انسان تي مقرر فرشتا
ھيء پوسٽ انتھائي معلوماتي پوسٽ آھي ھڪ مستند حديث جي تخريج شده مواد تي مشتمل آهي انشاء الله پڙھندڙن جي دلچسپيءَ سان گڏوگڏ سندن معلومات ۾ پڻ اضافو ٿيندو
ھڪ حديث جو مفهوم آھي حضرت عثمان غني رضه فرمائن ٿا ته ھڪ ڏينھن مان مديني واري سائينءَ جي بارگاهه۾حاضر ٿيس عرض ڪيم يارسول الله صلي الله عليه وسلم انسان سان گڏ گھڻا فرشتا ھوندا آھن پياري آقا مديني واري مصطفي صلي الله عليه وسلم فرمايو اي عثمان ھڪ فرشتو انسان جي ساڄي پاسي ھوندو آھي اگر ڪو نيڪي ڪري ته ان نامه اعمال ۾ ڏھ نيڪيون لکندو آھي ۽ ھڪ کاٻي پاسي ھوندو آھي اگر ڪو گناھ ڪندو آھي ته کاٻي پاسي وارو ساڄي پاسي واري کا پڇندو آهي ته ھن جو گناھ لکان ھو چوندو آھي ٿورو ترس متان ھي توبھ ڪري وٺي ۽ ھي پنھنجي رب کان حياء ڪري اھڙي طرح ٽي ڀيرا پڇندو آهي پوء ھو چوندو آهي ته ھاڻي لک ۽ الله اسان کي ھن جي شر کان محفوظ فرمائي ھي ڪھڙو ته برو ساٿي آھي پوءِ فرمايائون ھڪ فرشتو انسان جي اڳيان ۽ ھڪ پويان ھوندو آھي ھڪ فرشتو انسان جي وات تي مقرر ھوندو آھي جيڪو ضرر ڏيندڙ شين کي روڪيندو آهي ھڪ فرشتو انسان جي زبان تي مقرر ھوندو آھي ھڪ فرشتو انسان جي پيشانيءَ تي مقرر ھوندو آھي اگر انسان پيشاني عبادت لاء جھڪائي ته ان کي بلند ڪندو آھي ۽ اگر ڪو تڪبر ڪري ته ان کي تباھج ڏانهن ڌڪيندو آهي
ٻه فرشتا انسان جي چپن تي مقرر ھوندا آھن جيڪي بس درود ۽ صلات ۽ سلام کي محفوظ ڪندا آهن ھي ڏھ فرشتا آھن ۽ رات جا الڳ ھوندا آھن يعني ڪل 20 فرشتا ھوندا آھن
سبحان الله
بحوالہ تفسير الطبري سيپارو13 تيرھن سوره الرعد آيت نمبر 11يارنھن جلد نمبر7 ست تحت آيت حديث نمبر
20211
