اوليائن جا لقب ۽ سندن طاقتون Oliya Ke Aqsam Or Unki Taqat - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Monday, September 10, 2018

اوليائن جا لقب ۽ سندن طاقتون Oliya Ke Aqsam Or Unki Taqat

الله وارن جي طاقت ۽ مرتبا 

ھر دور ۾ الله جا ولي پيدا ٿيندا رهيا آهن انشاءالله ھي سلسلو قيامت تائين جاري رهندو ولين جا اقسام ۽ ولين انھن جا ڪم الله رب العالمين جي طرف کان ھر دور ۾ ھر زماني۾ ھر ھنڌ عالم جي ڪنڊ ۽ ڪڙڇ ۾ ولين کي عطا فرمايا ويندا آهن ان جي تفصيل علامه يوسف نبھاني پنھنجي ڪتاب جامع ڪرامات اولياء ۽ شيخ محي الدين ابن عربيءَ پنهنجي ڪتاب فتوحات المکيہ ۾ وضاحت سان بيان ڪئي آهي انھن ٻنھي ڪتابن مان نچوڙ پنھنجي انداز ۾ ڪجھ لفظن جي ھير ڦير سان سولي سنڌيءَ ۾ توھان پڙھندڙن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اميد آهي ته توھان کي پسند ايندو ۽ توهان پڙھندڙن جي معلومات ۾ پڻ اضافو ٿيندو ھن سلسلي ۾ ھڪ آرٽيڪل ھن کان اڳ به مان لکي چڪو آھيان الله وارن جو شان شان وھابين جي وڏي جي زباني جي نالي سان ڪجھہ ان لکت جو ورجاءُ به ٿي سگھي ٿو مگر انشاءالله ڪجھ منفرد انداز سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي 
الله وارن جا قسم ته ڪتابن ۾ ڪيترائي آھن مگر چند مشھور آھن ۽ ڪيئي فقط ڪتابن ۾ مذڪور آھن يعني انھن جو صرف ذڪر ڪتابن جو حصو ته آھي مگر عوام الناس کي انجي معلومات شايد نه جي برابر آهي 


الله وارن جا قسم

  1. قطب
  2. غوث 
  3. ابدال
  4. اوتاد
  5. افراد 
  6. نجباء
  7.  نقباء
  8. ائمہ
  9. رَجَبِيْ
  10. رجال الغيب
  11. الٰھِيُون
  12. رَحْمانِيُون
  13. رجال الغني باللہ
  14. بُدَلاء
  15. رجال الاشتياق
  16. ملامتيہ فقراء
  17. صوفيه
  18. عُباد
  19. زُھاد
  20. رجال الماء
  21. افراد
  22. قراء
  23. احباب
  24. اُمَناء
  25. محدثون
  26. اخلاء
  27. وَرَثہ 
  28. صديقين
  29. شھداء
  30. صالحين
  31. قانتين
  32. صادقين
  33. حامدين
  34. ذاکرين
  35. صابرين
  36. واصلين
  37. حُلماء
  38. اخيار
  39. کُرَماء
  40. حاملين قلب آدم عليه السلام
  41. حاملين قلب نوح عليہ السلام
  42. حاملين قلب جبريل عليہ السلام
  43. حاملين قلب ميڪائيل عليه السلام 
  44. حاملين قلب اسرافيل عليه السلام

