درود جا عجائبات - The Islam

Islamic information in Sindhi Language All About Islam Quran Tasawuf Hadis Friends Of Allah All you need

Saturday, September 1, 2018

درود جا عجائبات

عجائبات درود

ھن پوسٽ ۾ اوھان پڙھي سگھندو درود شريف جا عجيب و غريب عجائبات شايد ھن کان پهريان ھڪ ھنڌ ڪنھن بہ ويبسائٽ ڪنھن بہ آرٽيڪل ۾ نه پڙھيا ھوندا انشاءالله ھن ۾ توھان يارنھن زبردست ايمان کي تازو ڪرڻ واريون ۽ محبت کي وڌائڻ واريون حڪايتون اوھان کي پڙھڻ لاء ملنديون
پاڻ به پڙھو ٻين کي به پھچايو ۽ منهنجي حق ۾ دعا به ڪيو جزاڪ الله خير


حڪايت نمبر 1

حضرت حصن بصري رحمت الله عليه وٽ ھڪ عورت 
آئي عرض ڪيائين سائين منھنجي جوان ڌيءَ وفات ڪري وئي آهي ھوء ڪھڙي حال ۾ آهي ان کي خواب ۾ڏسڻ لاء ڪو وضيفو ارشاد فرمايو
بزرگ ان عورت کي وضيفو ارشاد فرمايو جڏھن اھا عورت رات جو ستي ته سندس ڌيءَ کي خواب ۾ڏٺائين ھوء عذاب ۾ مبتلا ھئي ان جي جسم تي تار ڪول يعني ڊانبر جو لباس ھئو ھٿن پيرن ۾ زنجير جڪڙيل ھئس
ھي منظر ڏسي سندس ماء ڏڪي وئي ۽ صبح تي ھن جو احوال حضرت حسن بصري رحمت الله عليه کي ڏنائين بزرگ رحمت الله عليه ان جي حق ۾ دعا ڪئي ڪجھ عرصي کانپوءِ حضرت حسن بصري رحمت الله عليه ھڪ  نينگريءَ کي خواب ۾ ڏٺو ته ھڪ تخت تي جلوہ گر ھئي ۽ جنت جا مزه ماڻي رھي ھئي  ھيء اھا ئي نينگري ھئي جيڪا ڪجھ عرصو پھريان عذاب ۾مبتلا ھئي حضرت حسن بصري رحمت الله عليه ان نينگريءَ کان پڇيو ته ان جو ڇا سبب آهي ان نينگريءَ چيو ته ڪجھ عرصو پھريان ھن قبرستان مان ھڪ الله جي ولي جو گذر ٿيو ان درود شريف پڙھي ان جو ايصال ثواب ھن قبرستان وارن کي پھچايو جنهن جي برڪت سان ھن قبرستان جي 560 قبرن وارن تان عذاب معاف ڪيو ويو 
سبحان الله

حڪايت نمبر 2

حضرت امام شرف الدين بوصيري رحمت الله عليه فرمائن ٿا مون فالج ۽ لقوہ جي مرض حملو ڪيو جنھن جي سبب منھنجي جسم جو ھڪ پاسو ڪم ڇڏي ويو ان وقت قصيدو بردو شريف آخري مرحلي ۾ ھيو ڪجھ عرصي کانپوءِ جڏهن قصيدو بردو شريف پورو ٿيو ته ان رات مان پورو پڙھندو رھيس ته منهنجي اک لڳي ويئي اک ڇا لڳي قسمت جاڳي پئي مديني واري سائينءَ جي زيارت نصيب ٿي پياري آقا مديني واري مصطفي صلي الله عليه وسلم پنھنجو مبارڪ ھٿ منھنجي جسم تي گھمايو ۽ پنھنجي چادر مبارڪ مونکي اوڙاھي جڏهن مان صبح جو اٿيس ته بلڪل صحت مند ۽ توانو ھيس 
سبحان الله

