امام حسین جون ڪرامتون حصو ٻيون - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Thursday, September 13, 2018

امام حسین جون ڪرامتون حصو ٻيون

امام حسين جي گستاخ جو انجام 

ڪارو وڇون يا عذاب 

سر مبار جي ھڪ رات جي قيمت

ٺڪرين تي لکيل آيتون


ڪارو وڇون

ميدان ڪربلا ۾ يزيدي فوج جي گستاخ بدبخت شخص جڏهن امام عالي مقام جي شان ۾ گستاخي ڪئي ھيئن چئي ته اي حسين تنھنجي رسول الله ( صلي الله عليه وسلم)
سان ڪھڙي نسبت ڀلا ھي جملو ٻڌي امام پاڪ جي دل کي انتھائي صدمو رسيو ۽ پاڻ بارگاهه خداوندي ۾ ان بدبخت جي حق ۾ بددعا ڪيائون ٿوري ئي دير گزري ته ان گستاخ شخص کي قضائي حاجت جي ضرورت پئي يقدم گھوڙي تان لھي تنھائي ۾ ڀڳو جيئن ئي برھنو ٿي زمين تي ويٺو ته اچانڪ خدائي عذاب ظاھر ٿيو ھڪ ڪاري رنگ جي وڇونءَ ان کي ان ئي حالت ۾ ڏنگيو ۽ ھي گستاخ ان ئي حالت ۾ برھنو گندگيءَ سان ڀرپور تڙپندو جھنم ۾ وڃي پھتو

گستاخ جو انجام


ميدان ڪربلا ۾ جڏھن ھڪ مزني شخص امام عالي مقام جي شان اقدس ۾ لب ڪشائي ڪئي ھي ظالم ۽ بيحس شخص چوڻ لڳو ته افسوس درياء فرات ڪيڏي موجن سان وھي رھيو آ مگر اي حسين خدا جو قسم توھان ھن مان ھڪ قطرو به پي نه سگھندؤ ھن ڪافر ۽ بدڪردار کي شايد خبر نه ھئي ته ڪوثر جا وارث ساقيءَ ڪوثر جا لاڏلا اگر فرات کي ھڪ اشارو ڪن ھا ته فرات پنھنجو رستو مٽائي فرعونين وانگر تمام يزيدين کي غرق ڪري ڇڏي ھا مگر بارگاهه خداوندي مان ھي آزمائش حتمي ھئي ازل کان ۽ پاڻ ان کان ھميشه خبروار ھئا شايد ائين چوڻ ۾ به ڪا گھٽتائي نه ٿيندي ته حسين عالي مقام کي ان گھڙين ان لمحن جو ازل کان انتظار ھو 
ان شخص جا ھي جملہ کين سيني ۾ تير جيان لڳا ۽ کين صدمو رسيو پاڻ ان بدبخت جي حق ۾ بددعا ڪيائون رب جي بارگاھ ۾ھٿڙا کڻي عرض ڪيائون اللھم امتہ عطشنا اي ان شخص کي اڃارو موت ڏي 
سندن زبان مبارڪ مان ھي جملا نڪرڻ شرط ان گستاخ جو گھوڙو سندس ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري ويو ۽ کيس ڊوڙائي ڊوڙائي اھڙي ته اڃ ڏياريئن جو العطش العطش جون رڙيون ڪرڻ لڳو يعني ھاء اڃ ھاء اڃ جون ڪوڪون ڪرڻ لڳو جڏھن کيس پاڻي ڏنو پئي ويو ته ھڪ ڍڪ به پي نه سگھيو ۽ اڃارو تڙپندو وڃي جھنم ۾ پھتو

سر مبارڪ جي ھڪ رات جي قيمت

روايت آهي ته امام عالي مقام حسين عليه السلام جي سر مبارڪ جو گذر جڏهن ھڪ راھب جي گرجا گھر کان ٿيو ته ان پڇيو ته ھي ڪنھن جو سر مبارڪ آھي جڏھن کيس ٻڌايو ويو ته ھي سر مبارڪ امام عالي مقام حسين عليه السلام نواسہ رسول اڪرم صلي عليه وآله وسلم جو آھي راھب کين چيو توھان ڪيڏا نه ظالم ۽ برا ماڻھو آھيو پنھنجي نبيء جي نواسي سان اھڙو سلوڪ سخت بيوفائيءَ جو نشان آ پوء ان راھب يزيدين کي ڏھ ھزار اشرفين جي پيشڪش ڪئي ته سر مبارڪ کي ھڪ رات لاء مونکي ڏنو وڃي دنيا جا لالچي يزيدي ان ڳالھ تي راضي ٿي ويا ۽ انھن سر مبارڪ ھڪ رات لاءِ راھب کي ڏنو راھب کائن سر مبارڪ وٺي ڌوئي صاف ڪري خوشبو لڳائي ۽ سڄي رات پنهنجي ران تي رکي زيارت ڪندو رھيو ۽ سر مبارڪ کان آسمان تائين نور جي لاٽ ٻرندي ڏسندو رھيو ۽ سڄي رات روئيندو رهيو ايمان ته سندس دل ۾ رات ئي اجاگر ٿي ويو ھو صبح جو اسلام قبول ڪري سمورو مال متاع ڇڏي ۽ سڄي زندگي اھلبيت جي خدمت ۾ گذاري.
)الصوائق المرحقہ ۱۹۹)

ٺڪرين تي لکيل آيتون
روايتن ۾ اھو به ملي ٿو ته جڏھن يزدين لٽيل درھم دينار ۽ اشرفيون جيڪي اھلبيتن جي خيمن مان لٽيون ۽ جيڪي اشرفيون کين راھب ڏنيون اھي ورھائڻ لاء ٿيليون کوليون ته اھي تمام سون ۽ چانديءَ جو اشرفيون ٺڪريون بڻجي چڪيون ھيون جن جي ھڪ طرف سوره ابراهيم جي آيت ۴۲ ولا تحسبن الله غافلاً عما يعمل الظٰلمون
۽ ھر گز الله بي خبر نه آهي ظالمن جي ڪمن کان
 ۽ ٻئي پاسي سوره الشعراء جي آيت ۲۲۷ لکيل ھئي 
وسيعلمُ الذين ظَلَمو اَيَّ مُنقلبُّ يَّنقلبون 
۽ ھاڻي ظالم ھي ٿا سمجھن ٿا ڪھڙي پاسي موٽ کائجي 
افسوس جو ھنن دنيا جي لالچ ۾ اچي پنهنجي آخرت ته برباد ڪئي مگر کين دنيا ۾ به رسوائي ئي ملي