غازي عباس علمدار
حضرت غازي عباس علمدار جي ولادت با سعادت جي تاريخ
اختلاف آھن مگر سن ھجري تي اتفاق آهي
ڪن محققن 19 جماد الثانيه لکي آ ڪن 18رجب لکي آ مگر اھل ايران و عراق جو 4شعبان تي اتفاق آھي ايمان شجاعت ۽ وفا جي بلندين تي جڏهن به نگاھ ويندي آ ته غازيءَ جو مثال ملڻ مشڪل آ قوت ۾ جلال ۾ فضل ۾ ڪمال ۾ اخلاص ۾ استقامت ۾ پنھنجو مثال پاڻ ھئا انسان جي بزرگَ ۽ برگزيده ھجڻ جي لاء جيڪي خوبيون گھرجن اھي تمام بڪمالِ عروج غازيءَ عباس علمدار جي اندر موجود ھيون سندن لقب حسيني لشڪر جو سپهه سالار علمدار قمر بني هاشم ابو قريه سقاء حرم جگرِ ام البنين دعاء علي عبد صالح شجاع وفاء ڪُل ذڪي سيد طيب رشيد سندن بچپن امام اميرالمؤمنين علي ڪرم الله وجهه الڪريم جي زير تربيت گزريو بچپن کان ئي بادب باوفا ۽ صاحب فھم و فراست ھئا بھادري جوش ۽ جذبي جو اعلي مثال ھئا جنگ صفين ۾ مولي علي جي لشڪر ۾ شامل ھئا مگر کين جنگ جي اجازت نه ملي ھئي سندن فوجي تربيت ميدان ڪربلا لاءِ امانت ھئي
سندن کي قمر بني هاشم جو لقب حس ۽ جمال ۽ بلند قد قامت جي ڪري ڏنو ويو هو
حضرت غازي عباس علمدار وڏا فقيھ دين جي معرفت رکڻ وار متقي پرھيزگار عدل جا صاحب طاھر مطھر اڪابر عالم مدبر فاضل علم ۽ عرفان جو سمنڊ ھئا آخر ڪيئن نه ھجن ھا مولا علي جا شاگرد به ھئا جن کي علم ۽ معرفت جو دروازو چيو ويو پاڻ ھميشہ امامت جي وارثن خصوصاً امام عالي مقام حسين عليه السلام جي خدمت ۾ رھندا ھئا کين امام عالي مقام سان اھا ئي نسبت ھئي جيئن علي ڪرم الله وجهه کي مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم سان ھئي يعني اخي وزير مشير ڏک سک جو ساٿي عباس علمدار ميدان ڪربلا ۾ صبر ۽ استقامت قوت بازو جو اھڙي طرح مظاھرو ڪيو جنهن مثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي
غازي عباس علمدار جو روضو
غازي عباس علمدار جو روضو
غازي عباس علمدار جو نالو جڏهن به زبان تي ايندو آهي ته ذھن ۾ خيال ايندو آ شير دل پيڪر ايثار وفا ۽ رضا به ياد ايندي آ لشڪر حسينيءَ جو سپھ سالار برادر حسين ابن علي شجاعت جو صاحب بھادريء جو پيڪر حسن ۽ جمال ۾ مولا علي جي مثل جلال ۽ ھشمت ۾ امير حمزه جي مثل اخلاق ۽ اطوار ۾ مصطفي جي جھلڪ دعاء زينب عباس علمدار بلقب غازي جڏھن ميدان ڪربلا ۾ ٻار اڃ مان تڙپڻ لڳا بيبي سڪينه مشڪ غازيءَ جي قدمن ۾ رکي غازي مشڪ کڻي امام عالي مقام کان اجازت طلب ڪئي آ امام عالي مقام اجازت عطا فرمائي يزيدين جي فوج جو گھيرو آ فرات جي ارد گرد چار ھزار فوج جا سپاهي پھريدار آھن فرات جي ڪناري ھر ھڪ جنگي سامان سان ليس آھي غازي عباس علمدار جڏھن فرات جي ڪناري تي آيا ته يزيدي فوج جا سپاهي ڏڪڻ لڳا غازي عباس رجز جا شعر پڙھيا
اقاتل القوم بقلب مھتدي اذب سبط النبي احمد
فرمايائون مان ھن ڪافر قوم سان ھدايت واري دل سان جنگ ڪرڻ آيو آھيان احمد نبيء جي حرمن جي حفاظت لاء
مقصد صرف پاڻيءَ جي طلب نه ھيو مقصد صرف جنگ ڪرڻ نه ھيو مقصد امام عالي مقام جي منشور جي حفاظت ھيو امام جي حڪم جي تعميل ھيو دين مصطفي صلي الله عليه وسلم جي حفاظت ھيو غازي عباس فرات جي ارد گرد سپاھين تي تلوار جا کاٻي ساڄي وار ڪرڻ لڳا ۽ ھيئن چوڻ لڳا
لا ارھب الموت اذا الموت زفا