حڪايت نمبر 3

حضرت عبدالرحمان بن سمره رضه کان روايت آهي ته ھڪ دفعي مديني وارا سائين اسان ڏانهن تشريف کڻي آيا ارشاد فرمايائون
اِنِيْ رَأيتُ الْبَارِحَتَ عَجَبَا
رات مون ھڪ عجيب خواب ڏٺو آ
وَ رَأيتُ رَجُلً مِنْ اُمَتِيْ يَزْحَفُ عَلَّي الصَّرٰطَ مَرَتًہ وَ يَحُبُو مَرَتً
منهنجي امت جو ھڪ شخص پل صراط تي پيٽ ڀر ۽ منھن ڀر ريڙھيون پائي رھيو آ 
فَجَائَتُہُ صَلاَتً عَلَيَ 
بس ان جو مون تي پڙھيل درود آيو آ
فَاَخَذْتَ بِيَدِہٖ فَاَقَامَہُ عَلَي الصَّرَاطَ حَتٰي جَٰازَ
ان جو ھٿ پڪڙي مٿي ڪيئن جيسيتائين ھو پار لنگھي ويو آهي
سبحان الله

                        4   حڪايت نمبر            

                                    سعادت الدارين ۾ ھڪ حڪايت نقل ڪئي ويئي آهي
حضرت احمد بن ثابت رحمت الله عليه فرمائن ٿا درود شريف پڙهڻ جي برڪت سان مونکي ڪيترائي مشاهدا ڪرايا ويا آهن انھن مان ھڪ مشاھدو عجيب تر ھيو ھڪ رات مان درود صلات جي وضيفي کان پوءِ ستس ته خواب ڏٺم ته ھڪ جھنگ ۾هڪ ممبر آھي مان ان ممبر تي چڙھيس جڏهن ان جي آخري ڏاڪي تي پھتس ته مون ھيٺ نھاريو ته ان ڏاڪي کان سوا مون کي ڪجھ نظر نه آيو مان ھوا ۾ ھيس زمين کان پري مان پريشان ٿيڻ لڳس ۽ درود صلات جي وسيلي سان دعا گھريم ته ھي ڇا آھي اچانڪ ھڪ سنھي وار جيان راھ نظر آئي جيڪا تاريڪ اونداهيءَ ۾ھئي مان سمجھيو ته شايد ھيء پل صراط آھي ھاتف غيب مان آواز آيو ته اگر تو ھي راھ پار ڪئي ته ھن طرف مديني واري سائينءَ ۽ ان جي ساٿين سان ملندين  مون درود صلات جي وسيلي سان دعا گھري ته يا الله منھجي ھي مشڪل دور ڪر اچانڪ ھڪ بادل اچي پھتو ۽ مان ان تي سوار ٿي پيس چند لمحن ۾ ان بادل مونکي مديني واري سائينءَ جي بارگاهه۾پھچائي ڇڏيو ڏٺم ته
چارئي يار ۽ اصحاب سڳورا سائين سان گڏ آھن مون عرض ڪيو يارسول الله منھنجا قيامت ۾ ضامن ٿي وڃو فرمايائون مان تنھنجو ضامن آهيان تنھنجو خاتمو خير تي ٿيندو مون تي درود سلام جي ڪثرت ڪر ۽ فضول گفتگو کا پرھيز ڪر ان کان پوءِ منھنجي اک کلي پئي
سبحان الله


حڪايت نمبر 5


مسند احمد بن حنبل ۾ حضرت عقبہ بن عامر رضہ کان روایت آھي ته مسجد ۾ اوتاد ھوندا آھن ۽ انھن جا ھم مجلس فرشتا ھوندا آھن جڏھن اوتاد گم ٿيندا آهن ته فرشتا انھن جو انتظار ڪندا آهن انھن کي ڳولھيندا آھن جڏھن ھو واپس ايندا آهن ته انهن جو استقبال ڪندا آهن اگر ھو ڪا حاجت طلب ڪندا آهن ته انهن جي مدد ڪندا آهن جڏهن ھو ويهندا آهن ته فرشتا انھن جي قدمن کان آسمان تائين جي جاء جو گھيرو ڪندا آهن سندن ھٿن۾ چانديءَ جا ورق ھوندا آھن سون جا قلم ھوندا آھن  ھو جيڪي به درود پڙھندا آھن ان کي لکندا آهن جڏھن ھو ذڪر ڪندا آهن ته آسمانن جا دروازا کلي ويندا آهن خوبصورت اکين واريون حورون انھن کي جھاتي پائي ڏسنديون آهن انھن جون دعائون قبول ڪيون وينديون آهن  الله تعالي جي رحمت خاص انھن ڏانھن متوجه ھوندي آھي جيستائين ھو ڪنھن ٻئي ڪم ۾ مشغول ٿين
سبحان الله


