امام حسين عالي مقام جو سفر مديني کان ڪربلا تائين
تاريخ گواھ آھي ته جھڙي طرح مديني واري سائينءَ مڪي جي ڪافرن جي ظلم ۽ ستمن کان پوءِ مديني ڏانھن ھجرت فرمائي اھڙي طرح سندن ٻچڙن به يزيدين جي ظلم ۽ بربريت ۽ بيعت ڪرڻ لاء زبردستي ۽ موت مار ڌمڪين جي ڪري مديني مان ھجرت فرمائي عالمن لکيو آهي ته پاڻ موت مار ڌمڪين کان ڊڄڻ جي ڪري نه مگر ناني جي بشارت کي سچ ڪرڻ لاء ۽ مديني جي تقدس جي پاماليء کان بچڻ لاء ھجرت ڪئي
ھجرت واري رات مديني واري سائينءَ جي کين خواب ۾ زيارت ٿي ۽ کين ميدان ڪربلا ۾ پوري قبيلي سميت شھيد ٿيڻ بشارت عطا ڪئي وئي پاڻ رات جي پھر ۾ ئي امڙ جيجل فاطمه زهرا سلام الله عليها جي مزار تي حاضري ڏني امام حسن عليه السلام جي جي مزار تي حاضري ڏني آخر ۾ مزار مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ آخري سلام عرض ڪيو
محمد بن حنفيہ سان مڪالمو
سندن ڀاء کين چيو توھان مڪي ڏانھن وڃو يا يمن جي طرف يا جھنگن ڏانھن رجوع ڪيو امام عالي مقام ارشاد فرمايو جيڪڏهن زمين تي ڪابه جاء پناھ گاھ نه به ملي تڏھن بہ يزيد جي بيعت ھرگز نه ڪئي ويندي پوء پاڻ ھڪ وصيت تحرير فرمائي جنھن جو مضمون ھن ريت ھومان حسين ابن علي پنھنجو وطن ڪنھن شر ۽ فساد ڦھلائڻ جي ڪري يا ظلم ۽ ستم ڦھلائڻ جي ڪري ونه ٿو ڇڏيان مگر منھنجو مقصد ناني جي امت جي اصلاح ڪرڻ آھي نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائيءَ کان منع ڪرڻ آھي مان پنهنجي ناني رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم ۽ بابي علي ڪرم الله وجهه الڪريم جي سيرت تي آھيان سندن نقش قدم تي عمل پيرا آهيان
مڪي جي طرف روانگي
امام عالي مقام حسين عليه السلام پنج ڏينهن جي سفر کان پوءِ ٽي شعبان سٺ ھجريء مڪي ۾ داخل ٿيا مڪي جي حاجين ۽ مسلمانن سندن شاندار استقبال ڪيو
امام عالي مقام مڪي جي قيام دوران نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائيءَ کان منع ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو سندن رھائش گاھ اڪثر ماڻھن سان ڀريل ھوندي ھئي اسلام جي حقيقي صورت کين امام عالي مقام جي سيرت ۽ سورت ۾ نظر ايندي ھئي جن ماڻهن مديني واري سائين جي زيارت ڪئي ھئي ۽ جن نه ڪئي ھئي سڀني جي لاء سندن شبيھ وجود مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي جھلڪ ھئي ڪردار خوشبودار گفتار دلنواز مسڪراھٽ نوراني ھلڻ نفاست وارو گھمڻ ڦرڻ اٿڻ ويھڻ کائڻ پيئڻ سراپا نور اچڻ وارن جي نه اڃ اجھندي ھئي نه نيت ڀرجندي ھئي سندن زيارت مان مگر افسوس جو يزيدين جي اقتدار کين ٽوڙي مروڙي بيوفائيءَ ۾ گرفتار ڪري ورتو ان دوران ڪوفين ڪيترائي خط ۽ قاصد امام عالي مقام جي خدمت ۾ موڪليا ڪتابن ۾ ان جو تعداد 18000 ھزار لکيو ويو آهي
جڏهن عراقين کي يزيد جي اقتدار جي خبر پھتي ته ھي سڀ سليمان بن صرد خزائيء جي گھر ۾ جمع ٿيا امام عالي مقام جي خدمت ۾ پھريون خط لکيائون جنھن ۾ کين ڪوفي اچڻ جي دعوت ڏني ھي خط انھن عبدالله بن سبع ھمدانيء ۽ عبدالله بن وال جي ھٿان موڪليو جيڪو ڏھ10 رمضان 60 تي امام عالي مقام سان اچي مليا ان کانپوءِ به خطن جو سلسلو جاري رهيو