  45. وغيره
الله وارن جا ھي تمام قسم ڪتابن جي اندر موجود آهن
ھاڻي ھنن مان سڌي طرح اڪثر جو ذڪر قرآن جي نس مان ثابت آھي جھڙيءَ ريت  صديقين شھداء صالحين قانتين حافظين حامدين وغيره باقي تمام اقسام الا ان اولياء الله لا خوفٌ عليھم واري آيت جي ماتحت آهن
ھنن مان چند قسمن جي تفصيل بزرگن لکي آھي اھا ھن ريت آھي
اقطاب 
ھي قطب جو جمع آھي قطب ولي جي عظيم الشان قسم کي چيو ويندو آهي جيڪو ھڪ زماني ۾ ھڪ وقت ۾ ھڪ ئي ھوندو آھي قطب الله رب العالمين جو مقرب ھوندو آھي تمام ولي ان جي ماتحت ھوندا آھن انھن جو صفاتي نالو عبدالله ھوندو آھي
ائمہ ھي ھر زماني ۾ صرف ٻه ھوندا آھن ۽ ھي وقت جي غوث جا وزير ھوندا آھن ھڪ جو نالو عبدالرب ۽ ھڪ جو نالو عبدالمڪ ھوندو آھي ھي وفات کانپوءِ به قطب جا وزير ھوندا آھن ھڪ عالم ملڪوت ۾ هڪ عالم ملڪ ۾ 
اوتاد
ھي الله وارا ھر دور ۾ چار ھوندا آھن ۽ زمين جي چئن پاسن تي سندن راڄ ھوندو آھي ھڪ جو اوڀر ٻئي جو اولھ ٽئين جو اتر ۽ چوٿين جو ڏکڻ ۾ سندن نالا عبدالحئي عبدالعليم عبدالقادر ۽ عبدالمريد ھوندو آھي

ابدال ھي ھر زماني ۾ ست ھوندا آھن ھنن جي زريعي الله تعالي ستن زمينن جي حفاظت فرمائيندو آهي ھنن منجھان ھر ھڪ جي لاء ھڪ زمين ھوندي آھي جنھن تي ھي حڪومت به ڪندو آهي ۽ الله رب العالمين جي حڪم سان ان جي حفاظت فرمائيندو آهي
ھي ست ولي ترتيب وار ھن ستن نبين جي نقش قدم تي ھوندا آھن 
حضرت آدم عليه السلام
حضرت ابراهيم عليه السلام
حضرت موسي عليہ السلام
حضرت ھارون عليہ السلام
حضرت ادريس عليه السلام
حضرت يوسف عليہ السلام
حضرت عيسي عليه السلام

روايت آهي ته حضرت سيدنا معاذ بن اشرص رحمت الله عليه ھنن ولين مان ھيا کائن پڇيو ويو ته ھي مقام ۽ مرتبو ڪيئن ملندو آهي فرمايائون چئن سببن سان 
بک اوجاڳو خاموشي ۽ تنھائي جي ڪري 
نقباء ھي نقيبن جو جمع آھي ھي ٻارنهن ھوندا آھن ھنن منجھان ھر ھڪ آسمان جي ٻارنهن برجن مان ھڪ جو عالم ھوندو آھي ھي نفس ۾ لڪل شين ۽ آفتن جو علم رکندا آهن ۽ نفس جي مڪر ۽ فريب مان ڪڍڻ جي طاقت رکندا آهن شيطان انھن کان لڪ نه ڪري سگھندو آھي ھي شيطان جي انھن معاملن کان به واقف ھوندا آھن جن جيڪي شيطان کان به ڳجھا ھوندا آھن ھنن کي الله رب العالمين ھي شان ڏنو آهي اگر ھي ڪنھن شخص جي قدم جا نشان ڏسي وٺن ته انھن کي خبر پئجي ويندي آھي ته ھي شقي يعني بدخت آھي يا سعيد خوشبخت

نجباء 
ھي ھر دور ۾ اٺ ھوندا آھن
ھنن ولين جي احوالن مان ئي سندن شان جي خبر پئجي ويندي آھي
ھنن تي ڪيفيت جو غلبو ھوندو آھي جنھن کي صرف اھي الله وارا سمجھي سگھندا آهن جن جو رتبو يا سندن برابر ھوندو آھي يا کانئن وڌيڪ
رَجَبِيْ ھي ھر دور ۾ چاليھ ھوندا آھن ھنن کي افراد به چيو ويندو آهي ھنن کي رَجَبِيْ ان ڪري چيو ويندو آهي ته ھنن تي رجب جي پهرين تاريخ کان آخري تاريخ تائين ڪيفيت طاري ھوندي آھي ۽ ھنن مان ڪجھ الله وارن تي سڄو سال ئي ڪيفيت طاري ھوندي آھي ھي مختلف شھرن ۾ ڦھليل ھوندا آھن


