پنج سئو سٺ قبر وارن تان. عذاب ٽري ويو
ھي حڪايت الله رب العالمين جي رحمت جو سراپا مظھر آھي الله ۽ الله وارن جي وجود جي برڪت جو عنصر به ھن حڪايت ۾ شامل آھي ۽ مديني واري سائينءَ جي درود شريف جي برڪت جو معجزو پڻ آھي ھڪ ئي جاء تي ھي ٽيئي شيون ھن حڪايت جو حسن آھن مولانا جلال الدين روميءَ فرمايو آهي ته رحمت حق بھانمي جويد
رحمت حق بھانا مي جويد
مطلب الله جي رحمت بھا نه ڳوليندي آهي
الله جي رحمت بھانو ڳوليندي آهي
سبحان
ھي حڪايت پڙھي واقعي توھان کي ھن شعر جو مصداق محسوس ٿيندو
حضرت حصن بصري رحمت الله عليه وٽ ھڪ عورت آئي عرض ڪيائين سائين منھنجي جوان ڌيءَ وفات ڪري وئي آهي ھوء ڪھڙي حال ۾ آهي ان کي خواب ۾ڏسڻ لاء ڪو وضيفو ارشاد فرمايو
بزرگ ان عورت کي وضيفو ارشاد فرمايو جڏھن اھا عورت رات جو ستي ته سندس ڌيءَ کي خواب ۾ڏٺائين ھوء عذاب ۾ مبتلا ھئي ان جي جسم تي تار ڪول يعني ڊانبر جو لباس ھئو ھٿن پيرن ۾ زنجير جڪڙيل ھئس
ھي منظر ڏسي سندس ماء ڏڪي وئي ۽ صبح تي ھن جو احوال حضرت حسن بصري رحمت الله عليه کي ڏنائين بزرگ رحمت الله عليه ان جي حق ۾ دعا ڪئي ڪجھ عرصي کانپوءِ حضرت حسن بصري رحمت الله عليه ھڪ نينگريءَ کي خواب ۾ ڏٺو ته ھڪ تخت تي جلوہ گر ھئي ۽ جنت جا مزه ماڻي رھي ھئي ھيء اھا ئي نينگري ھئي جيڪا ڪجھ عرصو پھريان عذاب ۾مبتلا ھئي حضرت حسن بصري رحمت الله عليه ان نينگريءَ کان پڇيو ته ان جو ڇا سبب آهي ان نينگريءَ چيو ته ڪجھ عرصو پھريان ھن قبرستان مان ھڪ الله جي ولي جو گذر ٿيو ان درود شريف پڙھي ان جو ايصال ثواب ھن قبرستان وارن کي پھچايو جنهن جي برڪت سان ھن قبرستان جي 560 قبرن وارن تان عذاب معاف ڪيو ويو
سبحان الله