امام عالي مقام جو خط ۽ سفير
نيٺ ھزارن جي تعداد ۾ خط اچڻ کانپوءِ امام عالي مقام ھڪ خط تحرير فرمايو ۽ سندن سوءٽ مسلم بن عقيل کي خط ڏيئي ۽ پنھنجو قاصد بڻائي موڪليو ته جيئن عراق جي صورتحال جو جائزو وٺن مسلم بن عقيل 5شوال تي ڪوفي پھتا ۽ مختار بن ابي عبيدہ ثقفيء جي گھر ۾ قيام فرمايائونڪوفين کي جيئن امام عالي مقام جي قاصد جي اچڻ جي خبر پھتي ته سندن ھٿ تي بيعت ڪرڻ لاء ھزارن جي تعداد ۾ ڪوفي جمع ٿيا سندن تعداد 18000ھزار يا 26000ھزار ٻڌايو وڃي ٿو
مسلم بن عقيل ڪوفين جي عقيدي ۽ جذبي کي ڏسي تمام خوشدليء سان امام عالي مقام جي خدمت۾ خط لکيو ۽ حالاتن کان آگاھ ڪيو
ان دوران يزيد پنھنجي مشير سرجون نصرانيء سان مشورو ڪيو ۽ ان جي مشوري سان عبيدالله ابن زياد کي ڪوفي ۽ بصره جو گورنر مقرر ڪيو ابن زياد ويس بدلائي رات جي پھر ۾ اچي دارالامارت پھتو ۽ پنھنجو تعارف ڪرايو
ابن زياد جي بدمعاشي
ابن زياد اچڻ سان پنهنجي بدمعاشي شروع ڪئي ڪوفين کي مال دولت جي لالچ ڏني جيڪي مال سان نه ٽٽا انهن کي جان جي ڌمڪي ڏئي ٽوڙيو ويو ايسيتائين جو ڪير به ڪوفي ۾ سندن حامي نه رھيو ۽ آخرخار مسلم بن عقيل کي ابن زياد جي ظالم سپاھين شھيد ڪري ڇڏيوذوالحج ۾ يزيد جو لشڪر مڪي ۾
ذوالحج جو مھينو شروع ٿي ويو ھو جو امام عالي مقام حج جو ارادو ڪري چڪا ھئا ھوڏانھن يزيد پليد عمرو بن سعيد بن عاص کي حاجين جي لباس ۾ ملبوس ڪرائي لشڪر سميت سخت ھدايت نامو ڏئي روانو ڪيو ته امام عالي مقام اگر ڪعبي جي غلاف جي اندر به ھجي ته کين قتل ڪيو وڃي جڏهن امام عالي مقام کي سندن ظالمانه ارادي جي خبر پئي ته پاڻ ڪعي جي حرمت کي بچائڻ لاءِ اٺ ذوالحج تي حج جو احرام کي عمري جي احرام ۾ تبديل فرمايو عمرو ادا ڪري ۽ احرام کولي ڇڏيوسندن جو قصد ھاڻي عراق جو ھيو جتان مسلم بن عقيل جو خط پهتو هو ته ڪوفي وارا توھان جي تخت جا منتظر آهن چنانچہ امام عالي مقام مڪي کان ھجرت ڪري ھلڻ لڳا
جڏھن ابن زياد کي امام عالي مقام جي مڪي کان ڪوفي جي طرف ھجرت جي خبر پئي ته ان حصين بن تميم تميميء جي نگرانيءَ ۾ چار ھزار جو لشڪر روانو ڪيو جيڪو قادسيہ کان خفان قسطنطانيہ کان لعلع جي رستي جي نگرانيءَ تي معمور ڪيو ويو ته اتان جي رستن تان جيڪي ڪافلا اچن انھن تي نظر رکن
حر جو لشڪر
ابو مخنف امام عالي مقام جي ڪافلي ۾ شامل ٻن اسدي شخصن کان روايت ڪئي آهي ته امام عالي مقام جو قافلو شراف جي مقام کان روانو ٿيو ته ڏينهن جي وچ واري وقت ۾ گھوڙن جون ڳچيون نظر اچڻ لڳيون بس امام عالي مقام حُسم جو رخ ڪيو ته ظھر جي وقت حر جو لشڪر سندن سامھون اچي ويو امام عالي مقام ساٿين کي کي حڪم ڏنو ته حر جي قافلي وارن کي ۽ گھوڙن کي پاڻي پياريو وڃي چنانچہ حسيني قافلي جي جوانن نه صرف ماڻھن کي بلڪه سندن گھوڙن کي به سيراب ڪيوان ئي ڏينهن عصر ٽيپھريء جي وقت ساٿين کي روانگيءَ جي تياريءَ جو حڪم ڏنو ۽ خيمي کان ٻاھر اچي آذان چوڻ جو ارشاد فرمايو نماز کان پوءِ پاڻ خطبو ارشاد فرمايائون حمد ۽ ثنا کان پوء فرمايائون اي انسانو خدا کان ڊڄو ۽ حق کي سڃاڻو خلافت ۽ بيعت جي دعويدارن جي نسبت ڇا اسان جي نسبت کان وڌيڪ آھي ھرگز نه بلڪ حڪومت اقتدار ۽ بيعت جي طلب غير منصفاڻي آھي اگر توھانجي نيت توھان لکيل خطن جي مضمون جي خلاف آهي ته مان واپس ھليو ويندس