حڪايت نمبر
6

حضرت قرطبي رحمت الله عليه نقل ڪن ٿا ته حضرت حسن بصري رحمت الله عليه فرمايو ته ھڪ وڏو گنھگار شخص ھيو مگر ان جي درود شريف پڙهڻ جي عادت ھئي درود شريف پڙهڻ سان ان جو عشق ھيو جڏھن ھو مرض الموت ۾ مبتلا ٿيو ته سندس چھرو بگڙي ويو ايتري تائين جو ماڻھو ھن کان خوف کائڻ لڳا ھڪ ڏينھن روئي ۽ الله رب العالمين جي بارگاهه ۾ عرض ڪيائين مولا توکي تنھنجي حبيب جو واسطو ۽ ان درود جو واسطو جيڪو مان تنھنجي حبيب تي پڙھندو آھيان منھنجي حال تي رحم ڪر انڃان ان جا ھٿ ھيٺ نه ٿيا ھئا ته آسمان تان ھڪ سفيد رنگ جو پکي لٿو جنھن پنھنجو پر انجي چھري تي گھمايو ته ان جو چھرو روشن ٿي ويو فضا ۾ خوشبو ڦھلجي ويئي ۽ سندس روح پرواز ڪري ويو وفات کانپوءِ کيس ڪنھن شخص خواب ۾ڏٺو ته ھي آيت پڙھي رھيو ھو 
ان الله و ملائکتہ يصلون علي النبي ياايھا الذين امنو صلو عليه وسلمو تسليما

سبحان الله
حڪايت نمبر 7


حضرت مولانا جلال الدين رومي رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ھڪ ڏينھن ماکيءَ جي مک کان مديني واري سائين پڇيو ته توهان ماکي ڪيئن ٺاھينديون آھيو ماکيءَ جي مک عرض ڪيو يارسول الله صلي الله عليه وسلم اسان گلن جو رس چوسي ۽ ڇتي تائين پھچائنديون آھيون پاڻ ڪريمن ارشاد فرمايو پر گلن جو رس ته ڪوڙو به ھوندو آ ڦڪو به ھوندو آ پوء کاڄ ڪيئن ٺھي ويندو آهي 
ماکيءَ جي مک جواب ۾ عرض ڪيو
گفت چون خوانيم بر احمد درود
مي شود شيرين و تلخي راربود
عرض ڪيئون يارسول الله صلي الله عليه رستي ۾ سڄي واٽ اسان توھان جي مٿان درود پڙهنديون آھيون  انجي مٺاس ئي کاڄ جي مٺاس آھي

سبحان الله


حڪايت نمبر 8

ھڪ روايت آهي ته ھڪ بزرگ رحمت الله عليه سفر ۾ ھئو ھڪ جاء تي نماز جو وقت اچي ويو ان جاء  تي ھڪ بلا خانو ۽ کوھ موجود ھو جڏھن پاڻ وضو ڪرڻ لاء کوھ جو رخ ڪيو ته ان تي نه رسي ھئي نه ڏول ھو ايتري ۾ بالا خاني تي ھڪ نينگري نظر آين پاڻ ان کان پڇيو ته رسي ۽ ڏول ڪٿي آهي وضو ڪرڻو آ اھا ننڍڙي نينگري لھي آئي کائن پڇيائين ته توھان ڪير آھيو ان بزرگ ٻڌايو ته مان سليمان جزولي آھيان شيخ سليمان جزولي رحمت الله عليه ان وقت جا وڏا عالم ھئا ان تي نينگريءَ چيو توھان اھي نالي وارا سليمان جزولي آھيو حال اھو آ ته کوھ مان پاڻي به نه ٿا ڪڍي سگھو ڏسندي ئي ننڍڙي ڪجھ پڙھي ان کوھ تي دم ڪيو يا کوھ جي اندر پنهنجي ٿڪ اڇلائي يڪدم کوھ جو پاڻي مٿي اچي ٻاھر ڪرڻ لڳو ۽ شيخ سليمان جزولي رحمت الله عليه ڏسندا رھجي ويا وضو ڪري نماز ادا ڪيائون ان کان پوء ان نينگريءَ کان پڇيائون ته پٽ تو ڇا پڙھي ان کوھ تي دم ڪيو ان ننڍڙي نينگري چيو ته مون وٽ ڪو به ورد ۽ وظيفو نه آھي بس مديني واري سائين جي مٿان درود پڙھي کوھ تي دم ڪندي آھيان ته کوھ جو پاڻي مٿي چڙهي ايندو آهي
ان واقعي کانپوءِ شيخ سليمان جزولي رحمت الله عليه ارادو ڪيو ته مان درود شريف تي ھڪ ڪتاب لکندس ۽ پوء پاڻ جڳ مشهور ڪتاب دلائل الخيرات لکيائون
۽ ان ۾ ئي اھو درود صلات البئر جي نالي سان درج ڪيو
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلیٰ مُحَمَّدٍ وَعَلَى آلِ مُحَمَّدٍ۔صلوٰۃ دائمة مقبولة تو دی بھا عنا حقه العظیم الصلوٰۃ المحمودیة
سبحان الله

