اولياء جي شان جو اقرار وھابين جي وڏي جي زباني - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Sunday, September 9, 2018

اولياء جي شان جو اقرار وھابين جي وڏي جي زباني

دلچسپ معلومات الله وارن جا اقسام


ولين جا قسم الله وارن جو شان وھابين جي حڪيم الامت اشرف علي  ٿانوي  جي ڪتاب شريعت ۽ طريقت مان اقتساب




  1. اقطاب
  2. ابدال
  3. اخيار
  4. امامين
  5. افراد
  6. اوتاد
  7. عمد
  8. غوث
  9. نجباء
  10. نقباء
  11. اتم
  12. اعم


اقطاب يعني قطب ھي عالم ۾ ھڪ ئي ھوندو آھي ھن کي قطب الاقطاب قطب المدار
قطب الاڪبر
قطب الارشاد به چيو ويندو آهي عالم غيب ۾ سندس نالو عبدالله ھوندو آھي
ھن جا ٻه وزير ھوندا آھن جن کي امامين سڏيو ويندو آهي وزير يمين جو نالو عبدالمڪ ۽ وزير يسار جو نالو عبدالرب ھوندو آھي ان جي ماتحت ٻارنهن قطب بيا به ھوندا آھن جن مان ست اقليم ۾ رھندا آھن انھن کي قطب اقليم به چوندا آهن
۽ پنج يمن ۾رھندا آھن جن کي قطب ولايت به چوندا آهن 
ياد رھي ھي قطب اھي آھن جيڪي معين آھن باقي ان کان علاوه ھر ڳوٺ ھر شھر ۾ ھوندا آھن شيخ ابن عربيءَ لکيو آهي ته ھي ھر وسندي ۾ ھوندا آھن چاھي مسلمانن جي ھجي يا ڪافرن جي ھن مان مراد اھا ٿي سگھي ٿي ته شايد ھو ھجي ته انھن جي وسندي۾ مگر اندر ۾ مسلمان ھجي يا وري ھڪ مطلب اھو به ٿي سگھي ٿو ته جھڙي طرح حد جو صوبيدار ھوندا آھي اھو رھندو ته پنھنجي گھر ۾ آھي مگر ان جي ماتحت ست ڳوٺ ھوندا آھن
شيخ ابن عربيءَ جي قول مان مراد اھا بہ ٿي سگهي ٿي ته ھو درويش ھجي يا مجنون ھجي جنھن تي شريعت جي پاسداري ناھي پوء چاھي ڪھڙي به وسنديء جو ھجي 
ھا مگر ان جي شناخت ۽ سڃاڻپ اھا آھي تہ صرف اھل باطن ئي ان جو ادب ڪندا آهن
اوتاد ھي چار ھوندا آھن ۽ عالم جي چئن پاسن ۾ رھندا آھن
عمد ھي بہ چار ھوندا آھن ۽ زمين جي چئن پاسن ۾ رھندا آھن سندن نالو محمد ھوندو آھي

ابدال ھي چاليھ ھوندا آھن ٻاويھ يا ٻارنهن شام ۾ ارڙهن يا اٺاويهه عراق ۾ ھوندا آھن
اخيار ھي پنج سئو يا ست سو ھوندا آھن ھنن جي جاء مستقل نه ھوندي آھي ھي سياح ھوندا آھن سندن نالو حسين ھوندو آھي
غوث قطب الاقطاب کي غوث سڏبو آهي غوث ترقي ڪري فرد يا افراد ٿي ويندو آهي افراد يا فرد ترقي ڪري قطب وحدت ٿيندو آهي
نجباء ھي ستر ھوندا آھن ۽ مصر ۾ رھندا آھن سندن نالو حسن ھوندو آھي
نقباء ھي ٽي سئو ھوندا  مغرب ۾ رھندا آھن ۽ سندن نالو علي ھوندو آھي
اولياء جا ٻه قسم ھوندا اعم ۽ اتم 
اعم ھي ھوندا آھن جيڪي نبين جي طرز زندگي گذارڻ وارا ھوندا آھن سندن تعليمات مان مخلوق فائدو وٺندي آھن ماڻھن جا روح ۽ سندن دليون منور ٿينديون آهن
اعم ھي اھي ھوندا آھن جيڪي الله جي اذن سان ماڻهن کي فائدو پھچائيندا آھن انھن جي دنيوي معاشي مدد ڪندا آهن ان جون بلائون دور ڪندا آهن سندن معاونت ڪندا آهن بعض علمائن سندن ڪرامت کي محدود ڪيو آھي مگر محققن جي تحقيق مطابق ھي سواء قرآن جھڙي معجزي آڻڻ جي باقي ھر شيء جي طاقت رکندا آهن جھڙوڪ بنا پيء جي ٻار پيدا ڪرڻ پٿر کي ساھ وجھڻ ملائڪن سان ڳالھائڻ وغيره(آخر ۾ مولانا اشرف علي ٿانوي فرمائن ٿا)
ياد رهي ته ولين جي ڪرامت وفات کانپوءِ به ائين ئي رھندي آھي اھا ڳالھ حد تواتر کي پھتل آھي (يعني ان ڳالھ  کي ايترو ته بيان ڪيو ويو آهي جو ان جو انڪار نه ٿو ڪري سگھجي)
سبحان الله ماشاءالله تبارک الله 
جيئن ته ھي انتھائي اھم ۽ پياري معلومات الله وارن جي شان متعلق توهان تائين پھچائي ياد رھي ته ھي عبارت ھي  موضوع ڪنھن سني بريلوي نقشبندي چشتي قادري سھروردي اويسي جي زباني يا مسلڪ اھلسنت جي ڪنھن اڳئين يا پٺين فقيھ محدث محقق مفسر نه لکيو آهي مگر مسلڪ ديوبند جي وڏي عالم جنهن کي دنياء ديوبند ۾ مجدد ۽ حڪيم الامت سڏيو ويندو آهي ان جو لکيل آهي ھاڻ فيصلو توھان جي ھٿ ۾ آھي ته الله وارن جو شان ڳايو يا نه انھن جي مان ۾ مرتبي ۾ شان ۾ اختيار ۾ تصرف ۾ اقتدار ۾ ڪو فرق نه ايندو مسلڪ اھلسنت ھميشه کان الله وارن جو شان ڳايو آ مخلوق تائين پھچايو آ انشاءالله جيسيتائين دنيا باقي رھندي الله وارن جو شان مسلڪ اھلسنت جا نمائندا ڳائيندا رھندا ۽ حق ماڻھن تائين پھچائيندا رھندا 
ہمکو ای عطار سارے اولیاء سے پیار ہے
انشاء اللہ دو جہاں میں اپنا بیڑا پار ہے
ترتیب و تدوین 
طالب دعا
سيد عامر عطاري قادري