻ جي ڪوشش ڪر
- براين ۽ برن جي صحت کان بچڻ جي راھ اختيار ڪر
- دوستن سان سھڻو سلوڪ ڪر
- سوچڻ سمجهڻ کان پوءِ گفتگو ڪر
- دستن ۽ مدد ڪندڙن سان محبت رک
- پيءُ ماءُ کي غنيمت سمجھ
- استاد کي ٻيو پيءُ ماءُ سمجھ
- خرچ آمدنيءَ جي مطابق ڪر
- ھر ڪم ۾ وچٿرو رستو اختيار ڪر
- حلال پيشو اختيار ڪر
- زبان جي حفاظت ڪر
- ڪپڙن ۽ بدن کي صاف رک
- رات جي وقت آھستي ڳالهه ڪر
- سواريءَ تي پھريان ساڄو قدم رک
- بي حياء مان وفا جي اميد نه رک
- پيء ماء جي خدمت کي عبادت سمجھ
- بنا سکڻ جي استادي نه ڪر
- ڏينھن جو ڳالهائڻ وقت ھر طرف نظر رک
- جيڪو پاڻ لاء پسند ڪرين اھو ٻئي لاءِ به پسند ڪر
- جيڪو به ڪم ڪرين ان ۾ صلاح ڪر
- اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه رک
- پاڻ کان وڏن سان مذاق نه ڪر
- وڏن سان ڏگھي ڳالھ نه ڪر
- پنھنجو مال دوستن ۽ دشمنن کي نه ڏيکار
- رشتيدارن سان رشتو ختم نه ڪر
- نيڪ ماڻھن جي گلا نه ڪر
- ماڻھن جي سامھون وات نڪ يا ڪن ۾ آڱريون نه وجھ
- پيٽ ڀريل ھجي ته ڪجھ نه کاء
- اوٻاسي وقت وات تي ھٿ رک
- ڪنھن جي دل نه ڏُکاءِ
- ڪنھن کي ماڻھن جي سامھون شرمندو نه ڪر
- ٽيڏي اک سان ڪنھن کي اشارا نه ڪر
- پنھنجي تعريف نه ڪر
- پاڻ کي عورت وانگر نه سينگار
- ڳالھائڻ وقت ھٿن کي گھڻو نه ھلاء
- ڪيل ڳالھہ بنا ضرورت ٻيھر نه ڪر
- ڪاوڙ ۾ سچ ڳالهاء
- زمين تي اڪڙجي نه ھل
- زمين تي عاجزي اختيار ڪر
- ڪنھن سان ملين ته سلام ڪر
- الله وارن جي صحبت اختيار ڪر
- بي فائدي ڏاڍي آواز سان نه ڳالھاء
- زندگي گذار الله سان سچائيءَ واري
- نفس سان غصي واري
- مخلوق سان عزت واري
- وڏن سان خدمت واري
- ننڍن سان شفقت واري
- فقيرن کي ڏيڻ واري
- عالمن کان سکڻ واري پڇڻ واري
- جاھلن سان نصيحت واري
- مصيبت تي صبر ڪر
- قرآن جي تلاوت ڪر
- سوير سمھہ سوير اٿ
- ساڙ حدث نه ڪر
- سٺي نصيحت تي عمل ڪر