حڪايت نمبر 9



مسالت المطالع جي اندر روايت آهي ته بزرگ رحمت الله عليه جو ھڪ قبرستان مان گذر ٿيو ان قبرستان جي ھڪ قبر مان مشڪ ۽ عنبر کان وڌيڪ خوشبوءِ پئي آئي جڏھن پاڻ پڇيائون ته هي قبر ڪنھنجي آھي خبر پين ته اھا قبر شيخ جزولي رحمت الله عليه جي ھئي ھو درود ۽ سلام پڙھڻ جا عادي ھئا 
ان وقت سندن وفات کي 70سال کان مٿي گذري چڪا ھئا
سبحان الله


حڪايت نمبر 10

سبحان اللہ راحت القلوب جي اندر ھڪ روايت نقل ڪئ وئي آهي ته يھودين جي ھڪ گروھ وٽان ڪو سوالي گذريو ۽ سوال ڪيائين ان تي انھن يھودين مزاق ڪندي باغ ۾ھٿين خالي بيٺل حضرت علي ڪرم الله وجهه الڪريم ڏانهن موڪيس ائين چئي ته ھو اسان جو ماڻھو آھي توکي گھڻو ڪجھ ڏيندو جڏهن ته پياري علي ڪرم الله وجهه الڪريم جا ھٿ ان وقت خالي ھئا 
پر شايد انھن کي خبر نه ھئي ته ھٿ ڪنھن جا ھئا 
مالڪ کونين هين گو پاس کچھ رکھتي نهين
دو جھان کي نعمتين هين انڪي خالي ھاٿھ مين
جڏهن يھودي وٽن آيو ۽ سوال ڪيائين ته مولي علي فرمايس ھٿ کول پاڻ ڏھ ڀيرا درود پڙھي ۽ دم ڪري چيائونس ته ھٿ يھودين جي چنڱي مڙس آڏو وڃي کول يھودين وٽ پھتو ته پڇيائونس ته ڇا مليئ جڏهن سوالي ھٿ کوليو ته ان ۾ ڏھ اشرفيون ھيون
اھو منظر ڏسي ڪيترائي يھودي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا
سبحان الله


حڪايت نمبر 11

القول البديع ۾ امام سخاوي عليه رحمہ نقل ڪيو آهي ته مولي علي ڪرم الله وجهه الڪريم فرمائن ٿا ته مٺڙي مديني واري ارشاد فرمايو ته جيڪو شخص حج ڪندو آ ۽ وري ڪنھن غزوي ۾ شرڪت ڪندو آ ته ان کي 400 مقبول حجن جو ثواب ملندو آهي ان تي اھي غريب ۽ مسڪين ماڻهو افسرده ٿيا جن وٽ نه حج ڪرڻ جي طاقت ھئي نه ئي جھاد ڪرڻ جي وسيت ھئي ان تي الله جي رحمت کي جوش آيو جبريل عليه السلام لھي آيو فرمايائون اي حبيب اوھان جي رب ارشاد فرمايو آهي ته جيڪو شخص ھڪڙو ڀيرو دل سان توھان تي درود ۽ سلام پڙھندو الله رب العالمين انکي 400 غزوات ۾ شامل ٿيڻ جو ثواب عطا فرمائيندو آهي
سبحان الله