محرم الحرام جون فضيلتون سنڌي - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Sunday, September 2, 2018

محرم الحرام جون فضيلتون سنڌي

فضائل محرم الحرام سنڌي


محرم الحرام جون برڪتون ۽ فضائل سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڀيرو ھڪ ھنڌ ڪيترن ئي ڪتابن جو نچوڙ اوهان پڙهندڙن جي بارگاهه ۾ پيش آھي اميد آهي ته تمام دوستن کي پسند ايندو مان توهان سڀني جي حق ۾دعا ڪندس توهان منهنجي حق ۾ دعا ڪيو الله رب العالمين پڙھي عمل ڪرڻ جي ۽ سھي معلومات ٻين تائين پهچائڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين يارب العالمين بجاہ النبي الڪريم صلي الله عليه وسلم


محرم الحرام جو مهينو اسلام کان پھريان به يعني زمانه جاھليت ۾ به حرمت وارو ھوندو ھو ھن مھيني جي 10تاريخ يوم عاشور واري ڏينهن جي عزت ۽ اڪرام قبل از اسلام به تاريخ جو حصو رھي روايتن ۾ آھي ته ھن ڏينھن تي قريش ڪعبي جو غلاف تبديل ڪرڻ جي خاص تقريب ڪندا ھئا ۽ ھن ڏينھن روزو به رکندا هئا شايد ڪجھ روايتون انھن تائين حضرت ابراهيم عليه السلام جي حوالي سان پھتيون ھونديون جن ۾ ھن ڏينھن جي روزي جو تذڪرو پڻ موجود آهي
قبل از اسلام به ڪعبي تي غلاف چاڙهڻ جي تقريب ۾ حضور عليه السلام جي شموليت جا ثبوت پڻ تاريخ جو حصو آھن
شايد ملت ابراھيميء جي سبب ان سان ان معاملي ۾ مطابقت ھڪ سبب ھئي ۽ قريشي نسب ھجڻ جي ڪري بہ حضور عليه السلام ان وقت ۾ قريش مڪه جي اندر جيڪي جائز رواج ھئا انھن جي حمايت ڪئي جھڙوڪ ڏھين محرم الحرام جو روزو ڪعبي جي غلاف واري تقريب وغيره
روايت آهي ته جڏهن حضور عليه السلام مديني پاڪ ۾ ھجرت فرمائي ته ان وقت مديني جا يھودي عاشوري جو روزو رکندا هئا جڏهن کين ٻڌايو ويو ته ان ڏينهن حضرت موسي عليہ السلام ۽ بني اسرائيلن کي الله رب العالمين فرعون کان نجات عطا فرمائي ھئي ان ڪري ان ڏينهن شڪراني جو نفل روزو رکيو ويندو آهي ان تي حضور عليه السلام ارشاد فرمايو ته موسي عليہ السلام سان اسان جي نسبت توھان کان وڌيڪ آھي پوء پاڻ پنھنجي اصحابن کي به ان ڏينهن روزو رکڻ جو ارشاد فرمايائون ڪجھ صحابن ۽ بزرگن جو چوڻ آهي ته موسي عليہ السلام سان محبت جو اظهار ھجڻ ڪري ڏھين جو روزو رکڻ جو ارشاد فرمايو ۽ يھودين جي مخالفت ڪرڻ جي ڪري 9
 ۽ 10 يا 10 ۽ يارھين جي روزي رکڻ جو حڪم ڏنو
   
      يوم عاشور جي موقعي تي ٿيڻ وارا واقعات

ھن ڏينھن تي حضرت آدم عليه السلام کي پيدا فرمايو ويو

ھن ئي ڏينھن حضرت آدم عليه السلام کي جنت ۾رھايو ويو

ھن ئي ڏينھن ۾ حضرت آدم عليه السلام جي توبه قبول ڪئي وئي

ھن ئي ڏينھن تي لوح ۽ قلم کي پيدا ڪيو ويو

ھن ئي ڏينھن تي حضرت نوح عليہ السلام جي ٻيڙي کي جبل جودي تي پھچايو ويو

ھن ئي ڏينھن تي حضرت ادريس عليه السلام کي آسمان تي کنيو ويو

ھن ئي ڏينھن تي حضرت يوسف عليہ السلام کي مصر جي قيد خاني مان آزادي ملي

ھن ئي ڏينھن تي حضرت اسماعيل عليه السلام جي پيدائش ٿي

ھن ئي ڏينھن تي حضرت يوسف عليہ السلام کي مصر جو حاڪم بڻايو ويو

ھن ئي ڏينھن تي حضرت يوسف عليہ السلام جي حضرت يعقوب عليہ السلام سان جدائي کان پوء ملاقات ٿي

ھن ئي ڏينھن تي حضرت ابراهيم عليه السلام تي باھ کي ٿڌو ڪيو ويو کين ابراهيم خليل الله بڻايو ويو