حاملين قلب آدم مان مراد اھي الله وارا آھن جن جي دل حضرت آدم عليه السلام جي دل جھڙي ھوندي آھي ھي ھر دور ۾ ٽي سئو ھوندا آھن 
ھنن منجھان ھر ھڪ کي ٽي سئو اخلاق خداوندي عطا فرمايا ويندا آهن اگر ڪنھن عام ماڻھو کي انھن منجھان ھڪ به عطا ٿي وڃي ته اھو سعادت مند بڻجي وڃي

حاملين قلب نوح عليہ السلام مان مراد اھي الله وارا جن جون دليون حضرت نوح عليہ السلام جي دلين جيان ھونديون آھن ھي ھر دور۾ چاليھ ھوندا آھن انھن منجھان ھر ھڪ کي نوح عليہ السلام جي ھڪ صفت عطا ڪئي ويندي آهي سڀني ۾ جيڪي صفتون ھونديون آھن اھي ھڪ ئي وقت حضرت نوح عليہ السلام جي وجود ۾ موجود ھيون

حاملين قلب ابراهيم عليه السلام ھنن جون دليون حضرت ابراهيم عليه السلام جي دل وانگر ھونديون آھن
ھي ھر دور ۾ ست ھوندا آھن ھي صحيح علم وارا ۽ سلامتي وارا ھوندا آھن ھنن جا سينہ بغض ۽ ڪيني کان پاڪ ھوندا آھن ھي ھر ماڻھو جو خير گھرڻ وارا ھوندا آھن
حاملين قلب جبريل عليہ السلام ھنن جون دليون حضرت جبرائيل جي دل وانگر ھونديون آھن ھي ھر دور ۾ پنج ھوندا آھن ھي طريقت ۽ ولايت جا بادشاھ ھوندا آھن حضرت جبرائيل عليه السلام ھنن جا غيبي مددگار ھوندا آھن ھن قسم جا اولياء محشر ۾ حضرت جبرائيل عليه السلام سان گڏ ھوندا

حاملين قلب ميڪائيل عليه السلام ھنن جي دل حضرت ميڪائيل عليه السلام جي دل وانگر ھونديون آھن ھي ھر دور۾ ٽي ھوندا آھن ھي ولي انتھائي نرم مزاج نفاست جو مرڪز ھوندا آھن شفقت سان ڀرپور ھوندا آھن ھي اھڙين شين جو مشاهدو ڪندا آهن جن ۾ شفقت جو عنصر شامل ھجي


حاملين قلب اسرافيل عليه السلام ھنن جون دليون حضرت اسرافيل عليه السلام جي دل وانگر ھونديون آھن ھي ھر دور ۾ صرف ھڪ ئي ھوندو آھي امر و نھي تي سندن تسلط ھوندو آھي يعني نيڪي جي دعوت ۽ برائيءَ کان منع ڪرڻ تي کين عبور ھوندو آھي


مظھر قوت خداوندي
ھي ھر دور ۾ اٺ ھوندا آھن قرآن پاڪ ۾ ھنن جي صفت اشداء علي الڪفار بيان ڪئي وئي آھي (ھن مان ھڪ مراد شھيد ۽ صديق به ٿي سگھي ٿي )
الله جي راھ ۾ ملامت ڪرڻ وارن جي ملامت کي نظر انداز ڪرڻ ھنن جي خاصيت ھوندي آھي ھنن کي رجال القھر به چيو ويندو آهي ھي تمام فعال ھستيون ھونديون آھن کين سندن انھن صفتن سان سڃاتو ويندو آهي حضرت سيدنا ابو عبدالله دقاق رحمت الله عليه ھنن ولين مان ھئا

بحوالہ جامع ڪرامات الاولياء مقدمہ الڪتاب ج ۱ ص ۶۹_۷۴
سبحان الله 
الله وارن جو ڇا شان آ شاھد قرآن آ جيڪو انڃان به نه مڃي اھو وڏو ڪو بيمان آ
جيڪو پڪو سچو مسلمان آ
اھو ولين جي در جو غلام آ
الله رب العالمين کان دعا آهي ته توھانکي ۽ اسان کي دين ۽ دنيا جون ڀلايون عطا فرمائي آمين يارب العالمين
 وما علينا البلاغ 
مترجم ترتيب ڏيندڙ توهان جي دعائن جو 
طالب دعا سيد عامر قادري عطاري