حضور عليہ الصلات والسلام جي عطا
غريبن جا غمغسار مسڪينن جا مددگار بيواھن جي واھر آسين جو آسرو گنھگارن جا شافع دردن جا درمان بيچين دلين جا چين راحت دارين جدالحسن والحسين
شفيع المذنبين راحت العاشقين مراد المشتاقين رحمت العالمين محمد الرسول الله صلي الله عليه وآله وسلم
جي نظر ڪرم جو تذڪرو آھي انشاء الله ھي حڪايت پڙھندڙن جي عشق ۾اضافي جو سبب بڻبي پاڻ پڙھي ٻين تائين پهچايو انشاءالله ثواب. جاريه سڀني جي نامه اعمال ۾ لکبو
القول البديع ۾ هڪ روايت نقل ڪئي وئي آهي
حضرت سيدنا ابوبڪر بن مجاھد رحمته الله عليه ھڪ ڏينھن درس ڏيئي رھيا ھئا ته ھڪ مسڪين شخص سندن وٽ آيو جنهن عرض ڪيو ته منهنجي گھر ۾ ٻار جي ولادت ٿي آ گھر وارن چيو آ ته گيھ ۽ ماکي وٺي آ مون وٽ نه گيھ خريد ڪرڻ جي رقم آ نه ماکي خريد ڪرڻ جي طاقت فرمائن ٿا مون ان شخص کي مدرسي ۾ ترسايو رات تي مان پاڻ پريشان ھئس ته ھن شخص جي ڪھڙي طرح مدد ڪجي ان وقت مون وٽ به ڪجھ موجود نه ھئو اھو سوچيندي اک لڳي وئي اک لڳي ته دل واري اک کلي پيئي مديني واري سائينءَ جي خواب ۾ زيارت ٿي ارشاد فرمايائون اي ابوبڪر ڇو پريشان آھين سڄو حال عرض ڪيم پياري آقا مديني واري مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو پريشان نه ٿي صبح جو ان شخص کي ساڻ ڪري خليفي جي وزير علي بن عيسي وٽ وڃجانءِ ان کي منھنجو سلام ڏجان چونجائنس ته ھن شخص کي سئو دينار ڏئي ان کي چئجانءِ ته تون مون تي ھر جمعي جي رات 1000 ڀيرا درود شريف پڙھندو آھين مگر ھن جمعي جي رات تو 700درود پڙھيا ته خليفي جو قاصد تو وٽ آيو ۽ تو واپس اچي درود شريف پڙھيا جيستائين عدد پورو ٿيو جڏهن صبح ٿيو حضرت سيدنا ابوبڪر بن مجاھد رحمته الله عليه ان شخص کي وٺي وزير وٽ پھتا ۽ رات واري سڄي حقيقت ٻڌائي ته وزير پنھنجي مسند تان اٿي پيو ۽ ان تي حضرت ابوبڪر بن مجاھد رحمته الله عليه کي وھاريائين ان شخص کي فوراً سئو دينار ڏنائين ان کانپوءِ سئو دينار حضرت ابوبڪر بن مجاھد رحمته الله عليه کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين پر بزرگ اھي قبول نه ڪيا ۽ فرمايائون اسان جو ڪم ته بس نياپو پھچائڻ ھيو اجر ته الله ۽ رسول وٽ آهي
سبحان الله