ھن ئي ڏينھن تي حضرت موسي عليہ السلام ۽ بني اسرائيلن کي فرعون کان نجات ڏياري وئي

ھن ئي ڏينھن تي حضرت موسي عليہ السلام کي توريت عطا فرمائي وئي

ھن ئي ڏينھن تي حضرت ايوب عليه السلام کي بيماريءَ کان شفا عطا فرمائي وئي

ھن ئي ڏينھن تي حضرت يونس عليہ السلام کي مڇيءَ جي پيٽ مان آزادي ملي

ھن ئي ڏينھن حضرت سليمان عليہ السلام کي بادشاھت ملي

ھن ئي ڏينھن تي حضرت يونس عليہ السلام جي قوم جي توبه قبول ڪئي وئي ۽ انھن تان عذاب ٽاريو ويو

ھن ئي ڏينھن تي حضرت عيسي عليه السلام کي پيدا ڪيو ويو

ھن ئي ڏينھن تي حضرت عيسي عليه السلام کي آسمان تي کنيو ويو

ھن ئي ڏينھن تي حضور عليه السلام جو نڪاح بيبي خديجه رضه سان ٿيو

ھن ئي ڏينھن تي زمين تي سڀ کان پھريون مينھن وسايو ويو

ھن ئي ڏينھن تي قريش ڪعبي تي غلاف چاڙهڻ جي تقريب ڪندا هئا

ھن ئي ڏينھن تي قريش يھودي ۽ مسلمان ھميشه کان روزا رکندا آهن

ھن ئي ڏينھن تي واقعہ ڪربلا رونما ٿيو ھن ئي ڏينھن تي نواسہ رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم حضرت امام حسين عليه السلام کي شھيد ڪيو ويو

ھن ئي ڏينھن تي پھريون صور ڦوڪيو ويندو

ھن ئي ڏينھن تي قيامت قائم ٿيندي


محرم الحرام جي فضيلت

حضرت ابن عباس رضہ کان روايت آهي ته اسان حضور عليه السلام کي سواء رمضان جي مهيني جي ڪنهن به ڏينهن۾ايترو پابندي سان روزي جو اھتمام ڪندي نه ڏٺو جيترو يوم عاشور جي ڏينهن ڏٺو

حضرت ابو قتادہ رضه کان روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم ارشاد فرمايو ته مونکي اميد آهي ته عاشوري جو روزو گزشتہ گناھن جو ڪفارو ٿي ويندو

حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم کان ڪنھن پڇيو ته ياعلي رمضان کان بعد ڪھڙي مھيني۾روزا رکڻ ۾ وڌيڪ فضيلت آھي حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم ارشاد فرمايو اھو ئي سوال ھڪ ڏينھن ڪنھن شخص حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو ته رمضان کان پوءِ محرم الحرام جي مھيني۾ روزا رکڻ وڌيڪ فضيلت وارو آھي انڪري ته هن ئي مھيني۾ الله رب العالمين ھڪ قوم جي توبه قبول ڪئي ۽ ھڪ قوم جي توبه قبول ڪندو ھن ۾ ھڪ ڏينھن اھو آھي جنھن ۾ ھي واقعا رونما ٿيا اھو عاشور جو ڏهاڙو آھي

حضرت ابو هريره رضه کا روايت آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليہ السلام ارشاد فرمايو ته رمضان کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ فضيلت وارا روزا محرم الحرام جا آھن

*ھڪ وجه ھيء به بيان ڪئي وئي آهي ته الله رب العالمين جي نزديڪ چار مھينا سڀ کان وڌيڪ فضيلت وارا ۽ حرمت وارا آھن انھن ۾ محرم الحرام سڀ کان پهرين آهي*
1محرم الحرام
2 رجب
3 ذوالقعد

4 ذوالحج

امام غزالي عليه رحمة فرمائن ٿا ته محرم الحرام جي ھڪ فضيلت اھا به آهي ته اسلامي سال جو آغاز محرم الحرام کان ٿيندو آھي ان کي پنهنجي عبادت سان سجايو وڃي ۽ سڄي سال جي خير ۽ عافيت ۽ برڪت جو سوال ڪيو وڃي

محرم الحرام ۾ ڪارا ڪپڙا پائڻ به جائز آھن مگر ياد رھي محرم الحرام جي لاء خاص نوان جوڙا ٺھرائي پاڻ اھتمام سان ڪارا ڪپڙا سبرائڻ درست نه آھي محرم الحرام کان سواءِ به سڄو سال ڪارا ڪپڙا پائڻ جائز آھن

محرم الحرام ۾ نڪاح ڪرڻ به جائز آهي البته شادي جون غير ضروري رسمون سڄو سال ناجائز آھن چاھي محرم ھجي يا غير محرم
و آخر دعواھم ان الحمدلله رب العالمين
الله رب العالمين کان دعا آهي ته محرم الحرام جون برڪتون اسان سڀني کي نصيب فرمائي اسان جي ھيء ڪوشش قبول فرمائي آمين يارب العالمين بجاہ النبي الڪريم