امام عالي مقام حسين عليه السلام جون ڪرامتون
- چھري جو نور
- کوھ جو اٻرڻ
- نور جي لاٽ ۽ سفيد پکي
- نيزي تي تلاوت
- خولي بن يزيد جو انجام
علامه جامي رحمت الله عليه ارشاد فرمائن ٿا امام حسين عليه السلام جو چھرو مبارڪ ايترو ته روشن ھيو نور سان ڀرپور ھيو جو اونداهيءَ رات ۾ ٻاھر نڪرندا ھئا ته سندن رخسارن جي روشنيءَ سان اطرافن ۾ نور ڦھلجي ويندو هو سبحان الله
طبقات الڪبرا ۾ ھڪ روايت نقل ڪئي وئي آھي ته ھڪ ڀيرو امام عالي مقام حسين عليه السلام ڪنھن سفر تي وڃي رھيا ھئا ان دوران ھڪ ڳوٺ ۾ سندن قيام ٿيو ان ۾ سندن ملاقات حضرت ابن مطيع رحمت الله عليه سان ٿي انھن عرض ڪيو يا سيدي منھنجي کوھ جو پاڻي تمام گھٽ ٿي ويو آهي ان ۾ برڪت لاءِ دعا فرمايو امام عالي مقام ان کوھ جو پاڻي طلب فرمايو کين پاڻي پيش ڪيو ويو پاڻ ان ٿانو مان پاڻيءَ جو ڍڪ ڀري ان ۾ گرڙي فرمايائون ۽ ابن مطيع کي حڪم ڪيائون ته ھي پاڻي پنھنجي کوھ ۾ وجھ ابن مطيع فرمائن ٿا مون اھو پاڻي جيئن کوھ ۾ وڌو ته يقدم کوھ جو پاڻي اٻري پيو ۽ سطح کان وھڻ لڳو ان کان پوءِ منهنجي کوھ جو پاڻي وڌيڪ لذيذ ۽ مٺو ٿي ويو
)الطبقات الڪبري ج۵ص۱۱۰ دارلڪتب العلميہ بيروت)
*نور جي لاٽ ۽ سفيد پکي*
امام عالي مقام حسين عليه السلام جي شھادت کان پوءِ سندن سر مبارڪ مان ڪيتريون ئي ڪرامتون ظاھر ٿيون انھن منجھان ھيء به ھڪ آھي شھادت کان بعد جڏھن سندن سر مبارڪ خولي بن يزيد جي نگرانيءَ ۾ ڪوفي پھچايو ويو ان وقت رات جو وقت ھيو ۽ دارامارت يعني گورنر ھائوس جو دروازو بند ھيو ھي بدبخت امام عالي مقام جي سر مبارڪ کي پنهنجي گھر کڻي آيو ظالم بدبخت سر مبارڪ زمين تي رکي ھڪ وڏو ٿانوُ سر مبارڪ جي مٿان ڍڪي ڇڏيو گھر واريءَ کي چيائين ته مان تنھنجي لاءِ زماني ڀر جي دولت کڻي آيو آهيان ھو ڏس حسين بن عليء جو سر تنھنجي گھر ۾ پيو آهي سندس گھر واري جو نالو نوار ھيو ان جيئن ٻڌو ته نواسہ رسول حسين بن علي
السلام عليھم اجمعين
جو سر مبارڪ کڻي آيو آهي ته ان کي طيش آيو چيائينس اي بدخت ظالم شخص مان اڄ کان پوء توسان ڪڏهن نه رھندس ائين چئي ۽ جتي امام عالي مقام جو سر مبارڪ رکيل ھئو اتي اچي ويھي رھي ھوء قسم کڻي بيان ڪري ٿي ته خدا جو قسم مون ڏٺو ته سر مبارڪ کان آسمان تائين نور جي لاٽ ٻرندي رهي ٿي ۽ سفيد رنگ جاپکي ان جي چوڌاري گھمندا رھن ٿا جڏهن صبح ٿيو ته بدبخت خولي بن يزيد سر مبارڪ ابن زياد ڏي کڻي آيو
)الڪامل في التاريخ ج۳ص۴۳۴
*نيزي تي سر مبارڪ جي تلاوت*
حضرت زيد بن ارقم رضي الله عنہ جو بيان آهي جڏھن يزدين امام عالي مقام جي سر مبارڪ کي نيزي تي چاڙھيو ۽ ڪوفي جي گلين ۾ گشت ڪرايو ويو مان ان وقت پنهنجي گھر جي بالا خاني تي ھيس جڏهن سر مبارڪ منھنجي سامھون گذريو ته مان ٻڌو ته س مبارڪ مان سوره ڪھف جي آيت ۹ ام حسبت انَ اصحٰب الڪھف والرقيم کانو من اٰيٰتنا عَجَبا
معني ڇا توھان کي خبر نه پھتي ته غار ۽ جھنگ جي ڪناري وارا اسان جي عجيب نشاني ھئا
جي تلاوت ڪري رهيو هو ھڪ روايت موجب جڏهن سر مبارڪ ابن زياد جي محل ۾ داخل ٿيو ته لبن کي جنبش ھئي ۽ زبان اقدس تي سورہ ابراهيم جي آيت ۶۲ جي تلاوت جاري ھئي
ولا تحسبن الله غافلاً عما يعمل الظٰلمون
۽ ھر گز الله کي بي خبر نه ڄاڻجو ظالمن جي ڪمن کان
(سوانح ڪربلا)(روضتہ الشهداء مترجم ج ۲ص۳۸۵ )
*خولي بن يزيد جو عبرتناڪ انجام*
ھن ظالم دنيا جي دولت جي حرص ۾ امام عالي مقام جو سر مبارڪ تن کان جدا ڪيو جنهن جي سزا ھن کي دنيا جي اندر ئي دردناڪ موت جي صورت ۾ ملي ڪجھ ئي سالن کان پوءِ جڏهن محب اھلبيت مختار ثقفيء ڪربلاء جي شهيدن جي قاتلن جي خلاف ڪارروائي ڪئي۽ ڳولي ڳولي بدبختن کي جھنم رسيد ڪيو ويو مختار ثقفيء حڪم ڏنو ته ڪربلا ۾ لشڪر يزيد جي سپھ سالار عمرو بن سعد جو جيڪو به حامي ۽ ساٿي ھيو ان کي قتل ڪيو وڃي خولي بن يزيد کي گرفتار ڪري مختار ثقفيء وٽ آندو ويو ان پھريان سندس ھٿ پير وڍرايا ۽ پوء باھ ۾ ساڙايو
اھڙي طرح ابن سعد جي لشڪر جي تمام خبيسن کي گرفتار ڪري طرح طرح جي عذابن سان قتل ڪيو ويو ڇھ ھزار ڪوفي امام عالي مقام جي شھادت ۾ شامل ھئا انھن سڀني جو انجام مختار ثقفيء جي ھٿان برو عذاب بڻجي ويو ۽ ھميشه لاءِ تاريخ جو حصو
(سوانح ڪربلا ص۱۲۲)