ان تي حر چيو مونکي انهن خطن جو ۽ ان جي متن جو ڪو به علم نه آهي جن جو توھان ارشاد فرمايو آهي ۽ مان ان خط لکڻ وارن مان نه آھيان بلڪه مونکي ھي حڪم مليو آهي ته توھان کي ابن زياد جي محل تائين پھچايان ھي ٻڌي امام عالي مقام قافلي وارن کي ارشاد فرمايو واپس موٽو جڏهن قافلو واپس ٿيڻ لڳو ته ته حر رستي جي رڪارٽ بڻجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته مونکي حڪم آھي ته اوھان کي ابن زياد جي محل تائين پھچايان
امام عالي مقام ارشاد فرمايو تنھنجي ماء توتي روئي خدا جو قسم مان تنھنجي پويان ھر گز نه ھلندس حر چيو مان اوھان سان جنگ تي معمور ناھيان بس مونکي حڪم آھي ته اوھان سان گڏ رھان جيسيتائين اوهان کي ڪوفي پھچايان اگر اوهان مونسان ھلڻ کان انڪار ٿا ڪيو ته اھڙي رستي تي ھلو جيڪو مديني جي طرف نه بلڪه ڪوفي جي طرف ھجي ته جيئن مان ابن زياد کي خط لکي صورتحال کان آگاهه ڪيان ۽ توھان بہ يزيد ڏانهن خط لکو ته جيئن ھن صورتحال مان نڪري سگھجي ۽ جنگ ۽ جدل کان بچي سگهجي امام عالي مقام عذيب ء قادسيہ جي کاٻي پاسي روانه ٿيا جڏھن پاڻ عذيب جي مقام کان 38ميل جي مفاصلي تي پھتا
ته ابن زياد جو قاصد اچي پھتو
صبح صادق جي وقت امام عالي مقام مقام بيضہ پھتا ء اتي نماز فجر ادا فرمايائون ۽ روانه ٿيا ظھر جي وقت مقام نيويٰ ۾ پھتا ابن زياد جي قاصد خط حر جي حوالي ڪيو جنھن ۾ لکيل ھئو جيئن ئي خط تووٽ پھچي منهنجو قاصد تووٽ پھچي ته حسين ابن علي تي سختي ڪر انھن کي نه لھڻ ڏي مگر بيابان ۽ بنجر زمين تي قاصد کي حڪم ھيو ته ابن زياد کي سڄي صورتحال جي خبر ڏني وڃي حر ابن زياد جو خط امام حسين عالي مقام کي پڙھي ٻڌايو امام عالي مقام فرمايو اسانکي نيويٰ يا غاضريہ جي مقام تي لھڻ ڏنو وڃي حر چيو ھي ممڪن نه آهي ابن زياد جو قاصد مون تي جاسوس مقرر آھي زھير عرض ڪيو محسوس ٿئي ٿو ته ھن کان پوءِ اسان کي وڌيڪ مشڪلاتون پيش اچڻ واريون آهن اي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جا فرزند ھن وقت حر جي لشڪر وڙھڻ آسان آهي بنسبت ان جي جو بعد ۾ ابن زياد جي لشڪر سان جنگ ڪرڻي پئي امام عالي مقام ارشاد فرمايو اي زھير تو سچ چيو مگر اسان کي جنگ جي شروعات ناھي ڪرڻي زھير قريب ئي فرات ندي آ اتي ھڪ بستي آھي جتي قدرتي انتظام موجود آهي ان بستيء جو نالو عقر ٻڌايو وڃي ٿو پاڻ فرمايائون الله جي پناھ عقر کان حر جو لشڪر ۽ امام عالي مقام جو لشڪر گڏ ھلندا رھيا جيسيتائين اچي ڪربلا پھتا ان ڏينهن محرم جي ٻين تاريخ ھئي ۽ خميس جو ڏينھن جمعي جي رات سن 61 ھجري ھئي امام عالي مقام کي وڌيڪ سفر کان روڪيو ويو امام عالي مقام کي به ڄڻ ازل کان ان مقام سان اُنس ھو ۽ پاڻ منتظر ھئا امامت جا فرائض سرانجام ڏيڻ لاءِ پاڻ قافلي وارن کي ارشاد فرمايائون اسان جو آخري قيام ھي آھي