حتي اواري في المصاليت لقا
اني انا العباس اغدو بالسقاء
ولا اھاب الموت يوم الملتقيٰ
مان موت جي طرفان دعوت کان ھرگز نه ٿو ڊڄان ايسيتائين جو منھنجو جسم به خاڪ تي ڪري مان عباس آھيان منھنجو ڪم اڃان جي اڃ لاھڻ آھي دشمنن سان وڙھندي موت کان نه ٿو ڊڄان
يزيدن جي فوج جون صفون ٽوڙيندا لاشن جا ڍير ڪندا فرات ندي ۾ قدم رکيائون پاڻيءَ جو ڍڪ ڀري ٻُڪ ۾ پيڻ جي بجاء نھر فرات ۾ ھاري ڇڏيائون آخر پئين به ڪيئن ھا باوفا جو ھئا بيوفائي ڪيئن ڪن ھا امام عالي مقام سندن حرم پاڪ ۽ ٻچڙا خيمن ۾ پياسا ھئا
فرات جي ھنج ۾ ارشاد فرمايائون
يانفس من بعد الحسين ھُوني
من بعدہٖ لاکنتِ اَن تکوني
ھذا الحسين وارد المَنون
اي نفس حسين کان پوء خوار ٿيجانء ائين ناھي جو حسين کانپوءِ زنده رھندين حسين موت جو شربت پيئي ۽ تون ٿڌو پاڻي ائين ھرگز نه ٿيندو
ھي ڪردار منھنجو ناھي ھي منھنجو دين ناھي پاڻ مشڪ ڀري ۽ ڦڙتيءَ سان نھر فرات مان گھوڙي کي موڙيو اچانڪ
ابن زياد جي يزيدي سپاھين چئني طرف کان تير وسائڻ شروع ڪيا نيزا ھڻڻ شروع ڪيا ھڪ بدبخت شخص جنھن جو نالو زيد بن ورقا ھيو حملو ڪيو ۽ زھر آلوده تلوار سندن ساڄو بازو قلم ڪري ڇڏيو غازي عباس جي ھمت ۽ جرئت ۾ تر برابر ڪو فرق نه آيو سندن نظر خيمن ۾ ٻچڙن جي اڃ تي ھئي امامن جي خشڪ ڳلن تي ھئي پاڻ مشڪ کاٻي ڪلھي تي چاڙھيِ ۽ تلوار کاٻي ھٿ ۾ کنئي ۽ ھيئن فرمايائون
*واللہ ان قطعتمو يميني*
*اني احامي ابدا عن ديني*
*وعن امام صادق اليقين*
*نجل النبي الطاھر الامين*
خدا جو قسم اگر کاٻو بازو به قلم ڪندؤ تڏھن به جھاد ڪندي پنھنجي دين جي حمايت ڪندس سچي ۽ متقي امام رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي فرزند جي حمايت ڪندس
غازي عباس علمدار جي وفا جا منظر ڏسڻ وٽان ھئا اھڙي وفا تاريخ اڳ نه ڏٺي نه ڏسندي سڄي بازرو قلم ٿيڻ کان پوءِ به ھمت نه ٽٽي آ خيمن ۾ پياسا پاڻيءَ جا منتظر جو ھئا اچانڪ حملو ٿيو آ ساڄو بازو به ڪٽجي زمين تي ڪريو آ يقدم مشڪ سنڀالي ڏندن مبارڪن سان پڪڙيئون مشڪ جي حفاظت ڪندي تيرن ۽ تلوارون جي برسات اڳتي وڌندا رھيا اچانڪ ھڪ تير مشڪ ۾ لڳو آ مشڪ مان پار ٿي ڳلي ۾ پيوست ٿي ويو آ غازي جو جسم زخمن سان چُور آ ھاڻي گھوڙي تي ويھڻ مشڪل ٿي ويو آ گھوڙي جي زين جسم مبارڪ ڇڏي آ ڪربلا جي زمين کي غازيءَ جي جسم چميو آ گھوڙي تان لھڻ وارو ٻانھن جي سھاري لھندو آ تاريخ گواھ آهي غازيءَ جو جسم منھن ڀر گھوڙي تان ڪريو آ ھڪ تير سندن مبارڪ اک ۾ پيوست آ عباس علمدار جا آخري پساھ آھن امام عالي مقام پنھنجي مبارڪ ھنج ۾ غازيءَ کي کنيو آ غازيءَ عرض ڪيو آ مولا منھنجو لاش خيمن ۾ نه کڻي وڃجو مان سڪينه کان شرمسار آھيان آقا مان توھانجي اميدن تي پورا نه لھي سگھيس پاڻي خيمن ۾نه پھچائي سگھيس مولا دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ سڀ کان پھريان توهان جو چھرو ڏٺو ھيم مرڻ وقت به توھان جي زيارت جو طلبگار آھيان غازيءَ جي ھڪ اک ۾ تير لڳل آھي مگر ھڪ اک ۾ امام عالي مقام جو چھرو سمايل آهي چھرو ڏسندي ڏسندي غازيءَ جي شھادت ٿي آ سندن روضو مبارڪ عراق جي شھر ڪربلا ۾ آھي نھر فرات سندن روضي کان ڪجھ مفاصلي تي ھئي مگر ھاڻي سندن روضي جو طواف ڪندي رھي ٿي


