توبه جو بيان - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Friday, October 26, 2018

توبه جو بيان




الحمد الله رب العالمين والعاقبة للمتقين
 والصلاة والسلام عليٰ اشرف الانبياء والمرسلين اما بعد فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم بسم الله الرحمن الرحيم
قال الله تبارک و تعالي في  القرآن المجيد والفرقان الحميد 
وَ  الَّذِیْنَ  اِذَا  فَعَلُوْا  فَاحِشَةً  اَوْ  ظَلَمُوْۤا  اَنْفُسَهُمْ  ذَكَرُوا  اللّٰهَ  فَاسْتَغْفَرُوْا  لِذُنُوْبِهِمْ۫-وَ  مَنْ  یَّغْفِرُ  الذُّنُوْبَ  اِلَّا  اللّٰهُ وَ  لَمْ  یُصِرُّوْا  عَلٰى  مَا  فَعَلُوْا  وَ  هُمْ  یَعْلَمُوْنَ(۱۳۵)اُولٰٓىٕكَ  جَزَآؤُهُمْ  مَّغْفِرَةٌ  مِّنْ  رَّبِّهِمْ  وَ  جَنّٰتٌ  تَجْرِیْ  مِنْ  تَحْتِهَا  الْاَنْهٰرُ  خٰلِدِیْنَ  فِیْهَاؕ-وَ  نِعْمَ  اَجْرُ  الْعٰمِلِیْنَؕ(۱۳۶
الله رب العالمين پنهنجي پاڪ ڪلام جي اندر ارشاد فرمايو 
اھي ماڻھو جن کان ڪا بي حيائي ٿي ويندي آهي
يا پنھنجن جانين تي ظلم ڪري ويھندا آھن اھي الله جو ذڪر ڪندا ۽ گناھن جي معافي وٺندا  آهن ڀلا ٻيو ڪير آھي جيڪو الله کان سواءِ معاف ڪري ۽ پنھنجي گناھ جو ڄاڻي واڻي ڪنھن سان اسرار نہ ڪندا آھن انھن جي لاءِ جزا معافي آھي ۽ اھي ئي ھميشه جنت ۾ رھڻ وارا آھن ۽ ھي ڪيڏو نه ڀلو اجر آھي
قرآن پاڪ ۾ مختلف مقامن تي توبه جي ترغيب ڏياري وئي آهي ۽ توبه جي اھميت ۽ فضيلت ٻڌائي وئي آهي
انھن منجھان چند درج ذيل آهن 
ہود علیہ السلام کے جي باري ۾ فرمایو ته ان پنھنجي قوم کي چيو
 وَيَٰا قَوْمِ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ ثُمَّ تُوبُوا إِلَيْهِ يُرْسِلِ السَّمَاءَ عَلَيْكُمْ مِدْرَارًا وَيَزِدْكُمْ قُوَّةً إِلَى قُوَّتِكُمْ وَلَا تَتَوَلَّوْا مُجْرِمِين
َ ۽ اي منھنجي قوم پروردگار کان معافي گھرو  وري ان کان توبه طلب ڪيو ته ھو توھان تي رحمت جو وڏ ڦُڙو مينھن وسائيندو مجرمن وانگر منھن نه موڙيو'' [هود: 52]

وَتُوبُوا إِلَى اللَّهِ جَمِيعًا أَيُّهَ الْمُؤْمِنُونَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ اے مؤمنو! سڀ جا سڀ الله کان توبه ڪيو  ان لاءِ ته توھان ڪامياب ٿيو [النور: 31]
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا تُوبُوا إِلَى اللَّهِ تَوْبَةً نَصُوحًا
 اي ایمان وارؤ! اللہ ڏانھن سچی توبہ ڪيو
[التحريم: 8]

وَهُوَ الَّذِي يَقْبَلُ التَّوْبَةَ عَنْ عِبَادِهِ وَيَعْفُو عَنِ السَّيِّئَاتِ وَيَعْلَمُ مَا تَفْعَلُونَ
اھو ئي آ جيڪو پنهنجي ٻانھن جي توبه قبول ڪندو آھي ۽ سندن گناھ معاف ڪندو آھي ۽ ھو ڄاڻندو آھي جيڪو ڪندا آهن [الشورى: 25]
إِلَّا مَنْ تَابَ وَآمَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَأُولَئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّئَاتِهِمْ حَسَنَاتٍ وَكَانَ اللَّهُ غَفُورًا رَحِيمًا
۽ جيڪي توبه ڪندا آھن ۽ پوءِ چڱا ڪم ڪندا آھن پوءِ الله تعالي انھن جا گناھ نيڪين ۾ مٽائي ڇڏيندو آهي بيشڪ الله غفور به آ رحيم به آ

ھن آيت جي شان نزول جي تحت مفسرن ٻہ واقعا لکيا آهن ملاحظہ فرمايو
مديني جو شھر آھي ھڪڙو شخص آ جنھن نالو تيھان آ سندس کجور جو دڪان آھي ھر قسم جي کجور وڪڻندو آھي ھڪ ڏينھن ھڪ خوبصورت حسين ۽ جميل عورت ھن وٽ آئي آ چيائين مونکي سٺي کجور گھرجي ھن دڪان واري جي اک جيئن ان سھڻي جميل عورت تي پيئي آهي سندس نيت بگڙي وئي آ ان عورت کي ھن چيو ته منھنجي گھر ۾ بھترين کجور موجود آھن توھان اوڏانھن ھلي پسند ڪيو ھي عورت کي پنھنجي گھر ۾ وٺي آيو جيئن عورت گھر ۾ داخل ٿي ته ھن دروازو بند ڪيو ۽ ھن عورت جي ويجھو اچڻ لڳو ويجھو اچي سندس ھٿ تي بوسو ڏنائين ان تي عورت چيس تي اي بنده خدا الله کان ڊڄ عورت جا اھي لفظ چوڻ ھا ھن تي لرزو طاري ٿي ويو دروازو کولي ڀڳو سڌو مديني جي تاجدار اڙين جي آڌار غمگينن جي غمٽار مسڪينن جي مددگار وٽ سڄو بيان ڪيائين ان تي ھيء آيت نازل ٿي ۽ الله ان کي معاف ڪري ڇڏيو
سبحان الله

ٻيو واقعو تفسير صراط الجانن واري تفسير خازن جي حوالي سان لکيو آهي
ته ٻه دوست آھن ھڪ مھاجر آ ٻيو انصاري آ مھاجر صحابي ڪنھن جھاد ۾ ويو ۽ پنھنجي گھر وارا ھن جي ذمي ڇڏي ويو ھڪ ڏينھن ھن مجاھد صحابيء جي گھرواري انصاري صحابي ڏانهن چورايو ته گوشت آڻي ڏيو تازو ھو گوشت کڻي آيو دروازي تي دستڪ ڏنائين مجاھد جي گھرواري دروازي کان ھٿ ڪڍي گوشت ورتو ته انصاري صحابي سندس ھٿ چمي ورتو ھوء الله جي ٻانھي اندر ڊوڙي ھن کي سخت شرمندگي ٿي ھن جھنگ جو رخ ڪيو مٿي ۾ مٽي وجھندو رھيو ندامت کان ۽ الله جي بارگاھ ۾ ندامت جو اظهار ڪيائين ھوڏانھن مجاھد جڏهن واپس آيو ته گھر واريءَ کان احوال پڇيائين گھر واريءَ چيس الله پناھ ڏئي اھڙي دوست کان ان مجاھد ان انصاري صحابي کي ڳولھي بارگاھ مصطفيٰ ۾ پيش ڪيو ھي آيت ان جي حق ۾ نازل ٿي اھڙي سچي توبه ھئي ان صحابي جي 
سبحان الله
بخاري شريف جي اندر ھڪ حديث نقل ڪئي وئي آهي 
حضرت ابوهريره رضي الله عنه فرمائن ٿا مون مديني واري سائينءَ کان ٻڌو آقا فرمايو ھڪ شخص کان گناھ سرزد ٿي ويو گناھ کان بعد انکي ندامت ٿي چوڻ لڳو آ منھنجا رب مونکي معاف ڪر مونکان گناه ٿي ويو آهي ته رب العالمين چوندو آ منھنجي ٻانھي کي خبر آهي ته ڪو رب آھي جيڪو منھنجي گناھ کي معاف به ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي پڪڙ به ڪري سگھي ٿو الله فرمائيندو مون پنھنجي ٻانھي کي معاف ڪري ڇڏيو
اھڙيءَ طرح ھن کان ٻيھر گناھ ٿي ويو ھو ٻيھر چوڻ لڳو منھنجا رب مونکي معاف ڪر مونکان گناه ٿي ويو آهي
الله فرمائيندو آ منھنجي ٻانھي کي خبر آهي ته ڪو رب آھي جيڪو منھنجي گناھ کي معاف به ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي پڪڙ به ڪري سگھي ٿو الله فرمائيندو مون پنھنجي ٻانھي کي معاف ڪري ڇڏيو 
ڪجھ عرصو گذري ٿو ان شخص کان وري ڪو گناھ ٿي ويندو آ وري کيس ندامت ٿيندي آ عرض ڪندو آ مولا مونکان غلطي ٿي آ مونکي معاف ڪر
الله تعالي فرمائيندو 
آ منھنجي ٻانھي کي خبر آهي ته ڪو رب آھي جيڪو منھنجي گناھ کي معاف به ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي پڪڙ به ڪري سگھي ٿو الله فرمائيندو مون پنھنجي ٻانھي کي معاف ڪري ڇڏيو 
امام نووي رحمة الله عليہ ھن حديث جي شرح ۾ ارشاد فرمائن ٿا ان شخص کي الله ٽي ڀيرا معافي عطا فرمائي اگر ڪنھن کان سئو ڀيرا يا ھزار ڀيرا به ڪو گناھ ٿي ويو ھجي سچي دل سان پنھنجي رب جي بارگاهه ۾ توبه ڪري الله ڪريم آ ان بخشي ڇڏيندو آهي
حضور علیہ السلام ارشاد فرمايو بني اسرائيلن حضرت موسيٰ عليه السلام جي زماني ۾ ڏڪار ٿيو سڀئي گڏ ٿي الله جي نبي وٽ آيا عرض اي موسيٰ ڪليم تون الله جو نبي آھين توکي خبر آ اسان ڏڪار جو شڪار آھيون اسان جو مال ۽ مرن ٿا پيا تون الله کان دعا گھر ته اسان جو ڏڪار ختم ٿئي الله ڪريم پنهنجي رحمت جو مينھن وسائي اسان جا سڪل ساوا ٿين حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي قوم جي سڀني ماڻهن کي ھڪ ميدان ۾ گڏ ڪيو آ ستر ھزار جو مجمعو آ الله جي نبيء دعا گھرڻ شروع ڪئي آهي مولا اسان تي مھر ڪر اسان جا ڏک ڏولاوا لاھ جبريل لھي آيو عرض ڪيائين اي موسيٰ الله ڪريم ارشاد فرمايو آهي ته ھن اجتماع جي اندر ھڪ اھڙو شخص آ جيڪو چاليھ سالن کان منھنجو نافرمان آ سخت گنھگار مونکي سخت ناپسند آ ان کي ٻاھر ڪڍ ته رحمت جو مينھن وسي نه ته ڪونہ وسندو الله جي نبي اعلان ڪيو آ اي گنھگار بدڪردار چاليھ سالن کان خدا جي نافرماني ڪرڻ وارا اسان جي ھن ھجوم مان نڪري وڃ ڇو ته خدا تنھنجي سبب اسان کي ڏڪار ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي جڏھن ھن گنھگار شخص جي ڪنن تي الله جي نبيء جو آواز پيو آ ھيڏانھن ھوڏانھن نھارڻ لڳو آ شايد ڪو ھجوم مان نڪري جڏھن ڪير به نه نڪتو آ ته ھي سمجھي ويو ته اشارو مون ڏانھن آھي ھن جي دل ۾ خيال آيو ته جي اڄ مان ھن ھجوم مان نڪتس ته منھنجي عزت مٽي ۾ ملي ويندي مان رسوا ٿي ويندس دل ئي دل ۾ پيشيمان ٿيو آ شرمسار ٿيو آ دل ئي دل ۾ پنھنجي رب العالمين سان ڳالھائڻ لڳو او منهنجا رب تون رحيم آن تون ڪريم آن سڄي عمر عيبن تي پردو رکيئي اڪيلائيءَ ۾ به ڪڏھن رسوا نه ڪيئي ھاڻي ستر ھزار جي سامھون ٿو رسوا ڪرين ھي ڀيرو  منھنجا عيب لڪاء ھي دفعو معاف ڪر وري تنھنجي نافرماني نه ڪندس ھي اڃا دل ئي دل ۾ پنھنجي رب سان پيو ڳالھائي عازيون نيازيون پيو ڪري ته رحمت جو مينھن وسي پيو آ حضرت موسيٰ عرض ڪيو مولا اڃا مجمعي مان ڪير اٿيو ئي ناھي ڪير ٻاھر ويو ئي ناھي اھو گنھگار اڃا مجمعي ۾ موجود آهي الله تعالي ارشاد فرمايو اي موسيٰ پھريان جنھن جي ڪري مان ناراض ھيس ھاڻي ان جي ئي ڪري راضي آھيان پھريان جنھن جي ڪري ڏڪار ڪيو ھيم ھاڻ ان جي ڪري سڪار ڪيو  آهي پھريان جيڪو منھنجو نافرمان ھيو ھاڻ اھو منھنجو دوست آھي پھريان جنھن مونکي ناراض ڪيو ھو ھاڻي ھن مونکي پرچائي ڇڏيو آهي حضرت موسيٰ عرض ڪيو مولا مونکي اھو شخص ڏيکار مان ھن سان ملندس الله رب العالمين ارشاد فرمايو اي موسيٰ پھريان جڏھن ھو منھنجو نافرمان ھيو تڏھن بہ ھن جي عيبن تي پردو رکيم ھاڻ ته ھو منھنجو دوست آھي ھاڻ ھن کي ڪيئن ظاھر ڪيان 
سبحان الله