تاريخ ھڪ روايت اھا به ملي ٿي ته جڏهن کين ڪربلا جي سرزمين نظر آئي ته فرمايائون ھي ڪرب يعني رنج ء بلا جو مقام آھي منھنجي والد امام علي عليه السلام جنگ صفين جي ويندي ھن ئي مقام تي لٿا ھئا مان ساڻن گڏ ھئس جڏهن پاڻ نشان ڪندا ويا ته ھتي انھن جون سواريون بيھنديون ھتي انھن جا خيما لڳندا ھتي سندن خون وھايو ويندو جڏهن کانئن پڇيو ويو ته ڪنهن جو فرمايائون رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي خاندان جو
ان کان پوءِ امام عالي مقام نشان ڪري سڀني کي ڏسيو ته ھي مقام سوارين جو آ ھي مقام خيمن جو آ ۽ ھي مقام جنگ جو آ ۽ ٻه محرم جمعي واري رات اتي قيام لاء خيما کوڙيا ويا
امام عالي مقام جو خاندان وارن کي خطاب
روايتن موجب ڪربلا ۾ قيام کان پوءِ امام عالي مقام پنھنجي خاندان جي سڀني جوانن کي خطبو ارشاد فرمايو
اللھم عترت نبيک محمد ً وقد اخرجنا وطردنا وازعجنا عن حرم جدنا وتعدت بنو اميه اللھم فخذلنا بحقنا وانصرنا علي القوم الظالمين
اي الله اسان تنھنجي نبي محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو خاندان آھيون جنھن کي شھر ۽ ديار کان ٻاھر ڪڍيو ويو آهي حيران ء پريشان ناني جي شھر مان ڪڍيو ويو آهي يا خدا بنو اميه اسان جي خلاف جارحيت اختيار ڪئي آ بس تون اسان حق انھن کان وٺ ۽ اسان جي ظالمن جي خلاف مدد فرماءِ
ان کا پوءِ پاڻ اصحابن ڏانهن رخ ڪري فرمايو ان الناس عبيد الدنيا والدين لعق علي السنتھم يحوطونہ مادرت معابشھم فاِذا محصوا بلبلاء قل الديانون
اي انسانو ماڻھو دنيا جا غلام آهن دين صرف سندن زبان تائين محدود آھي ان وقت تائين دين جا پھريدار آھن جيستائين سھولت ۽ آسانيءَ جي موسم آھي مشڪل ۽ آزمائش جي وقت ديندار تمام ٿورڙا آهن
ٻين محرم الحرام تي ميدان ڪربلا ۾ قيام دوران حر بن يزيد ابن زياد جي نالي ھڪ خط لکيو جنهن ۾ کيس سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو ابن زياد ان کان پوءِ ھڪ خط امام عالي مقام جي نالي تي لکيو جنهن ۾ ھي لکيو ته اي حسين ڪربلا ۾ قيام جو اطلاع مليو اميرالمؤمنين يزيد مونکي حڪم ڪيو ڏنو آهي پيٽ ڀري کاوان نه چين جي ننڊ سمھان جيسيتائين توکي قتل نه ڪيان (نعوذ باللہ) يا توکي يزيد جي حڪم جي تعميل تي آماده ڪيان
والسلام
روايت ۾ آهي ته امام عالي مقام ابن زياد جو خط پڙهي ۽ ڦاڙي اڇليو
۽ ارشاد فرمايو جن ماڻهن پنهنجي رضا ۽ خوشنودي کي الله ۽ رسول جي رضا ۽ خوشنودي کان مقدم رکيو اھي ڪڏهن ڪامياب نه ٿي سگھندا ابن زياد جي قاصد چيو يا ابا عبدالله الحسين خط جو جواب نه ڏيندؤ ارشاد فرمايائون ھن خط جو جواب الله رب العالمين جو دردناڪ عذاب آھي جيڪو عنقريب ان کي پھچڻ وارو آھي
ابن زياد جو قاصد واپس ھليو ويو ۽ سندن گفتگو وڃي ابن زياد جي سامهون دھرائي ۽ ابن زياد امام عالي مقام سان جنگ جي لاء لشڪر تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو


