درودِ پاڪ جا فضائل ۽ برڪات - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Saturday, September 1, 2018

درودِ پاڪ جا فضائل ۽ برڪات

درود 


الحمد للہ رب العالمين والصلات والسلام علي اشرف الانبياء والمرسلين
اما بعد فاعوذ بالله من الشيطان الرجيم
بسم الله الرحمن الرحيم
ان الله و ملائکتہ يصلون علي النبي ياايھا الذين امنو صلو عليه وسلمو تسليما
بيشڪ مان۽ منھنجا ملائڪ درود موڪليندا آھيون غيب جي خبر ڏيندڙ نبي تي اي ايمان وارؤ اوھان به درود ۽ سلام موڪليو 

حضرت ابن عباس رضه فرمائن ٿا يصلون 
جي معني آهي برڪت ۽ رحمت
حضرت ابولعاليہ فرمائن ٿا يصلون جي معني آهي تعريف 
۽ الله جي درود پڙھڻ مان مراد حضرت ابن عباس فرمائن ٿا ته برڪت نازل ڪرڻ آھي بعض مفسرن فرمايو الله جي درود پڙھڻ مان مراد آھي فرشتن جي سامھون پنھنجي حبيب جي تعريف ڪرڻ 
2فرشتن جي درود مان مراد آھي برڪت جي دعا ڪرڻ ۽ استغفار ڪرڻ
۽ تسليما مراد سلام آھي 
حضرت ابو طلحه رضه کان روايت آهي اسان ھڪ ڏينھن ڏٺو ته پياري آقا عليه السلام جي چھري تي خوشيءَ جا آثار آهن فرمايئون مون کي جبريل خبر ڏني آھي تہ  الله فرمائي ٿو توھان جو جيڪو به امتي مون تي ھڪ ڀيرو درود پڙھي ته مان ان تي ڏھ ڀيرا رحمت نازل ڪندس ۽ جيڪو ھڪ ڀيرو سلام موڪلي ان کي ڏھ ڀيرا سلامتي عطا ڪندس

ھڪ حديث پاڪ ۾ آھي ته جيڪو ماڻهو ھڪ ڀيرو درود شريف پڙھندو آھي ان جي نامه اعمال۾ ڏھ نيڪيون لکيون وينديون آهن

ھڪ حديث جو مفھوم آھي جيڪو شخص ھڪڙو ڀيرو درود شريف پڙھندو آھي الله ڪريم ان تي ڏھ رحمتون نازل ڪندو آھي

ھڪ حديث جو مفھوم آھي ته جيڪو ماڻهو ھڪ ڀيرو درود شريف پڙھندو آھي ان تي ڏھ رحمتون نازل ٿينديون آهن ان جا ڏھ گناھ موٽايا ويندا آهن ان جا ڏھ درجا بلند ڪيا ويندا آهن

ھڪ حديث جو مفهوم آھي ته جيڪو شخص ھڪ ڀيرو درود پڙھندو آھي الله رب العالمين ان تي ڏھ رحمتون نازل ڪندو آھي جيڪو شخص ڏھ ڀيرا درود شريف پڙھندو آھي الله رب العالمين ان تي سئو رحمتون نازل ڪندو آھي ۽ جيڪو شخص سئو ڀيرا درود شريف پڙھندو آھي الله رب العالمين انجي پيشاني تي لکي ڇڏيندو آهي ته ھي نفاق ۽ جھنم کان آزاد آهي

ھڪ حديث جو مفهوم آھي جيڪو شخص پنج سئو ڀيرا درود شريف پڙھندو اھو ڪڏھن به ڪنھن جو محتاج ناهي ٿيندو

ھڪ حديث جو مفهوم آھي جيڪو شخص ھڪ ھزار ڀيرا درود شريف پڙھندو آھي اھو تيسيتائين نه مرندو جيسيتائين جنت ۾پنھنجو مقام نه ڏسي وٺي

ارشاد فرمايو ويو جيڪو ٻانھؤ درود پڙھندو رھندو آ فرشتا ان لاء استغفار ڪندا رھندا آھن

درود شريف پڙھو ھي توھانجي لاءِ پاڪيزگي ۽ طھارت آھي

قيامت جي ڏينھن انجي دھشتن ۽ سختي کان جلد نجات حاصل ڪرڻ وارو شخص اھو ھوندو جيڪو گھڻو درود ۽ سلام پڙھڻ وارو ھوندو

حضرت ابي بن ڪعب عرض ڪيو يارسول الله صلي الله عليه وسلم منھنجي دل ٿي چوي ته مان پنھنجو سمورو وقت درود شريف پڙهڻ۾ صرف ڪيان مديني واري سائين ارشاد فرمايو ته اھو توهان جي لاء ڪفايت ڪندو ۽ توھان جا گناھ معاف ڪيا ويندا

مديني واري سائين
ارشاد فرمايو ويو جيڪو شخص 50ڀيرا دل سان درود شريف پڙھندو قيامت ۾ مان ان سان مصافحو ڪندس

مديني واري سائين ارشاد فرمايو مونکي جبريل خبر ڏني ته اي محمد صلي الله عليه وسلم توھان جو رب پاڪ ٿو فرمائي ڇا توهان ان ڳالهه تي راضي آھيو ته توهان جو امتي مون تي ھڪ ڀيرو درود شريف پڙھي ته مان ان تي ڏھ رحمتون موڪليان توهان جو انتي ڏھ ڀيرا سلام پڙھي ته مان ان تي ڏھ ڀيرا سلام موڪليان
ارشاد فرمايو ويو توهان جتي به ھجو مون تي درود ۽ سلام پڙھو ان لاءِ ته توهان جو درود مون وٽ پھچندو آھي

ارشاد فرمايو ويو جيڪو شخص ڏينهن ۽ رات ۾ ٽي ڀيرا درود شريف پڙھي الله رب العالمين تي حق آھي ته اھو ان شخص جا ان ڏينهن ۽ رات جا گناھ معاف فرمائي


جنهن شخص ڏھ ڀيرا  ڏينهن۾ ۽ ڏھ ڀيرا رات ۾ درود شريف پڙھيا انجا گناھ معاف ڪيا ويندا
روايت آهي ته جڏهن ٻه مسلمان الله رب العالمين جي رضا جي لاء ھڪ ٻئي سان ملاقات ڪندا آهن ۽ مديني واري سائين تي درود شريف پڙھندا آھن ۽ ھٿ ملائيندا آهن ته الله رب العالمين انھن جي جدا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي انھن جا گناھ معاف ڪري ڇڏيندو آهي

جنھن ڪتاب جي اندر درود شريف لکيو ته جيستائين ان ڪتاب ۾ اھو درود شريف موجود ھوندو فرشتا ان لاء مغفرت جي دعا ڪندا رھندا

 ھڪ حديث جو مفهوم آھي ته درود شريف پڙھو ھي توھانجي گناھن جي بخشش جو سبب آهي

جيڪو شخص ھڪ ڀيرو درود شريف پڙھندو آھي
الله رب العالمين انکي ھڪ قيراط اجر عطا فرمائيندو آهي ۽ ھڪ قيراط احد جبل جيڏو ھوندو آھي

ھڪ حديث جو مفهوم آھي ته الله رب العالمين منهنجي قبر تي ھڪ فرشتو مقرر ڪيو آھي جنھن کي سڄي مخلوق جي آواز ٻڌڻ جي طاقت عطا فرمائي آھي پوء جيڪو شخص دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ درود شريف پڙھندو آھي اھو فرشتو ان جي آواز کي ٻڌي وٺندو آهي ۽ ان شخص کي پي جي نالي سان سڃاڻندو آھي پوء اھو فرشتو ان جو ۽ انجي پي جو نالو مون وٽ پيش ڪندو آھي
ارشاد فرمايو ويو جيڪو شخص اھو چاھي ته الله رب العالمين جي بارگاه ۾ ان حال ۾ وڃي  الله رب العالمين انکان راضي ھجي انکي گھرجي ته مون تي ڪثرت سان درود شريف پڙھي